تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

سنڌ اسيمبلي ۾امتياز شيخ جِي تقرير دوران اپوزيشن جو گوڙ:حڪومتي ۽ اپوزيشن ميبرن جون هڪٻئي تي اُلرون، اسپيڪر طرفان اجلاس ملتوي

پابندي باوجود گاڏين مان گئس سلينڊر ختم نه ڪرڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن: نصرت سحر عباسي

اسڪولي وئنز ۽ انٽر سٽي گاڏين ۾ گئس سلينڊرز لڳائڻ تي پابندي آهي، قانون تي عمل لاءِ ڪارروائيون جاري آهن:اويس شاهه

آرڊيننس آڻڻ لاءِ اپوزيشن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي، ڪلڀوشن ياديو جي نه سزا ختم ڪئي ۽ نه ئي کيس رليف ڏنو آهي: فروغ نسيم

آئين ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته آرڊيننس آڻڻ کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو

پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ به پنهنجن حڪومتي دورن ۾ آرڊيننس جاري ڪنديون رهيون آهن

سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب غيرآئيني ادارو ٿي ويو، سليڪٽڊ سرڪار پاڪستاني ٻارن جي قاتل ۽ ڀارتي جاسوس کي اين آر او ڏنو: بلاول

دهشتگرد احسان الله احسان کي اين آر او ڏئي آزاد ڪيو ويو، احتساب جو اهڙو ادارو آندو وڃي جيڪو سڀني جو احتساب ڪري

قومي اسيمبلي ۾ خطاب، بلاول طرفان پي ٽي آءِ سرڪار کي نيب ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي آڇ

سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نيب جو باب بند ٿيڻ گهرجي، غير آئيني ادارن کي تالا هڻي ڇڏيو، شهباز شريف جي صحتيابي بعد اي پي سي ٿيندي: بلاول

نيب چيئرمين استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي، عمران خان جو ڪچن هلائڻ لاءِ ڪرپشن ٿي رهي آهي: پيپلزپارٽي چيئرمين

نيب کي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، شهباز شريف جي صحتيابي بعد اي پي سي ٿيندي: پريس ڪانفرنس

لاهور (بيورو رپورٽ) پيپلزپارتي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نيب جو باب بند ٿيڻ گهرجي، نيب-اسٽيبلشمينٽ ڪٺ پتلي جو احتساب ٿي رهيو آهي، هاڻي نيب جي رهڻ جو ڪو جواز ناهي بچيو، خواجه سعد رفيق ڪيس تي سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نيب جي ڪابه آئيني حيثيت ناهي رهي، نيب ۽ ڄامڙن جي مدد سان حڪومت ٺهندي آهي ته ملڪ جي حالت خراب ٿي ويندي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي ڪرپشن کان پاڪ بڻائڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي آڻيندڙ ٻڌائين ته ڇا ڪرپشن ختم ٿي وئي؟ عمران خان جو ڪچن هلائڻ لاءِ ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، نيب کي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جو شروع کان موقف رهيو آهي ته آمر طرفان آندل نيب جو قانون ڪارو قانون آهي. نيب کي بند ڪريو، غيرآئيني ادارن کي تالو هڻي ڇڏيو، نيب چيئيرمين ۾ شرم حياءُ هجي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، وفاقي حڪومت صوبن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جي صحتيابي بعد اي پي سي ٿيندي، ن ليگ قيادت سان اي پي سي بابت تفصيلي ملاقات ٿي، عيد بعد ٿيندڙ اي پي سي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، پنجاب پاڪستان جو وڏو صوبو آهي، ملڪ جي وڏي صوبي تي اڻ گهڙيا ماڻهو حڪومت ڪري رهيا آهن، پنجاب جي حڪومتي ٽيم نالائق ۽ نااهل آهي، پنجاب جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو.

سنڌ سرڪار صوبي ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو:وفاقي سرڪارپاران ڪڻڪ پرڏيهه مان گهرائڻ وارو فيصلو غلط قرار

سرڪاري ڪڻڪ نڪري وئي ته 22ڪروڙ عوام تڪليف ۾ ايندو: وڏي وزير صدارت ۾ اجلاس بعد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب جي پريس ڪانفرنس

وفاق ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ موڪلڻ لاءِ صوبن تي دٻاءُ وڌو، جنهن جا خراب نتيجا نڪرندا:صوبائي وزيرَ

وفاقي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم، هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو:پيپلزپارٽي/نواز ليگ

وفاقي سرڪار جي ڪاري قانون جي نتيجي ۾ ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو، جنهن مان نڪرڻ لاءِ 50 سال لڳي ويندا: قمر زمان ڪائره/احسن اقبال

بلاول ڀٽو ۽ نواز ليگ وفد وچ ۾ ملاقات دوران اي پي سي لاءِ ٻين اپوزيشن جماعتن سان به رابطا ڪرڻ تي اتفاق، اڳواڻن جي پرس ڪانفرنس

لاهور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ حڪومت ايف اي ٽي ايف بهاني سان اهڙي قانونسازي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪو نيب جو ابو نه، پر ڏاڏو آهي، نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙي ورتي، بلاول ڀٽو ۽ نواز ليگ وفد وچ ۾ ملاقات دوران اي پي سي لاءِ ٻين اپوزيشن جماعتن سان به رابطا ڪرڻ تي اتفاق، ملاقات بعد نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ فاشسٽ رياست آڻڻ واري تجربي جي سٽ نٿو سهي سگهي، اپوزيشن جماعتن ۾ اتفاق آهي ته هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو، وفاقي سرڪار جي ڪاري قانون جي نتيجي ۾ ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو، جنهن مان نڪرڻ لاءِ 50 سال لڳي ويندا، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ وائکو ٿي ويو آهي، نيب پنهنجي طاقت ذريعي اپوزيشن کي عوامي تحريڪون ڪرائڻ کان روڪي نٿو سگهي، عيد کان جلد پوءِ ٿيندڙ اي پي سي ۾ حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي ئي نالائقين جي بار سبب مارچ ۽ اپريل ۾ ڪِرڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي، ڪورونا سبب اپوزيشن جماعتن کي سياسي سرگرميون ملتوي ڪرڻيون پيون ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي هڪ ٻي لائيف لائين ملي وئي، لاهور ۾ بلاول ڀٽو سان ملاقات بعد احسن اقبال چيو ته ڪورونا جي حالتن مان نڪرندي ئي سياسي سرگرميون وڌي وينديون، پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عمران خان پاڻ به جلدي وڃڻ جي چڪر ۾ آهي، تڏهن اهڙا ڪم ڪري رهيو آهي.

سنڌ ۾ پ پ حڪومت بجلي چورن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، بااثر بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي: توانائي وارو وفاقي وزير

بجلي نه مفت ۾ ٺهي ٿي ۽ نه ئي مفت ۾ ورهائي پئي وڃي، بجلي چوري سبب نقصان کي نظر ۾ رکندي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي ويندي آهي

بجلي چورن جي پٺڀرائي ڪندڙ پيپلز پارٽي جا وزير لوڊمئنيجمينٽ تي سياسي بيان ڏئِي سنڌ جي عوام کي دوکو نٿا ڏئي سگهن:عمر ايوب

پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بوزدار کي هٽائڻ وارين ڳالهين مان هوا نڪري وئي:عثمان بوزدار سرگرم وڏو وزير آهي، مٿس مڪمل اعتماد آهي:عمران خان

وزيراعظم ڏکڻ پنجاب صوبي جَي قيام لاءِ وفاق ۽ صوبن جَي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي

اسان کي 5سالن ۾ 50لک گهر ٺاهڻا آهن.ملڪ جَي پٺتي پيل علائقن جي ترقي حڪومت جِي پهرين ترجيح آهي:وزيراعظم

سنڌ ۾ ڪورونا لاءِ هاٽ اسپاٽ قرار ڏنل علائقن ۾ سليڪٽِوَ لاڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي،مخصوص ڪيل جاين تي قرباني جا جانور ذبح ڪيا ويندا:وڏو وزير

وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ اين سي او سي جو اجلاس: گهٽين ۽ رستن تي جانورن جي قرباني ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي: مراد علي شاهه

وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ڪوششن سان ئي ڪورونا وائرس کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو: وفاقي وزير اسد عمر

پي ٽي آءِ پاران ڪلڀوشن کي رليف ڏيڻ لاءِ آندل آرڊيننس تي ڪڏهن معاف نه ڪيو ويندو، اسان آرڊيننس آڻيون ها ته جيئڻ حرام ڪيو وڃي ها: بلاول

ڪلڀوشن لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ ضروري هو ته اپوزيشن ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها، آرڊيننس غيرقانوني آهي

آرڊيننس آڻي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، حڪومت کي وضاحت ڏيڻي پوندي: بلاول جي سکر ۾ پريس ڪانفرنس

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪلڀوشن کي رليف ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ڳجهو آرڊيننس آندو آهي، سليڪٽيڊ حڪومت جو آرڊيننس غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ڀارتي جاسوس لاءِ آرڊيننس آڻڻ جي ضرورت هئي ته اپوزيشن ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ها، پي ٽي آءِ حڪومت کي آرڊيننس تي وضاحت ڏيڻي پوندي، اسان سندن پيڇو نه ڇڏينداسين. هُن چيو ته آرڊيننس سان هڪ ٻيو جواز پيدا ٿي ويو آهي ته عمران خان کي وزيراعظم نه رهڻ گهرجي، عمران خان پي ٽي آءِ، ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ جو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش آهي، هو ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان آرڊيننس جاري ڪريون ها ته اسان جو جيئڻ حرام ڪيو وڃي ها ۽ پاڪستان دفاعِ ڪائونسل ڌرڻن تي ويهي رهَي آهي.

وزيراعظم جو ڪراچي ۾ بجلي جَي اگهن ۾واڌ وارو فيصلو ملتوي ڪرڻ جو حڪم: مسئلا حل ٿيڻ تائين ڪراچي کي نيشنل گرڊ مان بجلي ڏني وڃي:عمران خان

وزيراعظم جو وفاقي ڪابينا جِي توانائي بابت ڪميٽي جِي اجلاس دوران ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ فوري طور ختم ڪرڻ جِي هدايت

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جَي معاملي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي،ڪراچي واسين سان ناانصافي قبول نه ڪنداسين: عمران خان

سنڌ حڪومت پاران سيپٽمبر بدران جولاءِ ۾ ڪڻڪ فلورملز کي ڏيڻ کان انڪار، پي ٽي آءِ سرڪار غذائي بحران پيدا ڪرڻ وڃي پئي: صوبائي وزير

سنڌ حڪومت ٽارگيٽ کان وڌيڪ ڪڻڪ حاصل ڪئي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪڻڪ ۽ ڪمند جو بحران پيدا ڪيو: مرتضيٰ وهاب/اسماعيل راهو

ملڪي تاريخ ۾ اهڙي نالائق حڪومت ڪڏهن نه آئي، هٿ خوراڪ جو بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي:پريس ڪانفرنس

قومي احتساب بيورو اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، سرتاج عزيز ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي

ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي ۽ ڪرپشن فري پاڪستان جي لاءِ نيب سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي: نيب چيئرمين

سُپريم ڪورٽ کنڊ اسڪينڊل جي رپورٽ تحت شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي شگر ملز مالڪن جي درخواستن تي ٽن هفتن اندر فيصلا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو

بيانبازي سياسي مامرو آهي، اِن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي:چيف جسٽس

بي آر ٽي جي خرچي مان پي ٽي آءِ جو ڪچن هلي ٿو، نيب سوڌو سمورا ادارا وفاقي حڪومت جي ڪرپشن لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا پيا ڪن: بلاول

وفاقي حڪومت جي هر سياسي انجنيئرنگ خلاف وڙهنداسين،عمران خان مشرف جي ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو ورتو: بلاول

عالمي توڙي ملڪي رپورٽس موجب هي حڪومت ڪرپٽ آهي، مودي جي شروع کان مخالفت ڪئي آهي: پريس ڪانفرنس