تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

آئيسوليشن ۾ خبر پئي ته ٻار ڌيان جا طلبگار هوندا آهن: جولي

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا اينجلينا جولي چيو آهي ته آئيسوليشن ۾ رهندي احساس ٿيو ته ٻار والدين کي پرفيڪٽ ڏسڻ بدران پيار سان ڀرپور ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان کي گهر ۾ ٻارن سان وقت گذاريندي محسوس ٿيو ته ٻار والدين ۾ اصول ۽ قانون ڏسڻ بدران پيار ۽ ڌيان جا طلبگار هوندا آهن ۽ کين پنهنجي والدين جي مدد ڪرڻ به سٺو لڳي ٿو. هن مداحن کي اپيل ڪئي ته هن وقت سڀ والدين پنهنجي ٻارن کي وقت ڏين گهرن ۾ ساڻس گڏ وقت گذارين ۽ انهن ڏانهن ڌيان ڏين.

Bookmark the permalink.