تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

آريانا انسٽاگرام تي 20 ڪروڙ فالوورز ماڻيندڙ پهرين عورت بڻجي وئي

سڀ کان ننڍي عمر واري فنڪارا جا ايترا فالوورز هجڻ جو به اعزاز آريانا جي نانءِ

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هيل تائين ڪرسٽيانو رونالڊو انسٽاگرام تي 23 ڪروڙ 70 لک فالوورز حاصل ڪندڙ دنيا جو پهريون مرد آهي پر آمريڪي ڳائڻي آريانا گرانڊي به 20 ڪروڙ فالوورز ماڻيندڙ پهرين عورت بڻجي وئي آهي. 27 ورهين جي ڳائڻي هلندڙ هفتي انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ عورت بڻي. آريانا گرانڊي جي مقبوليت ۾ گذريل ڪجهه مهينن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. هاڻي هو هيل تائين سڀ کان ننڍي عمر جي شوبز شخصيت به آهي جنهن جا ايترا فالوورز ٿي ويا آهن.

Bookmark the permalink.