تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آن لائن شاپنگ جو رجحان: ڇا اڳتي ائين ئي شاپنگ ٿيندي؟ شائسته لوڌي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ميزبان شائسته لوڌي پاڪستان جي موجوده صورتحال تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سوال ڪيو آهي ته “ڇا لاڪ ڊائون سان اسان جي شاپنگ ڪرڻ جو طريقو تبديل ٿي ويندو؟ انسٽاگرام تي شائستا لوڌي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هو بازار ۾ موجود آهي ۽ شاپنگ ڪري رهي آهي. تصويرون شيئر ڪندي شائسته لوڌي لکيو ته عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون سبب آن لائن شاپنگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو جو به ان ڏانهن رجحان وڌي رهيو آهي. شائسته لوڌي پنهنجي حوالي سان لکيو ته لاڪ ڊائون سبب منهنجي شاپنگ جي عادل تبديل ٿي وئي آهي. هن سواليا انداز ۾ لکيو ته ڇا لاڪ ڊائون سبب مستقل طور تي اسان جو شاپنگ ڪرڻ جو طريقو تبديل ٿي ويندو؟ ان کان اڳ شائسته لوڌي پنهنجي هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ انهن سڀني شوبز انڊسٽري جي اداڪارن جي تصويرن جو هڪ فوٽو ڪولاج شيئر ڪيو هو جن لاڪ ڊائون دوران شادي ڪئي. فوٽو ڪولاج شيئر ڪندي شائسته لوڌي لکيو هو ته عالمي وبا ڪورونا دوران آئيسوليشن ۾ رهندي سندس لاءِ واحد سٺي خبر شوبز ستارن جون شاديون آهن. هن لکيو ته عالمي وبا سچي محبتن جي رستي ۾ نٿي اچي ۽ سچي محبت ڪندڙ پنهنجي رستي تي آهن.

Bookmark the permalink.