تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

هن ڀيري ايڪتا ڏهاڙو ڀرپورنموني ملهائينداسين: پنهنجي اخبار

ايڪتا ۽ ثقافتي ڏهاڙو ”ڪراچي سنڌ آهي“ جي سري هيٺ ملهايو ويندو:ترجمان پنهنجي اخبار

نواز شريف ٻاهر وڃي مودي کي فون ڪندو هو:شيخ رشيد

نواز شريف اُساما بن لادن سان ڪيتريون ملاقاتون ڪيون. هو 10 سوالن جا جواب ڏئي:پريس ڪانفرنس

ٽيليفون ڊيٽا ظاهر ڪئي ته ملڪ ۾ قيامت اچي ويندي: شيخ رشيد

نواز شريف کي اقتدار مان نيڪالي ڏيارڻ واري مريم آهي، پاڪ فوج جي ترجمان هجڻ تي فخر آهي

پارٽي اڳواڻ عسڪري قيادت سان ملاقات نه ڪن: نواز شريف

تازن واقعن مان هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ٿئي ٿو ته ڪجهه ملاقاتن تي پردو رکيو وڃي ٿو: نواز شريف جو ٽويٽ

کنڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان ۽ عثمان بُزدار ملوث آهن:شهباز شريف

هڪ رُپئي جي ڪرپشن به ثابت ٿئي ته منهنجي مرده جسم کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي:پريس ڪانفرنس

بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، رئوف صديقي بري

ادارن خلاف بيان ڀارتي لابي کي خوش ڪرڻ آهي:وزيراعظم

اي پي سي جي فيصلن سان ڪنهن کي به پريشان نه ٿيڻ گهرجي: عمران خان جون پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ ڳالهيون

حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت بحال ڪنداسين:زرداري

اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: اي پي سي کي خطاب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هي جمهوريت ناهي، ايئن ملڪ ناهن هلندا، ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون،اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت بحال ڪنداسين، ٻن سالن تائين ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري اي پي سي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران چيو آهي ته پرويز مشرف کي ٽي وي تي ڏيکاري سگهجي ٿو ته نواز شريف کي ڇو نه؟ ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن ۽ ٻڌندا رهندا، اي پي سي خلاف موجوده حڪومت مختلف ٽڪساٽ استعمال ڪيا، اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي، خطاب دوران آصف زرداري چيو ته توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جيل ۾ ملڻ ايندو، اي پي سي ۾ اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي، جنهن سان جمهوريت بحال ٿئي، مريم نواز تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، کيس سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هي جمهوريت ناهي، ايئن ملڪ ناهن هلندا، ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون،اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت بحال ڪنداسين، ٻن سالن تائين ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري اي پي سي کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران چيو آهي ته پرويز مشرف کي ٽي وي تي ڏيکاري سگهجي ٿو ته نواز شريف کي ڇو نه؟ ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن ۽ ٻڌندا رهندا، اي پي سي خلاف موجوده حڪومت مختلف ٽڪساٽ استعمال ڪيا، اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي، خطاب دوران آصف زرداري چيو ته توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جيل ۾ ملڻ ايندو، اي پي سي ۾ اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي، جنهن سان جمهوريت بحال ٿئي، مريم نواز تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، کيس سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون.

پي ٽي آءِ سرڪارکي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اپوزيشن سندرا ٻڌي ورتا

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ اڳوڻو صدر آصف زرداري جي اي پي سي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا

سنڌ ۾ ٻئين مرحلي ۾تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو ملتوي

تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، ٻئين مرحلي ۾ ادارا کولڻ جو فيصلو هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي:سعيد غني

بلاول ڀٽو جو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان فون تي رابطو

پيپلزپارٽي نوازشريف کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت جِي دعوت ڏئِي ڇڏي

آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو

نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا

پاڪ افغان_ايران سرحدن تي18مارڪيٽس قائم ڪرڻ جو فيصلو

وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدن تي 18 بارڊر مارڪيٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مروه ڪيس:گرفتار ٻن جوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا

ٻن افغانين فيضو ۽ عبدالله جاچ دوران ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو، پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار

اپوزيشن وارن مني لانڊرنگ ناهي ڪئي ته ڊڄن ڇو ٿا:وزيراعظم

مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪرپشن تي هرگز نه ڪنداسين: عمران خان

1 2 3 70