تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آمريڪي ريسٽورينٽ ۾ سماجي وٿي لاءِ بمپر ٽيبلز جو استعمال

ڪراچي (دلچسپ نيوز) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪيل لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪيترن ئي ريسٽورينٽس به حفاظتي اپاءَ وٺندي سروس شروع ڪري ڇڏي آهي پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ هڪ ريسٽورينٽ صارفين کي سماجي وٿي اختيار ڪرڻ لاءِ بمپر ٽيبلز جي آڇ ڪري رهيو آهي. ميري لينڊ جي هڪ ٻيٽ تي موجود ريسٽورينٽ صارفين لاءِ اهڙيون ٽيبلز رکيون آهن جيڪي ٽيوب سان ٺهيل آهن ۽ انهن هيٺان ڦيٿا لڳل آهن. انهن ٽيبلز ذريعي ريسٽورينٽ ۾ ايندڙ ماڻهو هڪ ٻئي کان 2 ميٽر وٿي تي رهندي کاڌو کائي سگهن ٿا. واضح رهي ته ان کان اڳ سوئڊن ۾ سماجي وٿي تي خاص عمل ڪندي هڪ اهڙو ريسٽورينٽ کوليو ويو هو جنهن ۾ هڪ ڏينهن ۾ رڳو هڪ ئي شخص کاڌو ٿئي سگهيو ۽ اتي ويهڻ لاءِ رڳو هڪ ئي ٽيبل رکي وئي هئي.

Bookmark the permalink.