تازا ترين
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 6 ڄڻا فوت*لانڍيم سعود آباد، لياري، بدين، ڍورو نارو ۽ ٻين علائقن ۾آمنا سومرو، فيصل ۽ بابر حياتيون وڃائي ويٺا*صوبائي وزير امتياز شيخ طرفان مختلف علائقن ۾ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار*
  • آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم*پارڪ لين ريفرنس ۾ احتساب عدالت سومر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*

ڳڙهي خيرو ڀرسان ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

ٻئي ڀائر موٽرسائيڪل تي شهر کان واپس ڳوٺ پئي آيا ته ڳوٺ تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا

2016ع دوران ٻن نارين کي قتل ڪري مقتول محمد علي جي پٽ ۽ ڀائيٽي تي ڪارنهن جو الزام مڙهيو ويو هو

حساب بند ڪري اڳتي وڌو، عوام ٻاهر آيو ته بال سياسي پارٽيز جي هٿن مان نڪري ويندو، ڪو ٻيو به حالتون سنڀالي نه سگهندو: آصف زرداري

ماڻهو ڊنل آهن ته آصف زرداري گرفتار ٿئي ٿو ته اسان جو ڇا ٿيندو، بجيٽ سٺي آهي ته عام ماڻهو رڙيون ڇو ڪري رهيو آهي: آصف زرداري

هر انڊسٽري جو اشتهار اچي رهيو آهي ته اسان کي بچايو، صنعتڪار ۽ واپاري خوف مان ڌنڌو ئي نٿو ڪري: قومي اسيمبلي ۾ خطاب

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته حساب ڪتاب بند ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي، حالتون نڪري ويون ته سياسي پارٽين جي هٿن مان بال نڪري ويندو ۽ ڪو ٻيو به سنڀالي نه سگهندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسپيڪر طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، ايم ڪيو ايم ۽ اپوزيشن جي ٻين جماعتن جو به ٿورائتو آهيان، جن پروڊڪشن آرڊرز لاءِ ڪوششون ڪيون. هُن چيو ته اِن ۾ ڪابه سچائي ناهي ته نئين بجيٽ ناڻي کاتي ٺاهي آهي، بجيٽ ۾ 3-4 اهڙيون آهيون، جن لاءِ معاشي پاليسي جي حوالي سان حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ويهي ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته هر انڊسٽري طرفان اشتعار ڏنو پيو وڃي ته اسان کي بچيو، وفاقي بجيٽ جيڪڏهن ايتري سُٺي آهي ته عام ماڻهو رڙيون ڇو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ پاسي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ويون، ٻئي پاسي ٽئڪس وڌايا ويا، اُن حساب سان ملازمن جي پگهار جو تناسب اڃا گهٽجي ويو. آصف زرداري چيو ته صنعتڪار ۽ واپاري خوف ۾ وڪوڙجي ويا آهن، تنهن ڪري هو ڪنهن به شئي ۾ هٿ نٿا وجهن ۽ ڌنڌو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. آصف زرداري چيو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن ڪنهن کان حساب ورتو ويندو ۽ ڪيستائين حساب ورتو ويندو، حساب بند ڪري هاڻي اڳتي وڌو. منهنجي گرفتاري سان پيپلز پارٽي تي ڪوبه فرق نه نٿو پوي، الٽو اُن جي مقبوليت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر عام ماڻهو خوف ۾ وڪوڙجي ويو آهي ته آصف زرداري گرفتار ٿئي ٿو ته اسان جو ڇا ٿيندو. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته ائين نه ٿئي ته سموري ملڪ جو عوام اُٿي بيهي، پوءِ اسان سنڀالي نه سگهنداسين، نه سياسي جماعتون سنڀالي سگهنديون ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو سنڀالي سگهندو. اهڙيون حالتون حڪمرانن کي ته نظر نٿيون اچن، پر اسان کي نظر اچي رهيون آهن. ائين نه ٿئي ته سڀاڻي سياسي قوتن جي هٿن مان به بال نڪري وڃي.

آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري، انشاءَ الله آصف زرداري اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بعد آصف زرداري ۽ خواجا سعد رفيق اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهندا

نيب اختياريون ٻنهي ايم اين ايز کي پارليامينٽ پهچائينديون، قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن 29 جون تائين جاري رهندو

اپوزيشن ۽ قائد ايوان کي ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويندو، اهو ڏسي ڊپريشن ٿيندو آهي، ڪرڪيٽ ۽ معيشت جي خبرن تي به مايوسي ٿئي ٿي: چيف جسٽس

ورلڊ ڪپ لڳائيندا آهيون ته پوءِ به مايوس ڪندڙ خبر ملندي آهي، معيشت جي باري ۾ ٻڌون ٿا ته اُها آسي يو ۾ آهي يا ٻاهر اچي وئي

اسان جي معاشري ۾ هڪ ئي شعبو آهي، جتان سٺي خبر اچي ٿي، اُهو عدليه جو انصاف جي فراهمي وارو شعبو آهي: جسٽس آصف سعيد کوسه

ٽينشن جي ضرورت ناهي، بجيٽ منظور ڪرائي وٺنداسين، ڪابينا بليڪ ميلنگ ۾ نه اچي: وزيراعظم جون وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ڳالهيون

اپوزيشن کي انهن جي زبان ۾ جواب ڏيو، اوهان کي ڳالهائڻ نه ڏنو وڃي ته اوهان به اپوزيشن کي ڳالهائڻ نه ڏيو: عمران خان

پنهنجي موقف تان ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽو، سِر جو جواب پٿر سان ڏيو: وزيراعظم جي ڪابينا ميمبرن کي صلاح

بنگلاديش جي خطرناڪ بيٽنگ: 322 رنز جو جبل جيڏو هدف 42 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ويسٽ انڊيز کي بدترين شڪست

بنگال ٽائيگرز ويسٽ انڊيز جي بالرن کي دل تي ڪُٽيو، شڪيب الحسن 124 ۽ لِٽون داس 94 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ

بنگلاديش جي اوپنرز تميم اقبال 48 ۽ سوميا سرڪار 29 رنز ٺاهيون، شڪيب الحسن ميچ جو هيرو قرار

پاڪستان ۾ رڳو 48 سيڪڙو مائرون ٻارن کي پنهنجو کير پيئارين ٿيون: وفاقي سرڪار جي سهڪار سان ٿيل سروي ۾ انڪشاف

وفاقي سرڪار جي سهڪار سان خانگي ادارن طرفان ملڪ جي چئني صوبن، اسلام آباد، فاٽا ۽ ڪشمير ۾اِن معاملي تي سروي ڪئي وئي

48 سيڪڙو مائرون ٻارن کي پنج مهينن تائين ٻارن کي کير پيئارين ٿيون، ۽ 20 سيڪڙو مائرون ته کير پيئارين ئي نٿيون: رپورٽ

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايو ويو: آءِ ايس پي آر

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽيننٽ جنرل ۽ ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز جي ايڇ ڪيو ۾ انجنيئر ان چيف مقرر

ليفٽيننٽ جنرل عامر عباسي کي ڪوارٽر ماسٽر جنرل ۽ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گجرانولا مقرر ڪيو ويو

مانچيسٽر ۾ برسات رڪجي وئي: ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ميچ ٻيهر شروع، ڀارت جي بيٽنگ جاري

ڪپتان سرفراز ٽاس کٽي ڀارت کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني، روهت شرما 140 رنس جو شاندار اسڪور ٺاهي آئوٽ، ڌوني هڪ رنَ ٺاهي

پاڪستاني بالر محمد عامر 2، حسن علي ۽ وهاب هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، 46.4 اوورز تي برسات پئجي وئي ۽ مئچ رُڪجي وئي

پ پ اُميدوار محمد بخش مهر اڪيلو: احمد علي مهر جو هٿ کڻڻ کان انڪار: علي گوهر مهر طرفان چڱن مڙسن کي احمد علي کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت

محمد بخش مهر آزاد اُميدوار علي احمد مهر جي گهر پهتو، چاچي علي گوهر جي مرضيءَ کانسواءِ ڪوبه فيصلو نه ڪندس: احمد علي مهر جو جواب

گوهر پئلس ۾ مهر برادري جي چڱڻ مڙسن جو ڪٺ، علي گوهر مهر طرفان آزاد اُميدوار احمد علي مهر کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت

سنڌ سرڪار طرفان مالي سال 20-2019 جي 12 کرب 17 ارب جي ماليت واري بجيٽ پيش: 2 کرب 84 ارب رُپيا ترقياتي رٿائن لاءِ مختص

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير طرفان اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران بجيٽ پيش، ٽئڪس اوڳاڙي لاءِ 145 ارب رُپيا هدف مقرر

اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ لاءِ پئسا نه رکيا ويا، ضلعي سطح تي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ارب رُپيا رکيا ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار نئين مالي سال 20-2019 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال دوران سنڌ کي 12 کرب 17 ارب 89 ڪروڙ 97 لک رُپين جو وفاق توڙي پنهنجن وسيلن مان مجموعي آمدني ٿيڻ جا امڪان آهن. هُن چيو ته نئين مالي سال دوران ٽئڪس اوڳاڙي جو حدف 145 ارب رُپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته اسان 2 کرب 84 ارب جا ترقياتي ڪم ڪرائينداسين. صوبائي سطح تي تي سالياني ترقياتي پروگرامز يعني اي ڊي پي تحت نئين مالي سال لاءِ 2 کرب 8 ارب رُپيا رکيا ويا، جڏهن ته ضلعي سطح تي ترقياتي اسڪيمن لاءِ 20 ارب، پرڏيهي فنڊز مان هلندڙ منصوبن لاءِ 51 ارب ۽ وفاقي گرانٽس تحت هلندڙ منصوبن تي 51 ارب رُپيا خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيون آهن، تنهن ڪري اُنهن لاءِ پئسا ناهن رکيا ويا.

وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي

سُپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس تي غور: ڪائونسل جي ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪارروائي هلي: ذريعا

چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف ريفرنس تي به غور ڪيو ويو

اجلاس ۾ سُپريم ڪورٽ جي ٻن ججز سان گڏ سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز به شرڪت ڪئي، اٽارني جنرل به پيش ٿيو

جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ فريال ٽالپر کي به گرفتار ڪرڻ جو فيصلو، نيب سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پاران صحيح ڪرڻ بعد فريال ٽالپر جا گرفتاري وارنٽ نيب راولپنڊي حوالي ڪيا ويا

زرداري هائوس اسلام آباد کي پوليس جو ڪڙو: فريال ٽالپر کي حراست ۾ وٺي سندس ئي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏيڻ جو امڪان: ذريعا

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جو احتجاج ۽ گوڙ: حڪومتي ڌُر تي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏائڻ جو الزام: ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

اسپيڪر آغا سراج جي صدارت هيٺ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان اجلاس شروع ٿيو، حليم عادل طرفان ڳالهائڻ جي ڪوشش، اسپيڪر سان منهن ماري

پي ٽي آءِ طرفان اجلاس سڏائڻ تي اعتراض ظاهر، ايوان ۾ احتجاج، جعلي صحيحن سان اجلاس سڏايو ويو آهي: فردوس شميم نقوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي هنگامي ۽ گوڙ جي ور چڙهي ويو، اپوزيشن طرفان حڪومتي ڌُر تي ميمبرز جي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏائڻ جو الزام لڳايو ويو، جڏهن ته پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي حليم عادل شيخ ۽ اسپيڪر وچ ۾ منهن ماري به ٿي. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي اجلاس گهرائڻ تي اعتراض واريندي چيو ته ميمبرز جي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏايو ويو آهي، اُن تي 50 لک رُپيا خرچ ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته هي اجلاس غيرقانوني نه پر رولز تحت سڏايو ويو آهي. اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ کانپوءِ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اپوزيشن طرفان ”ظالمو جواب ڏيو، عوام کي حساب ڏيو“ جا نعرا هنيا ويا. دُعا ختم ٿيندي ئي حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر ۽ سندس وچ ۾ منهن ماري ٿي، اسپيڪر آغا سراج دُراني طرفان کيس پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ هنگامو ٿي ويو.

کير، گوشت، کاڄرو تيل، گيهه، کنڊ، خُشڪ کير، سگريٽ، سيمينٽ ۽گاڏيون مهانگيون: موبائيل فون سستو ڪرڻ جي تجويز: ڳهه به مهانگا

بجيٽ 20-2019ع ۾ کنڊ، کاڄرو تيل، گيهه، ٻاڪري ۽ وڏي گوشت تي سيلز ٽئڪس 17 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي

گاڏين تي ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ ۽ موبائيل فون تي 3 سيڪڙو ويليو ايڊيشن ٽئڪس ختم، سون ۽ چاندي تي به ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز