تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

آئما بيگ ۽ هادي اپل جي اردو-اسپينش گاني جي ڌم

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور ڳائڻي هادي اپل ۽ آئما بيگ اسپينشن ٻولي جا لفظ گڏائي پنهنجو نئون گانو تي ڪيريو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ڳائڻن پهريون ڀيرو پنهنجي گاني ۾ اسپينشن ٻولي جا ڪجهه لفظ شامل ڪيا آهن جڏهن ته گاني جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي. فنڪارن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي گاني جي وڊيو شيئر ڪندي مداحن سان اميد جو اظاهر ڪيو ته هو سندس گاني کي پسند ڪندا. ڳائڻي پوسٽ ۾ گانو شيئر ڪندي لکيو ته هن ۽ سندس ٽيم گاني کي تيار ڪرڻ ۾ محنت ڪئي، ان ۾ هنن لاڪ ڊائون سبب ڏکيائيون به ڏٺيون ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو جيئن هو وقت تي گانو رليز نه ڪري سگهندا. اڻ ٿڪ محنت کانپوءِ تي ڪيريو کي جاري ڪيو ويو ۽ يقين آهي ته مداحن کي سندس ۽ هادي اپل جو هي گانو ضرور پسند ايندو. ٻئي پاسي هادي اپل به پنهنجي پوسٽ ۾ گاني جي تياري ۾ ساٿ نڀائڻ تي آئما بيگ ۽ ٻين ميمبرن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته مداحن کي گانو پسند ايندو. جن اسپينشن ٻولي جي لفظن کي شامل ڪيو ويو آهي اهي محبت جي اظهار، محبوب کي ياد ڪرڻ ۽ اظهار عشق جي جذبات کي بيان ڪن ٿا. ڳائڻن گاني جو عنوان به اردو بدران اسپينش ٻولي ۾ رکيو آهي. گاني کي رڳو 12 ڪلاڪن ۾ يوٽيوب تي 40 هزار کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

Bookmark the permalink.