تازا ترين
  • *راڌڻ: ٿرڙي محبت ويجهو ٻٽ ٻڌل جوابدار پاران 8 سالن جي معصوم ٻارڙي آصفه جانوري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش*
  • *ڪراچي: آصف زرداري ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو * ڪراچي/حيدرآباد: ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق *
  • *ڪراچي: اڻڄاتل ماڻهن عزيز آباد جي جناح گرائونڊ ۾ يادگارِ شهداء کي ڊاهي ڇڏيو * ڪراچي: نسل پرست طبقو ان تخريبڪاري ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو، شرافت کي بزدلي ۽ ڪمزوري نه سمجهيو وڃي: خالد مقبول صديقي *
  • *ڪراچي: سنڌ اندر ڪاپي ڪلچر جون پاڙون مافيه جيان مضبوط ٿي ويون آهن، امتحاني مرڪزن جي نگراني لاءِ مئجسٽريٽ مقرر ڪيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سيشن ججز کي حڪم * ڪراچي: عدالت سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاليسي موجب جديد تعليم لاءِ 11 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هر ٽئين مهيني بعد اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم * ڪراچي: پاليسي لاڳو ڪندڙن جا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ نه ٿا پڙهن، تنهنڪري نظر انداز ڪيو ويو، ناڪامي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي: عدالت *
  • *ٽنڊي آدم ۾ ڀيڻ کي طلاق وٺرائڻ تان ڀيڻيوي تنوير چشتي پسٽل جا فائر ڪري سالَي 35 ورهين جي منور چشتيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو * ٽنڊوآدم: جوابدار تنوير گهرواري تي تشدد ڪندو هو، مقتول خلع لاءِ درخواست داخل ڪرائي: وارث * ٽنڊوآدم: واقعو گهرو اڻبڻت جو نتيجو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن: پوليس *
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ واري فيصلي ۾ قانوني جهول آهن، ادارا پنهنجون حدون طئه ڪن ته اختيارن جي جنگ نه ٿيندي: فواد چوڌري

فوج چاهي ٿي ته سندن احتسابي عمل کي نه ڇيڙيووڃي،ميڊياچاهي ٿي ته آزادي تي راتاهونه لڳي

عدليه پارلياماني ميمبرز جو احتساب ڪندي آهي پاڻ اڪائونٽس ڪميٽي آڏو اچڻ لاءِ تيار ناهي

مجيب صحرائي کي هٽائڻ بعد 12 وي سيز جي ڪرسي کي به خطرو

مهراڻ، لطيف، صوفي، دائود، سنڌ مدرسه،قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جا وي سي خطري ۾

ترميمي ايڪٽ 2014ع مطابق وي سي جي مقرري لاءِ ڪابينا جي منظوري ضروري آهي

ميهڙ ۾ 7 مهينا اڳ نينگر کي کنڀي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو جرڳو، چئن جوابدارن تي 10 لک رپيا ڏنڊ

جوابدار ميڙ وٺي تڏو بخشرائيندا ۽ ڏوهه جي معافي وٺندا: جرڳي جي فتويٰ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو

حتمي فيصلو ٿيڻ تائين ٽرسٽ اسپتالن کي فنڊز ڏئي فعال رکيو وڃي: سُپريم ڪورٽ طرفان وفاق کان 6 هفتن ۾ پلان طلب

سُپريم ڪورٽ ۾ ٽرسٽ اسپتالن بابت نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي، وفاق ۽ صوبائي نمائندا پيش

وفاقي سرڪار فنڊز نٿي ڏئي (سنڌ حڪومت جو وڪيل) 5 اسپتالون واپس ڪرڻ چاهيون ٿا: وفاق

وفاقي سرڪار ۽ سول ايويئيشن کان پي آءِ اي جي اي ٽي آر جهاز سان پيش آيل حادثي تي جامع جواب طلب

ڪير ڪجهه نٿو ٻڌائي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد ڪيپٽن جي امڙ زارو قطار روئندي رهي

جهازن سان حادثا پيش اچن ٿا، اختياريون ڇا ڪري رهيون آهن؟ جسٽس محمد علي مظهر

سکر ۾ ڪئنالن تي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن دوران چڪريون: پوليس جي لٺبازي ۽ شيلنگ: مڇريل ماڻهن جو پٿراءُ: ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار

انتظاميا، آبپاشي عملي ۽ پوليس گڏجي ڳري مشينري ذريعي آپريشن ڪيو

ڇڪتاڻ جو ٻڌي ايس ايس پي عرفان سمون به پهتو، ڇڪتاڻ ۽ پٿراءُ ڏسي واپس هليو ويو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڪئنالن تي قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، رهواسين ۽ انتظاميا ۾ چڪرين دوران پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي، مڇريل ماڻهن جي پٿراءُ سبب ايس ايس پي عرفان سمو به واپس هليو ويو. سکر ميونسپل انتظاميا ۽ آبپاشي عملي ڳري مشينري ذريعي ڪئنالن تان غيرقانوني اڏاوٽون هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪيو، جنهن دوران رهواسين مزاحمت ڪئي ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. انتظاميا پوليس نفري طلب ڪئي ته مڇريل ماڻهن عملي ۽ پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪري ڏنو، جڏهن ته پوليس کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙا گئس جو استعمال ڪيو ۽ شهرين تي لٺبازي ڪئي وئي. ڇڪتاڻ دوران ڪجهه عورتون ۽ ٻار به بيهوش ٿي ٿي ويا.
عورتن ۽ ٻارن تي لٺبازي: گرفتاريون
ڪئنالن تي قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن خلاف مقامي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ عورتن توڙي ٻارن سوڌو احتجاجي مظاهرو ڪيو. پوليس اهلڪار عورتن ۽ ٻارن تي به لٺيون وسائيندا رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس اهلڪار 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي کنڀي کڻي ويا.
متبادل جاءِ ڏيو: ڪيڏانهن وينداسين؟
مظاهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان قبضا هٽائڻ کان اڳ متبال جاءِ مهيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو، جنهن تي عمل ڪرڻ کانسواءِ سندن گهر ڊاٺا پيا وڃن، اجها به ڊاهي پٽ ڪيا ويا ته هو ڪيڏانهن ويندا؟ جيستائين متبادل جاءِ مهيا ڪئي ويندي، هو آپريشن ڪرڻ نه ڏيندا. ٻئي پاسي انتظاميا جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي ڪئنالن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته سکر جي دادو ڪئنال، کيرٿر ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال تي 20 هزار کان وڌيڪ گهر آباد آهن، بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جي ڪنارن تي قائم آباديون هٽائڻ لاءِ انتظاميا طرفان آپريشڻ ڪيو پيو وڃي. رهواسين طرفان بئراج تي ڌرڻو هنيو ويو.
ايس ايس پي عرفان سمو واپس
قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي عرفان سمو پهتو، جنهن تي به مڇريل ماڻهن پٿراءُ ڪيو ۽ ايس ايس پي سکر واپس هليو ويو.

کوسڪي ويجهو گهٽي مان گذرڻ کان منع ڪرڻ تان جهيڙو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، عورت سميت 3 زخمي

دستي ۽ ڇلگري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڇلگري جا 4 ڄڻا زخمي ٿيا

زخمين مان 55 ورهين جي شخص دم ڏئي ڇڏيو، 2 زخمي نازڪ حالت ۾ بدين ريفر

ڪراچي جو ڪوبه والي وارث نه آهي، اسان کي مالڪي ڪرڻي پوندي، آدم شماري تي خدشا ظاهر ڪيا ويا ته ٻيهر ڪرائينداسين: گورنر

حڪومتي نمائندا هجن يا ڪامورا، سڀني جو هڪجهڙو احتساب ٿئي ٿو

وفاقي سرڪار آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ ڪرڻ گهري ٿي: ڄامشورو ۾ ڳالهيون

جوهي ڀرسان گهر جي ڀِت اوچتو ڪري پئي: ڏاڏي ۽ پوٽي فوت: 5 ٻارڙا زخمي

ڳوٺ ٻاجهي لغاري ۾ گهر اندر ڄانهه جي انتظار ۾ ويٺل ڀاتين مٿان ڀِت ڪري پئي

ڳوٺاڻن لاش ۽ زخمين کي ملبي مان ٻاهر ڪڍيو، زخمي اسپتال منتقل

پلاٽ جي مالڪيءَ تان جهيڙو: لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استاد سڳي ڀاڻيجي هٿان قتل: جوابدار گرفتار

نور ڪالوني ۾ جوابدار درشن اوڏ مبينا طور فائرنگ ڪري مامي کي قتل ڪيو

درشن کي گرفتار ڪري پستول تحويل ۾ ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا: پوليس

ميهڙ ۾ گندگيءَ جا ڍير، پاڻي رستن تي بيٺل، چيئرمين ذميوار قرار

ميونسپل جي 14 وارڊن ۾ گندگي جا ڍير ۽ رستن تي پاڻي بيٺل آهي، صفائي نه ٿي ٿئي: شهري

صفائي لاءِمقررعملوگهرويٺي پگهارون کڻي رهيوآھي،صفائي نه ٿي ته تحريڪ هلائبي:ڪائونسلر

ڳڙهي ياسين ۾ 16 حياتيون ڳڙڪائيندڙ اوڍا – خروس خوني تڪرار جو جرڳو: 2 ڪروڙ 67 لک خون بها مقرر

جيڪب آباد ۾ منظور پنهور، ابراهيم جتوئي ۽ غوث بخش مهر جي گڏيل سرپئنچيءَ ۾ جرڳو

خروسن تي 14 خونن جو ڏنڊ 2 ڪروڙ 18 لک ۽ اوڍن تي ٻن خونن جو ڏنڊ 49 لک رپيا ڏنڊ

فاسٽ بالر ڪهڙي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو؟ تبديلي ته وقت سان گڏ ايندي آهي: امر جليل

آئون لکڻ دوران ڪنهن کان نه ڊڄندو هئس ته ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ يا وري نوڪري جو ڇا ٿيندو؟

اعزازي ڪاپي ڏيڻ خراب لڳندو آهي، جڏهن اعزازي ڪاپي ڏيندس، تڏهن لکڻ ئي ڇڏي ڏيندس

واهي پانڌي واقعي کانپوءِ ڪاڇي جي مولوين کي خوف: نڪاح پڙهڻ کان انڪار بعد جوڙي جو دادو جي ڪينٽين ۾ نڪاح

ڳوٺ رحيم خان واسي جوڙي عليشبا ۽ ممتاز خاصخيلي کي دادو آندو ويو

جڊيشل ڪامپليڪس دادو جي ڪينٽين ۾ سرڪاري مولوي نڪاح پڙهايو

سنڌ جو جر سڪي رهيو آهي، پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ۽ تحقيق ڪئي وڃي: ماهر

آبادي وڌڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ اضافو ٿئي پيو،پلاسٽڪ ٿيلهين کي بند ڪيو وڃي: مطالبو

اٽلي، برطانيا، ترڪي، جاپان، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ فلپائن مان ماهرن اسڪائپ ذريعي خطاب ڪيو
1 2 3 48