تازا ترين
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

ڪامران مائيڪل نيب بدران عدالتي ريمانڊ تي جيل حوالي

سکر ۾ گم ٿيل ٻارڙي جو 9 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو نه پيو: وارثن کي اغوا جو شڪ

ڪشمور ۾ واپاري جي گهر کي باهه، اُلهه تلهه سڙي رک

ارشاد قتل ڪيس: راجا رزاق تماشو ڏسڻ تي معافي وٺي: حليم عادل شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ايم پي اي راجا رزاق ارشاد رانجهاڻي جي قتل وقت تماشو ڏسندو رهيو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.
هن چيو ته راجا رزاق کي تماشو ڏسڻ ۽ واقعي تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي سميت قوم کان معافي وٺڻ گهرجي

راجا رزاق ۽ حليم عادل شيخ

رحيم شاهه ڦر مزاحمت ۾ ارشاد تي فائرنگ ڪئي: ڊي آءِ جي اوڀر

ارشاد کي دير سان اسپتال پهچائڻ تان ايس آءِ معطل، ٻين اهلڪارن خلاف به ڪارروائي ٿيندي: عامر فاروقي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه جي گرفتاري جي تصديق ڪندي سندس بيان ڪيل ڪهاڻي کي اصل واقعو قرار ڏئي ڇڏيو، ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي چيو آهي ته واقعو ڦر دوران پيش آيو، رحيم شاهه تي الزام آهي ته هن ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال پهچائڻ نه ڏنو، ارشاد رانجهاڻي جا وارث چاهين ته ڌار ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا، ارشاد کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير ڪرڻ تان سب انسپيڪٽر کي معطل ڪيو ويو.
يوسي چيئرمين رحيم شاهه جي گرفتاري بعد ايس ايس پي ملير جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي ايس عامر فاروقي چيو ته رحيم شاهه کي باقاعدي گرفتار ڪيو ويو آهي، 6 فيبروري تي سندس هٿان ارشاد رانجهاڻي قتل ٿيو. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ڪيس ۾ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي، واقعو رقم ڦرڻ دوران پيش آيو. جهيڙو ذاتي نوعيت جو نه هو.
عامر فاروقي چيو ته بنيادي طور لڳي رهيو آهي ته رحيم شاهه جو نرسري کان پيڇو ڪيو ويو، رحيم شاهه ردعمل ۾ گاڏي جو شيشو لاهي فائرنگ ڪئي، ارشاد رانجهاڻي کي 5 گوليون لڳيون، پر کيس فوري طور اسپتال منتقل نه ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ تان هٿيار هٿ ڪيو ويو ۽ واقعي واري هنڌ تي ارشاد رانجهاڻي جا ٻيا ساٿي به موجود هئا.
ڊي آءِ جي ايسٽ چيو ته رحيم شاهه تي الزام آهي ته هن ارشاد رانجهاڻي کي اسپتال پهچائڻ نه ڏنو، زخمي ارشاد کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تان سب انسپيڪٽر رياض حسين کي معطل ڪيو ويو آهي، غلفت ڪندڙ اهلڪارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي وڌيڪ چيو ته اکين ڏٺن شاهدن ۽ ايمبولينس ڊرائيور جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ارشاد رانجهاڻي جا وارثن چاهين ته ڌار ڪيس داخل ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ارشاد رانجهاڻي ۽ رحيم شاهه ٻنهي ڏوهن جو رڪارڊ موجود آهي، رحيم شاهه تي ماضي ۾ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.

ماتلي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، 2 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو: مدرسي ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي، الزام هيٺ مولوي گرفتار

خيرپور ۾ ٽرئڪٽر ٽرالي جو ٻن موٽر سائيڪلن کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

جنگ وسيلن لاءِ آهي، هڪ ٻيو بنگلاديش ٺاهڻ نه ڏبو: آصف زرداري

موجوده حڪمرانن کي ڏڪڻي وٺي وئي آهي، اسان ڪنهن کان گھٻرائڻ وارا ناهيون: اڳوڻو صدر

ٽنڊو آدم (رپورٽ : وارث قمبراڻي) اڳوڻي صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته نئون بنگلاديش ٺهڻ نه ڏينداسين، ٽنڊوآدم ۾ پ پ سينيٽر امام الدين شوقين جي دعوت تي خانگي ميڊيڪل ڪاليج جي افتتاح ڪرڻ بعد پاپولر فارم هائوس تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته مون چونڊن کان اڳ ئي چيو هو ته هنن جي نظر ارڙهين ترميم جي خاتمي تي آهي، تعليمي ادارا ته کڻي ويا پر هاڻي سول ايوي ايشن جو ڪنٽرول به اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ جي وسيلن تي جنگ آهي،حڪمران نااهل ۽ بيوقوف آهن هنن جون ٽنگون اڳ ئي ڏڪن پيون، حڪومت هلائڻ سندن وس ۾ ناهي، عوام جا وسيلا کسجڻ نه ڏينداسين. اڳوڻي صدر چيو ته قائداعظم اسان جو بزرڳ هو هن پاڪستان جنگ ڪري نه پر ڳالهين وسيلي حاصل ڪيو، ملڪ ٺهڻ بعد هندو انتها پسندن خونريزي ڪرائي، انهن پهرين ڏينهن کان پاڪستان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته هن چيو ته اسان ساڳئي بجيٽ ۾ ملازمن جو پگهار سئو سيڪڙو وڌايو، بي انتها ترقياتي ڪم ڪرايا. هن ضلعي سانگهڙ جي عوام جو ٿورو مڃيو ته هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سانگهڙ جي دوري دوران جنهن محبت جو اظهار ڪيو ۽ سندس قيادت تي مڪمل اعتماد ڪندي سموري ضلعي مان پ پ کي ڪلين سوئيپ ڪرايو هن ٽنڊوآدم انڊر پاس سميت ٻين منصوبن ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ پيو ڪري، سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گئس سميت روينيو ڏيندڙ صوبي کي پنهنجا حق نه پيا ڏنا وڃن، ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي، جلسي کي امام الڊين شوقين خطاب ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف عوام کي جيڪي خواب ڏيکاريا اهي سڀ ڪوڙا نڪتا عوام کي بک بدحالي ۽ بي روزگاريءَ ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي مسئلن تي سينيٽ ۾ پنهنجو آواز اٿاريندو رهندس هن پارٽي ۾ شموليت بعد کيس سينيٽر بڻائن تي پارٽي قيادت جو ٿورو مڃيو. هن پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان ٽنڊوآدم لاءِ ريلوي لائن تي انڊر پاس، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ جوهر آباد م گرلز ڪاليج ڏيڻ جي پڻ گهر ڪئي .ان موقعي تي سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سليم منڊوي والا، سينيٽر امام الدين شوقين ، سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم ا ين اي نعمان اسلام شيخ، صوبائي وزير امتياز شيخ ، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا. جڏهن ته صوبائي وزير فراز ڏيرو، ايم اين اي شازيه مري، ايم اين اي نويد ڏيرو، ايم پي اي شاهد خان ٿهيم،ايم پي اي ڄام مدد علي ، پ پ ضلعي صدر علي حسن هنڱورجو، جنرل سيڪريٽري جهانگير جوڻيجو، عاجز ڌامراهه، ضياءُ لنجار، شڪيل مري، غلام مرتضى جوڻيجو، پارس ڏيرو، راڻا عبدالستار، سرفراز راڄڙ، حاجي مختيار شورو ، محمد آچر ساند ،ذوالفقار روشن ،ملڪ زبير امام ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آصف علي زرداري، سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪيو جتي کيس بريفنگ پڻ ڏني ويئي ٻئي طرف آصف زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي آمد جي موقعي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا 600 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن سميت بم ڊسپوزل عملو ۽ سيڪورٽي اهلڪارن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو هو.

آصف زرداري جلسي کي خطاب ڪندي

اوٻاوڙي ڀرسان خوفناڪ حادثو، عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت

روهڙي ۾ ٻن ڌُرين جي جهيڙي جو زخمي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت

”پگهار وڌڻ جي خوشي“ شيخ رشيد به ريلوي ملازمن سان گڏ سيٽيون وڄايون

لاهور(م ڊ) ريلوي جو وفاقي وزير شيخ رشيد پگهارن ۾ واڌ واري اعلان تي ملازمن سان گڏ سيٽيون وڄائيندو رهيو.
شيخ رشيد پاڪستان ريلوي ڪيرج فيڪٽري ۾ ملازمن کي خطاب دوران اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان هر ملازم کي 3 هزار رپيا ڏنا ويندا، جنهن تي ملازمن سيٽيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو، ملازمن کي خوش ٿيندي ڏسي شيخ رشيد به سيٽيون وڄايون.

شيخ رشيد به ريلوي ملازمن سان گڏ سيٽيون وڄائيندي

لاهور(م ڊ) ريلوي جو وفاقي وزير شيخ رشيد پگهارن ۾ واڌ واري اعلان تي ملازمن سان گڏ سيٽيون وڄائيندو رهيو.
شيخ رشيد پاڪستان ريلوي ڪيرج فيڪٽري ۾ ملازمن کي خطاب دوران اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان طرفان هر ملازم کي 3 هزار رپيا ڏنا ويندا، جنهن تي ملازمن سيٽيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو، ملازمن کي خوش ٿيندي ڏسي شيخ رشيد به سيٽيون وڄايون.

حيدرآباد: ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

هوشيار! دادو جي ڊان گولي ٻيهر سرگرم ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

دادو (رپورٽر) دادو جي ڊان گولي آزاد ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار فعال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڊان گولي چيو آهي ته عدليه جا ٿورا آهن جو مون کي آزاد ڪيو آهي، 18 مهينن تائين چوندو رهيس ته ماڻهن سان ٺڳي نه ڪئي آهي پر ڪنهن به منهنجو ساٿ نه ڏنو. ڊان گولي چيو ته الشهباز موٽر سائيڪل ڪمپني کي ٻيهر فعال ڪندس، ماڻهن ڏانهن منهنجا ڪروڙين رُپيا رهيل آهن ۽ مون ڏي به ماڻهن جا پئسا رهيل آهي، ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سمورا معاملا ٺيڪ ڪنداسين. واضح رهي ته ڊان گولي کي موٽر سائيڪل جي ڪاروبار ۽ لکين رُپيا ٻيڻا ڪري ڏيڻ واري فراڊ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. تازو عدالت کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

هوشيار! ھي آھي دادو جو ڊان گولو

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماتحت لا ڪاليجز ۾ داخلائون رد، نئين سر امتحان وٺڻ جو حڪم