تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

آمريڪي پاپ ڳائڻي ميڊونا 62 بهارون ماڻي ورتيون

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي ميڊونا گذريل ڏينهن پنهنجي 62هين سالگرهه ملهائي. موسيقي جي دنيا دنيا ۾ ٽن ڏهاڪن کان مقبول ڳائڻي ميڊونا آمريڪي رياست مشي گن ۾ پيدا ٿي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ميڊونا کي ميوزيڪل تاريخ جي مقبول ترين عورت ڳائڻي قرار ڏنو ويو جڏهن ته ريڪارڊنگ انڊسٽري اسيوسيئيشن آف آمريڪا ميڊونا کي ويهين صدي جي مقبول ترين ڳائڻي قرار ڏنو. سندس 25 ورهين جي فني ڪيريئر ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ميوزڪ البم دنيا ۾ وڪرو ٿي چڪا آهن ان کانسواءِ ميڊونا ويهه کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر به ڏيکاري چڪي آهي. ميڊونا هڪ ئي وقت ڊانسر، سنگر، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، فيشن ڊيزائنر، ليکڪه ۽ داڪارا به آهي ۽ ميڊونا کي اڄ تائين سڄي دنيا ۾ شوق سان ٻڌو وڃي ٿو.

Bookmark the permalink.