تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آريانا گرانڊي بڻجڻ جو ڪو شوق ناهي: آئيمه بيگ

آئيمه بيگ اردو-اسپينش گانو تي ڪيريو ڳائي مقبول ٿي وئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور ڳائڻي آئمه بيگ تازو اسپينش ۽ اردو ٻولي ۾ گانو تي ڪيريو رليز ڪيو هو جنهن جي واکاڻ ڪئي وئي جڏهن ته اداڪارا جون سامهون آيل ڪجهه تصويرون ڏسڻ کانپوءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ مٿس الزام لڳايو ويو ته هن مشهور ڳائڻي آريانا گرانڊي جو انداز ڪاپي ڪيو آهي. خاص طور تي آئمه بيگ وارن جي انداز ۽ سندس طرفان پوني پهرڻ کانپوءِ مٿس الزام لڳايو ويو ته هو آمريڪي ڳائڻي آريانا گرانڊي بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تنقيد کانپوءِ آئيمه بيگ وضاحت ڪئي ته کيس آريانا گرانڊي بڻجڻ جو ڪو شوق ناهي. اداڪارا لائيو انسٽاگرام سيشن دوران اعتراف ڪيو ته هن آريانا گرانڊي جيان پنهنجا وار سينگاريا ۽ پوني لڳائي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته کيس آمريڪي ڳائڻي جهڙو بڻجڻ جو شوق آهي. اداڪارا وضاحت ڪئي ته ڪير به آريانا گرانڊي جيان وارن ۾ پوني لڳائڻ سان ان جو جهڙو ناهي بڻجي ويندو ۽ هو به وار سينگارڻ سان آريانا گرانڊي جيان نه بڻجي ويندي.

Bookmark the permalink.