تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

عمران خان جي حڪومت ڪيرايو ۽ سنڌ ۾ وفاق جيتريون وزارتون وٺو: بلاول ڀٽو متحده کي وري سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

پُراڻن دوست کي چوان ٿو ته وفاقي حڪومت ڪيرائي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪريو، وفاق ۾ جيتريون وزارتون آهن، سنڌ ۾ اوتريون ڏينداسين

متحده کي اڄ نه ته سڀاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي بچائڻو آهي، سنڌ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين: تقريب کي خطاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو متحده پاڪستان کي سڌ حڪومت ۾ اتحاد ٿيڻ جي مشروط دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ به کين وفاق جيتريون وزارتون ملنديون، شرط آهي ته عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائڻو پوندو. اهڙو اظهار بلاول ڀٽو ڪراچي جي لانڍي واري علائقي ۾ 4 چئن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڏکين معاشي حالتن باوجود ڪم ڪري رهي آهي. چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ ترقي ٿئي، پر اسان کي گهرج موجب وسيلا نٿا ملن، تنهن ڪري وفاق کان کسڻا پوندا.
خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته پُراڻي ساٿين (ايم ڪيو ايم) کي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪراچي سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، اُهو کي روڪي سگهجي ٿو، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي ختم ڪريو ۽ عمران خان کي ڪيرايو. بلاول چيو ته آئون اُنهن کي چوڻ چاهيان ٿو ته جيتريون وزارتون وفاق ۾ متحده وٽ آهن، اوتريون کين سنڌ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، رڳو شرط اهو آهي ته عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪريو ۽ هن صوبي کي اُن جو حصو ڏياريو، اسان گڏجي صوبي کي ترقي ڏياري سگهون ٿا.
پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اڄ نه ته سڀاڻي متحده وارن کي فيصلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان کي بچائڻو پوندو ۽ نئين پاڪستان کي ختم ڪرڻو پوندو. ڪراچي جي عوام کي خبر آهي ته عمران خان کين دوکو ڏنو آهي، سندس هر واعدو ڪوڙو نڪتو آهي.

حڪومت پنهنجن ساٿين کي اين آر او پلس ڏنو آهي: پيپلزپارٽي نيب جي ترميمي آرڊيننس کي اين آر او جي ماءُ قرار ڏئي ڇڏيو

جڏهن آصف زرداري چيو هو ته نيب ۽ معيشت گڏ نه ٿا هلي سگهن، تڏهن چيو ويو ته اسان اين آر او پيا گهرون: پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره

نيب هاڻي رڳو سياسي جماعتن جو احتساب ڪري سگهندو، عمران خان جلد پنهنجي سياست جو آخري يوٽرن وٺندو: قمر زمان ڪائره

صدر، وزيراعظم، وزيراعليٰ ۽ وزير نيب ڪارروائي کان آجا: آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز کي فائدي جا امڪان

صدر عارف علوي پاران نيب ترميمي آرڊيننس 2019ع تي صحيح کانپوءِ قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر، صلاحڪار، پارليامينٽ ميمبر، پارلياماني سيڪريٽرين خلاف به نيب ڪارروائي نه ٿيندي

حيدرآباد ۾ 12 مختلف هنڌن تي پوليو وائرس هجڻ جو انڪشاف: تلسي داس پمپنگ اسٽيشن ۾ به وائرس جي تصديق: صحت کاتو خاموش

تلسي داس پمپنگ اسٽيشن جي سيوريج لائين ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي: ذريعا

ڊويزن ۾ انڪاري ٻارن جو انگ 17 هزار تائين آهي: ذريعا

ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبي ۾ گئس جو سنگين بحران: وفاق ۽ سنڌ سرڪار جا هڪٻئي تي الزام

ذميوار سنڌ حڪومت آهي، گئس پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ رستو نٿي ڏئي، لنگهه ملي وڃي ته بحران حل ٿي ويندو: عمر ايوب جي دعويٰ

گئس ڪمپنيز وفاق جي ماتحت آهن، نااهلي لڪائڻ لاءِ سنڌ سرڪار تي الزام نه لڳايا وڃن، پائيپ لائين لاءِ رابطو ئي ناهي ٿيو: سعيد غني

اقتدار سنڀاليو ته سوئيڊن جهڙي معيشت نه ملي هئي، عوام کي ٻڌائيندو رهندس ته اسان کي ڪهڙي قسم جو پاڪستان مليو هو: وزيراعظم

2019 ع معاشي استحڪام جو سال هو، جنهن دوران ڏکئي وقت مان گذرياسين، پر 2020ع معاشي سال هوندو: عمران خان جو ڪراچي ۾ خطاب

پاڪستان ۾ چئن مختلف مذهبن جا مقدس هنڌ موجود آهن، مذهبي سياحت کي ڀرپور طريقي سان هٿي وٺرائينداسين: وزيراعظم عمران خان

پارليامينٽ آرمي چيف جي ملازمت تي قانونسازي نه ڪري استحقاق استعمال ڪيو، سُپريم ڪورٽ کي فيصلي جو اختيار ناهي: وفاقي سرڪار

عدالتي فيصلي ۾ جهول آهن، ملازمت جو معاملو عدالت ۾ اچڻ سان پاڪستاني دشمن خوش ٿيا، فوج ۽ عدليه جو تحفظ لازمي آهي

دهشتگردي خلاف جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي، آرمي چيف جا ملڪي سلامتي لاءِ کنيل قدم تاريخ جو حصو هوندا: درخواست ۾ موقف

سنڌ اندر سي اين جي اسٽيشنز کي لاڳيتو اڄ 6 هين ڏينهن به گئس جي فراهمي معطل رکڻ جو فيصلو: گهريلو واهپيدارن کي گئس ڏني پئي وڃي: ترجمان

سي اين جي اسٽيشنز کي گذريل ڇنڇر کان معطل ڪيل گئس جي فراهمي ڪالهه شروع ڪرڻي هئي، وڌيڪ 24 ڪلاڪ لاءِ بند رهندي: نئون شيڊول

گئس پريشر گهٽ هجڻ ڪري گهريلو واهپيدارن کي ترجيح ڏني پئي وڃي: سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان پاران نئون شيڊول جاري

کُليل ڪچهرين ۾ ماڻهن بُنيادي سهولتون نه هجڻ جون دانهون ڪيون (سنڌ ڪابينا کي آگاهي) وڏي وزير طرفان ڪچهري جاري رکڻ جي هدايت

وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس: وزيرن ۽ صلاحڪارن کُليل ڪچهرين جي حوالي سان بريفنگ ڏني

ماڻهن صحت، تعليم، بلديات ۽ پوليس خلاف دانهون ڪيون، آفيسر عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا وٺن: ڪابينا کي آگاهي

حڪومت پ پ کي 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو جي راولپنڊي ۾ ورسي تقريب لاءِ اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بلاول جي ترجمان پاران به تصديق

حڪومت ڪڌا حربا استعمال پئي ڪري، پر ورسي جي موقعي تي پارٽي جو جلسو لياقت باغ راولپنڊي ۾ ٿيندو ۽ هر حال ۾ ٿيندو: مصطفيٰ نواز کوکر

سليڪٽيڊ حڪومت عوامي سياست کان ڊنل آهي، جنهن سبب هو حڪومت خلاف هر اڀرندڙ آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

وفاقي سرڪار مناسب سمجهيو ته مشرف مامري ۾ عدالت وڃي سگهي ٿي، وزيراعظم ادارن کي گڏ هلائڻ لاءِ سرگرم آهي: بابر اعواڻ

ادارن ۾ ٽڪراءُ کي غداري ڪيس ۾ فيصلي جي پيرا 66 سان ڳنڍيو پيو وڃي، ادارا مضبوط ۽ خودمختيار نه ٿيندا ته رياست نٿي هلي سگهي

اِن هائوس تبديلي جون ڳالهيون ٿين پيون، هي ڪو حليم نه آهي جو ڪو دال کڻي اچي ۽ ڪو چانور کڻي اچي: اسلام آباد ۾ ڳالهيون

سي سي آءِ جو اجلاس اڄ ٿيندو: سي جي ڪينال تي بجلي گهر ۽ پاڻي ورڇ تي بحث ٿيندو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ سال بعد ٿيندڙ اجلاس ۾ سالياني رپورٽ 17-2016ع پيش ڪئي ويندي

16 نقاطي ايجنڊا ۾ وفاقي حڪومت جي سمرين کي ترجيح، سنڌ جون 2 سمريون پوئتي رکيون ويون

وزيراعظم سوين يوٽرن وٺي چڪو آهي، عمران خان 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائڻ تي مشرف کي غدار قرار ڏنو هو: پيپلز پارٽي

سکر ۾ خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي پ پ سنڌ جو اجلاس: 27 ڊسمبر تي راولپنڊي ۾ جلسي لاءِ انتظامن جو جائزو ورتو ويو

پرويز مشرف پاڻ پنهنجي حڪومت تي ايمرجنسي لڳائي هئي، ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ واري ڳالهه فيصلو نه، پر ريمارڪس آهن: پ پ اڳواڻ

سکر (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي چيو آهي ته پرويز مشرف 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائي ته عمران خان کيس غدار قرار ڏنو هو، وزيراعظم عمران خان هيل تائين سوين يوٽرن وٺي چڪو آهي. سکر ۾ اجلاس دوران 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي راولپنڊي ۾ جلسي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کانپوءِ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪئي، اجلاس پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه جي رهائشگاهه تي ٿيو هو.
پريس ڪانفرنس دوران پ پ اڳواڻن چيو ته ملاقاتن جو مقصد 12 سالن کانپوءِ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ انتظامن جي حوالي سان جائزو وٺڻ آهي، راولپنڊي ۾ اسان پنهنجي ليڊر کي وڃايو هو، شهيد بينظير ڀٽو اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني آهي. 27 ڊسمبر تي اُنهي لياقت باغ ۾ وڃي شهيد کي ڀيٽا پيش ڪنداسين، جتي کيس اسان کان کسيو ويو هو.
وزيراعظم جو هڪ ٻيو يوٽرن
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته وزيراعظم عمران خان هڪ ٻيو يوٽرن ورتو آهي، عوام کائنس پُڇي رهيو آهي ته هو ملائيشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ڇو نه ويو؟ هيل تائين عمران خان سوين يوٽرن وٺي چڪو آهي. هُن تنقيد ڪندي چيو ته پرويز مشرف پاڻ پنهنجي حڪومت تي ايمرجنسي لڳائي هئي، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف لاءِ خصوصي عدالت جيڪو فيصلو ڏنو آهي، اُن ۾ ٻن ججز حمايت ۽ هڪ جج اختلاف ڪيو آهي.
عمران خان به مشرف کي غدار قرار ڏنو
نثار کهڙو چيو ته ڊي چوڪ تي لٽڪائڻ واري ڳالهه فيصلو نه، ريمارڪس آهن، پرويز مشرف 2007ع ۾ ايمرجنسي لڳائي ته عمران خان کيس غدار قرار ڏنو هو، آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو معاملو اڃا تائين سامهون نه آيو آهي، جڏهن حڪومت معاملو پارليامينٽ ۾ آڻيندي ته پيپلز پارٽي پنهنجو موقف پيش ڪندي.

پاڪستان سان اهڙا لاڳاپا نه آهن جو ڌمڪين واري ٻولي استعمال ٿئي: سعودي عرب طرفان ملائيشيا سَمِٽ ۾ شرڪت نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي ترديد

ترڪ صدر طيب اردگان جي بيان کانپوءِ اسلام آباد ۾ موجود سعودي سفارتخاني پڌرائي جاري ڪئي، پاڪستان تي دٻاءُ کي رد ڪيو

پاڪستان سان دوستاڻن لاڳاپن جي بُنياد تي گڏ آهيون، سدائين ساٿ ڏنو آهي ته جيئن مستحڪم ملڪ طور ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب

ماتلي،تلهار۽گولاڙچي۾حددخلين خلاف آپريشن:سوين گهرڊاهي پٽ:مزاحمت، زال مڙس زهر پي ڇڏيو: ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين جي قيادت ۾ ڌرڻو

ماتلي ۾ٽئين ڏينهن به آپريشن: اڪرم واھ ۽ ڦليلي ڪئنال جي ڪپرن تي ڳري مشينري ذريعي سوين ماڻهن جا اجها پٽ،بس اسٽاپ چوڪ تي ڌرڻو

تلهار ۾ ڳوٺ حاجي خان جتوئي، دريا جتوئي ۾ مير واهه ڪئنال جي ڪپرن تي آپريشن، گھر، دڪان، ڇپرن ڊاهي پٽ، متاثر کُليل آسمان هيٺ ويٺل