تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آمريڪي شاگردياڻي رياضي جو پنجاهه سال پراڻو سوال حل ڪري ورتو!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ پي ايچ ڊي جي شاگردياڻي رياضي جو 50 سال پراڻو هڪ سوال واندڪائي واري وقت ۾ هڪ هفتي کان به گهٽ وقت ۾ حل ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب ليزا پڪاريلو نالي شاگردياڻي يونيورسٽي آف ٽيڪساس ۾ پنهنجي مقالي تي ڪم ڪري رهي هئي. هو يونيورسٽي ۾ رياضي جي ماهر پروفيسر ڪيمرون گورڊن سان ڳالهائي رهي هئي ته هن مسئلي بابت پنهنجي حساب جو ذڪر ساڻس ڪيو. ليزا پڪاريلو سائنسي خبرن جي ويب سائيٽ قوانٽا سان ڳالهائيندي چيو ته پروفيسر دانهن ڪندي چيو ته توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي، جيئن هو ديوانو ٿي ويو هجي. ڪانوي ناٽ جو مسئلو سڀ کان پهريان برطانوي رياضي دان جان هورٽن ڪانوي 1970ع ۾ پيش ڪيو هو پر ليزا پڪاريلو کي پهريون ڀيرو ان مسئلي جي ڄاڻ 2018ع ۾ هڪ سيمينار دوران پئي هئي. پروفيسر گورڊن چوي ٿو ته منهنجو خيال ناهي ته شاگردياڻي کي ان ڳالهه جو احساس هو ته هي ڪيترو پراڻو ۽ مشهور مسئلو آهي. ليزا پڪاريلو جو مقالو هن سال جي شروعات ۾ اينلز آف ميٿيميٽڪس نالي رسالي ۾ شايع ٿيو ۽ هن مسئلو جو حل ڪڍڻ کانپوءِ کيس ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي. اسپين ۾ رياضي جي ماهر ۽ محقق هيويئر اراميونا جو چوڻ آهي ته ڪانوي ناٽ جو مسئلو ڊگهي وقت کان حل طلب هو ۽ وڏن وڏن رياضي دانن هن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.