تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

Sense of Déjà Vu……اڳ ڏٺل منظر يا “ڊيجا ويو” ڇا آهي؟ …..علي رضا قاضي

اهو پهريون ڀيرو ڪو نه هو، جو منهنجي دوست ۽ ساڻ پي ايچ ڊي ڪندڙ انور خان ڪليري چيو ته “پاڻ جن منظرن مان گذرون پيا، اهي مون پهريائين به ڏٺا آهن!” جيتوڻيڪ، ان جڳهه تي اسان پهريون ڀيرو آيا هئاسين. انور جي اها ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير ته مان حيرت ۾ پئجي ويس، ته ايئن ڪيئن هوندو؟ پر ساڳي وقت ياد آيو ته اهو سڀ ڪجهه مون سان به ٿيندو رهيو آهي. اوچتو ئي اهڙا منظر سامهون اچيو وڃن، جن بابت توهان سوچڻ شروع ٿي ويندا آهيو ته هي ڳالهيون، هي شيون، هي منظر، توهان اڳ به ڏسي چڪا آهيو!
اهي سڀ حيرت ۾ وجهندڙ نظارا هوندا آهن. نفسياتي سائنس جي ٻولي ۾ اڳ ڏٺل منظرن واري سوچ يا تصور کي Deja Vu سڏجي ٿو، جيڪو انگريزي ٻولي جو اصطلاح آھي ۽ ان جو بنياد فرانسيسي زبان جي هڪ لفظ مان ورتو ويو آهي، جنهن جو مفهوم آهي: “پهرئين ڏٺل”.
هڪ تحقيق مطابق اسان مان 75 سيڪڙو ماڻهن کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو Deja Vu جو تصور ضرور ايندو آهي، جڏهن ته ان جي سببن بابت پوري طرح معلوم ناهي ٿي سگهيو!
“ڊيجا ويو” ڇا آهي؟ ان بابت جڏهن ڊاڪٽر اسحاق سميجي کان معلوم ڪرڻ جي چاهيو ته ڊاڪٽر صاحب جو جواب ڪافي قدر تز ۽ سادي پيرائي ۾ بيان هو. ڊاڪٽر سميجي، جڳ مشهور فلاسفر ڪانٽ جي هڪ نڪتي کي واضح ڪيو: ڪانٽ چيو هو: دماغ جا 3 مکيه حصا ٿين ٿا: شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور.
شعور: اهو سڀ ڪجهه جيڪو، پاڻ حواسن جي ذريعي محسوس ڪريون ٿا يا انساني ذهن جي بيداري جي حالت کي شعور چئجي ٿو. اهڙي ريت لاشعور جو مثال، گهر جي ان اسٽور روم جيان آهي، جنهن ۾ اسان شيون سنڀالي رکندا آهيون ته ڪنهن به وقت ڪم اچي سگهن ٿيون ۽ پوءِ وقت اچڻ تي انهن کي کڻي استعمال به ڪريون ٿا. دماغ جو اهو حصو جنهن ۾ ڳالهيون اسٽور ٿينديون رهن، ان کي لاشعور چئجي ٿو. بقول ڪانٽ جي، تحت الشعور مان مراد گهر جو اهو اونداهو ڪمرو آهي، جنهن ۾ شيون ته پيل آهن، پر اسان کي انهن جو ادراڪ ناهي يا اهي شيون ترتيب سان ڪهڙي هنڌ تي پيل آهن، ڪڏهن جي هٿوراڙي هڻڻ سان ڪا شئي سامهون اچي وڃي ته حيران ٿيون وڃون ٿا.
ڊاڪٽر سميجي مطابق “ڊيجا ويو” جو تعلق دماغ جي تحت الشعور واري حصي سان آهي. اهو به ممڪن آهي ته اهي تجربا اسان جي جين ۾ وراثت ۾ آيل هجن. مثال طور، ان ساڳي جڳهه تي اسان جو ڪو ابو ڏاڏو آيو هجي. ساڳيو منظر اسان جي وراثت ۾ اچي ويو هجي.
انسان مٿان جڏهن “ڊيجا ويو” جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ته شعور هن کي آگاهه ڪندو آهي ته اهڙو ڪجهه به ناهي، پر پوءِ به اسان گهڙي کن لاءِ ان منظر ۾ گم ٿي وڃون ٿا. ڪجهه سال اڳ بي بي سي تي هڪ معاملو رپورٽ ٿيو، جنهن ۾ هڪ 23 سالن جي برطانوي نوجوان شخص جو پروفائيل سامهون آيو. رپورٽ مطابق، ان نوجوان ڇوڪري تي هر گهڙي “ڊيجا ويو” جي ڪيفيت طاري هوندي هئي. بعد ۾ ان نوجوان جي دماغ جو اسڪين ڪيو ويو، نتيجي ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه سامهون نه آئي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هن کي ڪو اعصابي مسئلو آهي. رپورٽ آڌار ماهرن “ڊيجا ويو” کي نفسياتي معاملي ۾ رکيو. انهي سڄي معاملي تي گهري نظر رکندڙ ڊاڪٽر ايلن برائون جو چوڻ هو ته: “ماڻهن کي “ڊيجا ويو” جي ڪيفيت پهريون ڀيرو تقريبن 6-7 سالن ۾ ٿيندي آهي، جيڪا 25 سالن تائين پنهنجي عروج تي رهي ٿي. جيئن انسان پوڙهو ٿئي ٿو ته اها ڪيفيت وقت گذرڻ سان گڏ گهٽبي وڃي ٿي، تان جو پاڻهي ختم ٿيو وڃي”. ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته انسان ان وقت هن ڪيفيت ۾ مبتلا ٿئي ٿو، جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦڙڪي ٿي، نتيجي ۾ بلڪل 2 غير متعلق خيال پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا. هو ان سڄي عمل کي اک جي ڦڙڪڻ سان ڀيٽين ٿا.
ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته “ڊيجا ويو” کي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ناهي. اهي توهان جا خواب ئي هوندا آهن، جيڪي توهان کي مستقبل جون شيون ڏيکاري گم ٿي ويندا آهن ۽ وري وقت اچڻ تي ياد اچي ويندا آهن. گهڻا ماڻهو، ان سڄي عمل کي خوبصورتي سان تعبير ڪن ٿا. هنن جي بقول اهو سڀ ڪجهه انڊلٺ جيان آهي. رنگين ۽ دلفريب، جنهن جي وضاحت جي ڪابه ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه روحاني تجربو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *