تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

Power, Pleasure and Pride طاقت، خوشي ۽ فخر ……ڊاڪٽر هريش ٿارواڻي

ماڻهو جو جنم سندس چوائس نه هوندي آهي، پر موت ٿي سگهي ٿو. ماڻهو جو جنم دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ ٿئي ٿو، سندس مذهب، نسل، ثقافت، قبيلو ڪهڙو آهي، سوشيو- اڪانامڪ گروپ ڪهڙو آهي، ان تي ڪنهن جو به اختيار نه هوندو آهي. هر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ طاقت، خوشي ۽ فخر حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندو آهي ۽ پوري زندگي ان لاءِ ڪوشش به ڪندو رهندو آهي، ته جيئن هو پنهنجي زندگي کي ڪا معنيٰ ڏيئي سگهي. تحقيق مان معلوم ٿئي ٿو ته اها ڪيفيت ٻار جي ڄمڻ کان ئي شروع ٿئي ٿي. هڪ ننڍڙي ٻار کي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو ساءُ محسوس ٿيندو آهي، ٻار ڳالهائڻ مان کين سڃاڻي وٺندا آهن ۽ ساڳي ريت ٻين ماڻهن کي به ايئن ئي سڃاڻندا آهن. ٻار جي ماءُ جڏهن خوش هوندي آهي، اداس يا ڪاوڙيل هوندي آهي، ته ٻار کي لفظن يا خاموشي مان ئي ان جي خبر پئجي ويندي آهي. جيتوڻيڪ، ننڍو ٻار ڀلي ڳالهائي نه سگهندو هجي، پر خاموشي جي ٻوليءَ ذريعي هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي جذباتي ڪيفيت کي سمجهي ويندو آهي. جيئن ئي والدين يا ڀينر ۽ ڀائر ٻار سان لهه وچڙ ۾ ايندا آهن، ته نيوروبائلاجي (نيورو ٽرانسمٽرس، نيورو پيپٽائيڊس، هارمونس، سائيٽوڪائينز ۽ ٻيا ڪئميڪلس) تبديل ٿيندي آهي. ماءُ جي ٻار کي ڀاڪر پائڻ، مٺو ڏيڻ يا گڏ سمهڻ سان ٻار ۽ ماءُ ٻنهي ۾ آڪسيٽوسن (پيار يا لڳاءُ وارو هارمون) وڌندو آهي. هڪ ٻار پنهنجي شروعاتي 6 مهينن کانپوءِ تحفظ، پيار، ڪيئر گڏ پنهنجو پاڻ ۾ اعتماد جو احساس به محسوس ڪندو آهي. ايپيجينيٽڪس epigenetics انساني جين، ٻاهر جي ماحول ۽ دماغ جي نيورو بائلاجي جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي يا تعلق کي چيو ويندو آهي. ٻار جي دماغ ۾ لاڳيتو سيليولر ڊويزن Cellular division جي ڪري هن جو والدين خاص ڪري ماءُ سان ڳانڍاپو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هڪ ٻار 18 کان 25 سالن جي ڄمار ۾ جيڪو ڪجهه سکي ٿو، اهي تجربا پوءِ سڄي عمر لاءِ سندس دماغ جو حصو ٿي رهجي ويندا آهن. دلچسپ ڳالهه ته اهي ڳالهيون تعليم، ڪائونسلنگ، ٿراپي يا ڪنهن بيماري جي ڪري به تبديل ٿي سگهن ٿيون يا انهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي ۽ تبديلي ماڻهو جي پنهنجي هٿ ۾ آهي. پر بدقسمتيءَ سان ماڻهو لاشعوري طور تي تڪليفن کي ڀوڳيندا رهندا آهن، جنهن جا نه فقط پنهنجي شخصيت پر ڪٽنب، دوستن ۽ آسپاس جي ماڻهن تي به اثر ٿيندا آهن.
طاقت:

انساني دماغ ۾ ڪيترائي سرڪٽ هوندا آهن، هڪ انسان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين طاقت ڪيئن ٿو حاصل ڪري يا طاقت بابت ڪيئن ٿو ڳالهائي، ان ۾ انهن سرڪٽس جو وڏو ڪردار هوندو آهي. ٻار کي جڏهن بک لڳندي آهي ته هو ماءُ اڳيان رڙيون ڪندو آهي. پيرڙا کڻندڙ هڪ ٻار ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي رانديڪي جي خواهش جو اظهار ڪندو آهي، جڏهن ته هڪ نوجوان ڇوڪرو يا ڇوڪري موبائل فون، سائيڪل، ڪار، سٺن ڪپڙن، جوتن يا ميڪ اپ وغيره جي حاصلات ۾ پنهنجي طاقت ڏسندا آهن، انهن کي اهڙين شين جي اگهن ۽ انفراديت بابت ڳالهائڻ سٺو لڳندو آهي. جڏهن ته 20، 30 ۽ 40 سالن جي عمر جا ماڻهو وري ٻين کي پنهنجي تعليمي ڪارنامن، سٺن گريڊن، پئسن، گهرن يا بنگلن جي تعداد، زمين، ڪاروبار، دوستين ۽ لاڳاپن بابت ڳالهيون ٻڌائي سرهائي محسوس ڪندا آهن. 50 سالن جا ماڻهو هميشه عهدن، ڪاميابين، بئنڪ اڪائونٽ، سيونگ، تعلقات، ڪارن جي تعداد، زيورن ۽ امپورٽيڊ ڪپڙن وغيره تي ڳالهائيندا آهن. ڪنهن حد تائين ته اهي ڳالهيون ٺيڪ آهن پر غير ضروري حد تائين انهن بابت ڳالهائڻ ۽ سوچڻ وارو عمل ماڻهو جي ننڍپڻ واري ذهنيت، پريشاني، عدم تحفظ، محرومي جي عڪاسي ڪري ٿو.
خوشي:

هر ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ خوشي ۽ تسڪين حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندو آهي. هڪ ٻار کي ماءُ جي ڀاڪر يا چميءَ مان خوشي ملندي آهي، هڪ وڏي ٻار کي جڏهن سندس ماءُ بهتر رويي (بستر يا ڪپڙن ۾ پيشاب نه ڪرڻ، ڪنهن نامناسب جاءِ تي ڪاڪوس نه ڪرڻ ۽ ڍنگ سان ڪپڙا وغيره پائڻ) يا هڪ جيڏن سان راند روند ۾ ڪاميابي وغيره تي داد ڏيندي آهي ته هو خوشي محسوس ڪندو آهي. هڪ نوجوان کي وري ان وقت خوشي ملندي آهي جڏهن هو امتحان ۾ سٺا گريڊ کڻندو آهي، پئسا ڪمائڻ لڳندو آهي، دوستن وغيره سان ڪافي، چانهه يا وائين پيئندو آهي. هن عمر ۾ دوستيون يا روماني لاڳاپا ٻين ڳالهين يا شين کان وڌيڪ تسڪين ڏيندڙ هوندا آهن. هڪ وڏو فرد پنهنجي اولاد جي حاصلاتن ۽ ڪاميابين مان خوشي محسوس ڪندو آهي، يا جڏهن ٻار ساڻس ملڻ ويندا آهن، يا انهن جون شاديون ٿيندو آهن ۽ پوٽا ڏوهٽا ٿيندا آهن ته به کيس خوشي محسوس ٿيندي آهي.
فخر:

هر ماڻهو فخر محسوس ڪرڻ چاهيندو آهي، کيس ڪنهن ملڪ، مذهب، رنگ، نسل، ثقافت، سوشيو- اڪانامڪ گروپ، قبيلي وغيره سان ڳانڍاپو هئڻ تي فخر هوندو آهي. دلچسپ ڳالهه ته ماڻهو پنهنجي ملڪ يا ڌرتيءَ کي عطا ٿيل نعمتن بابت ڳالهائيندي فخر محسوس ڪندا آهن، يا اهو دليل ڏيندا آهن ته سندن مذهب ڪيئن ٻين مذهبن کان مختلف ۽ بهتر آهي. ساڳئي ريت ماڻهو پنهنجي نسلي جوڙجڪ، رنگ، جسم جي بناوٽ وغيره بابت ڳالهائيندي ٻين کي پاڻ گهٽ يا نيچ سمجهڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن، اهي ٻين جي لسانيت تي ڳالهائيندي ٽهڪ ڏيندا آهن، پاڻ کان گهٽ آمدني يا ملڪيت رکندڙ ماڻهن کي پنهنجي لائق نه سمجهندا آهن، جيتوڻيڪ، انهن سڀني ڳالهين ۾ انهن جي پنهنجي چوائس نه هوندي آهي، پوءِ به ماڻهو ايئن محسوس ڪرائيندا آهن، ڄڻ انهن جو ڏوهه هجي. جيتوڻيڪ، فخر اهم آهي پر اهو مريضاڻه حد تائين نه هئڻ گهرجي، ان سان ڪنهن به ٻئي انسان کي نقصان نه پهچي ۽ ان جا جذبا مجروح نه ٿين.
پيغام:
اسان سڀني کي قدرت پيدا ڪيو آهي، ان ئي اسان جي جينياتي، نيوروبائلاجي واري جوڙجڪ ڪئي آهي. جنهن ماحول ۾ اسين رهون ٿا، اهو به قدرت جو ئي عطا ڪيل آهي. اسان جي شروعاتي جذباتي زندگيءَ ۾ والدين جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جنهن ۾ پيار، اعتماد، عزت، احترام، نفرت، ڪاوڙ ۽ انتقام جو جذبو وغيره اچي وڃن ٿا. پر ماڻهو پنهنجي تعليم ذريعي لاشعوري طور ۽ ڪائونسلنگ، ٿراپي ۽ لاڳيتو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ سان شعوري طور تي ڪجهه نيون ڳالهيون اپنائي ۽ ڪجهه پراڻيون ڳالهيون پنهنجي ذهن مان ڪڍي به سگهي ٿو. تبديلي توهان جي بهتر ۽ معياري زندگي لاءِ هڪ آپشن نه، پر چوائس آهي.

پڙهندڙن لاءِ اعلان

ڊاڪٽر هريش ٿارواڻي (ايم ڊي، ڊي ايف اي پي اي) سائڪياٽري جو پروفيسر آهي ۽ امريڪن بورڊ طرفان جنرل سائڪياٽري، سائڪو، سوميٽڪ ۽ سائڪو فارماڪولاجي ۾ سند يافته آهي. جيڪو “پنهنجي اخبار” ۾ هر آچر تي نفسيات بابت مضمون لکندو آهي. پڙهندڙ هاڻ ڊاڪٽر صاحب کان نفسيات سان لاڳاپيل مسئلن، مونجهارين ۽ بيمارين بابت هيٺ ڏنل اي ميل تي سوال پڇي سگهن ٿا. سوال سان گڏ عمر به لازمي لکي وڃي. سوال ڪندڙ جي مرضي تحت سندس سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي ويندي.
[email protected]

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *