تازا ترين
  • *سنڌڙي: ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون، 15دڪان سيل *اي سي سنڌڙي پاران ٻارهون ميل، هنڱورنو ۽ ڦلھڏيون ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا *
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

لاڙ پٽي ۾ پاڻي بحران وڌي ويو، فصل سڪڻ لڳا، ڏڪار واري صورتحال سبب لڏپلاڻ، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

ٽنڊو غلام حيدر، شادي لارج، ٽنڊو محمد خان، بدين ۽ ٺٽو سميت ٻين ضلعن ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي

پاڻي کوٽ سبب فصل سڪي رهيا آهن، زمينون بنجر ٿين پيون،ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي: رهواسي

سجاول ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن پگھار نه ملڻ تي پاڻي سپلاءِ بند ڪري ڇڏي، ڏيڍ لک آبادي سخت پريشان

مختلف پاڻي اسڪيمن تي ڪم ڪندڙ 98 ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن کي 6 مھينن کان پگھارون نه مليون

پاڻي بند ٿيڻ ۽ ملازمن کي پگھار نه ملڻ جو نوٽيس ورتو آھي (اي سي) ملازمن کي جلد پگھار جاري ڪئي ويندي:هيلٿ انجنيئر

بدين ضلعي اندر خودڪشين ۾ واڌ، مهيني ۾ 24 واقعا، 14 ڄڻا زندگي ختم ڪري چڪا

جون ۾ ڳوٺ پينگھر خاصخيلي جي رهواسڻ 24 ورهين جي طلاق ڏنل شريمتي انيلا ڪولهي خودڪشي ڪئي

، لواري شريف جي رهواسڻ فرزانا جوڻيجو گهرو اڻبڻت تان خود ڪشي ڪري ڇڏي

ٺٽي ۾ 20 کان مٿي ڪريڪس تي بااثرن جا قبضا، مهاڻن کان مبينا ڀتو ۽ زوري سستي مڇي وٺڻ جو انڪشاف

جنگيسر تڙ، ٻاٻيو، ڦاٽ، سڄڻ واري، کاروڇاڻ، جوهو، ڪيٽي بندر، پارڙو ۽ ٻين تڙن تي مڇي جي نيلاميوارين مڏين تان مهاڻن جي مالڪي ختم

ڀتو وٺندڙن کي مبينا طور سياسي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري هتان جي پوليس پڻ انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان بيوس بڻيل

لاڙ جي سامونڊي پٽي ۾ ڪارڙي تتر جي نسل ڪشي، شڪاري ڍٻون، دامن ۽ رڇ کڻي پهتل

ميرپور ساڪرو ۽ ڀرپاسي مان ماري تتر پڪڙي سيالڪوٽ، ليه، بهاولپور ۽ چولستان ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ لڳا

مختلف جاين تي شڪاري ڍٻون، دامن ۽ خطرناڪ رڇ ذريعي تتر پڪڙڻ لڳا، بااثر مهمانن جي آئوڀڳت لاءِ به شڪار ڪن ٿا

بدين جي سامونڊي پٽي ۾ 5 سالن کان پاڻي نه پهتو، ڏڪار واري صورتحال، هزارين ماڻهن جي لڏ پلاڻ

بدين ۽ گولاڙچي تعلقن جي 15 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ پاڻي پهچڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي

پاڻي کوٽ سبب علائقي ۾ مال جو چارو به ختم، زمين پوٺو ٿي وئي، ماڻهو ، چوپايو مال، جھنگلي جيوت، پکي پکڻ اڃ مرڻ لڳا

ڪلوئي ۽ ڀرپاسي جي 60 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي جي فراهمي بند، پبلڪ هيلٿ وارن ڪنيڪشن ئي ڪاٽي ڇڏيا

ڍاڍارو پمپنگ اسٽيشن تائين پائپ لائن ذريعي پاڻي پهچائڻ جو منصوبو صرف ڪلوئي ۽ ڏيپلو شهرن تائين محدود ٿي ويو

منصوبي تحت جوڙيل ڪيتريون ئي ٽانڪيون زبون ٿيل، انتظاميا مرمت ڪرائڻ بدران انهن جا پاڻي ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيا

ماتلي ۾ ايشيائي بينڪ جي سهڪار سان ٺهيل گٽر نالو غلط پلاننگ سبب ناڪارا، 65 ڪروڙ رپيا ٻڏي ويا

ٺيڪيدار پاران مبينا طور غير معياري ڪم ۽ غلط پلاننگ ۽ غلط ڊزائين گٽر نالي کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪارا بڻائي ڇڏيو

گٽرن جو پاڻي اچڻ تي گٽر نالو پاڻي جو پريشر برداشت ڪري نٿو سگھي، ڪيترن ئي ھنڌن تان نالو ڦاٽي ابتو وھڻ لڳو

ڪلوئي ۽ ڏيپلي ۾ مها ٻوڏ دوران تباهه ٿيل روڊن جي مرمت نه ٿي، رهواسي 10 سالن کان سفري سهولتن کان محروم

ارباب رحيم جي وڏ وزارت واري دور ۾ ٺهيل ڪلوئي کان ڏيپلو، ونگو پتڻ کان علي بندر، ونگو کان ساڪرو روڊ مها ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا

ڪلوئي فارم ڪلوئي کان زيرو پوائنٽ فانٽ فارم، اتان کان باغڻ پتڻ، ڪلوئي کان ڪوٽ ارباب مير محمد ڪلوئي ۽ چڙيل ويندڙ لنڪ روڊ تباهه

بدين ۾ هڪ ارب رپين جا فلٽر پلانٽ ناڪارا، 20 لک کان وڌيڪ آبادي گندو ۽ سنکيو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور

واهن ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ جر کارو ٿيڻ بعد هڪ ارب جي لاڳت سان لڳايل رورس اوس موس فلٽرپلانٽ لڳايا ويا پر انتظاميا سنڀالي نه سگھي

خراب بدبودار ۽ سنکيو مليل پاڻي پيئڻ ڪري سوين ماڻهو گڙدن، پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا

درياهه ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ڪوٽڙي کان شاهبندر تائين 32 مياڻيون ويران، مڇي جو شڪار بند، ماهيگيرن جي لڏ پلاڻ

ٻيڙيون ٺاھيندڙ ۽ مڇي ماريندڙ ھزارين ماڻھن جي روزگار جو ذريعو ختم ٿي چڪو، پتڻن تي ٻيڙين جون قطارون ماضي جو قصو بڻجي ويون

ڪوٽڙي کان شاھبندر تائين 32 مياڻين تي روزانو لکين رپين جي مڇي جو واپار ٿيندو هو، ماھيگير دريا مان پلو ۽ ٻيون مڇيون ماري ايندا ھئا

ڪلوئي جي لوڻ کاڻين ۾ سوين ماڻهو جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور، زخم ناسور ٿي پيا، فيڪٽري مالڪ علاج کان انڪاري

تعلقي ڪلوئي ۽ ٻين جاين تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي سڄو ڏينهن سخت گرمي ۾ پورهيو ڪرڻ باوجود پنجاهه کان سو رپيا ڏهاڙي ملي ٿي

سڄو ڏينهن تتل اس ۾ لوڻ کاڻين ۾ پورهيو ڪرڻ بعد صرف پنجاھ کان سو رپيا ڏهاڙي ملي ٿي: پورهيت

سجاول سميت لاڙ جا هزارين ڳوٺ گيس جي سهولت کان محروم، جديد دور ۾ به ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ٿيڻ لڳو

حڪومت پاران مختلف ڳوٺن۾گيس اسڪيمن جاافتتاح ڪياوياپرسهولت نه ملي سگھي،متاثرعلائقن۾ٻيلاوڍجڻ ڪري ٻارڻ لاءِڪاٺيون به اڻلڀ

ضلعي ۾ 37 مان صرف 3 کي گيس سهولت مليل، سجاول تعلقي جي 8 ئي يو سين ڄار، مرزو لغاري، گھوٽارو، مرادپور ۽ ٻيلو جا ڳوٺ محروم

ٿر جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ قائم آئسوليشن مرڪزن کي تالا لڳي ويا، عملو گم

انتظاميا ڪورونا جي مريضن کي سندن گهرن ۾ تنهائي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏئي پاڻ تان ذميواري لاهي ڇڏي

ڏيکاءَ لاءِ مختلف جاين تي مرڪز قائم ٿيل، مريضن کي آئسوليٽ ڪري سندن سار سنڀال جو جوڳو بندوبست ئي ناهي: ذريعا

ساڪري جا صحت مرڪز بي لاڀ بڻيل، دوائون اڻلڀ، مريض ٽڪي ڦوٽي لاءِ پريشان

غلام الله، جوکيه وليج، گهاڙي واهه، گهوڙاٻاري، گيل موري، نانگڻ، سميت 30 کان مٿي صحت مرڪز نالي ماتر هلندڙ

نانگ ڪکڻ، ڪاري سائي، ٽي بي، ڪتي چڪڻ جي ويڪسين پڻ ميسر ناهي، هر مريض کي ساڳيون گوريون ڏئي واپس
1 2 3 44