تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

آمنا الياس کي به زندگي جو ساٿي ملي ويو، جلد ئي شادي جو باضابطا اعلان ڪندي

لاهور: (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره آمنه الياس پنهنجي لاءِ جيون ساٿي جي چونڊ ڪري ورتي آهي ۽ هن تمام جلد شادي ڪرڻ جا ارادا به ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.ميڊيا رپورٽ موجب آمنه الياس هڪ مشهور اداڪار جي محبت ۾ گرفتار آهي. ٻنهي جي ڪجهه وقت اڳ هڪ شوٽنگ جي دوران دوستي ٿي هئي جيڪا تيزي سان محبت ۾ بدلجي وئي.ٻئي هڪ ٻئي جي تمام گهڻو ويجهو اچي چڪا آهن ۽ جلد شادي ڪرڻ وارا آهن. آمنه الياس پنهنجي لاءِ جيون ساٿي جي چونڊ ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مان هن وقت ان جو نالو نٿي ٻڌائي سگهان پر ايترو ضرور آهي ته ان جو تعلق شوبز سان آهي ۽ اسان جي طبيعت ڪافي ملي ٿي جنهن جي ڪري اسان جلد شادي ڪنداسين. .هن چيو ته زندگي جو سڀ کان وڏو خواب هر ڇوڪري لاءِ اهوئي هوندو آهي ته کيس اهڙو جيون ساٿي ملي جنهن سان هن جي نه رڳو ذهني هم اهنگي هجي پر ان سان محبت به هجي،

هن چيو ته آئون خوش نصيب آهيان ڇاڪاڻ ته مون کي نه رڳو سٺو دوست ملي ويو آهي پر هو مونکي چاهي به ٿو ۽ اسان جي وچ۾ ذهني هم آهنگي به آهي.

Bookmark the permalink.