تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي هيانءُ ڏاريندڙ واقعو: ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مسافر وين کي باهه:واقعي ۾ فوتين جو انگ 13 ٿي ويو:ترجمان موٽروي

پوليس سميت ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو

بدنصيب وين ڪراچي کان حيدرآباد وڃي رهي هئي، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به سوار هئا: حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر

وفاقي سرڪار پنهنجي نااهلي ۽ ڪوتاهين جو بار هڪ صوبي مٿان نه وجهي، رٿابندي ۾ ڪوتاهين سبب سنڌ کي گئس نه پئي ڏني وڃي: وڏو وزير

ڪياماڙي جي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪيا ويندا، سموري سنڌ جا به مسئلا گڏجي حل ڪيا ويندا: مراد علي شاهه

ڪياماڙي ۾ پهريون ايوينٽ ٿيڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، ڪراچي جي ترقي ۽ بهتري لاءِ پاڪ نيوي غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو آهي

مخالف ڌر جي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ آهي: اپوزيشن استعيفيٰ ڏئي ننڍي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، هڪ سيٽ به نه کٽيندا:وزيراعظم

نوازشريف امير المومنين بڻجي ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿو، نوازشريف چاهي ٿو ته، نه کيڏندس ۽ نه ئي کيڏڻ ڏيندس:عمران خان

مخالف ڌر وٽ ماڻهو نه آهن، تنهنڪري هو مولانا فضل الرحمان کي گڏ کڻي هلندا آهن، مونکي اپوزيشن کان ڪو خطرو ناهي: وزيراعظم

سپريم ڪورٽ طرفان اي پي ايس سانحي تي ڪميشن ۽ وفاقي سرڪار جون رپورٽون عوام آڏو پڌريون ڪرڻ جو حڪم

مٿان کان ڪارروائي جي شروعات ڪريو، ذميوارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن مستقبل ۾اهڙن واقعن کان بچي سگهجي: چيف جسٽس

ملڪ جو الميو رهيو آهي ته وڏي سانحي جي ذميوار ننڍي عملي کي فارغ ڪيو، وڏن ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي آهي

مخالف ڌر ۾ همت آهي ته اسيمبليز مان استعيفيٰ ڏئي چونڊن لاءِ تيار آهيون: مولانا فضل الرحمٰن آرمي چيف سان روبرو ملاقات ڪئي آهي:شيخ رشيد

مخالف نٿا چاهين ته وزيراعظم سينيٽ ۾ اڪثريت کڻي،عمران خان به کين اين آر او نه ڏيندو، عمران خان کي فوج جو سهڪار آهي:شيخ رشيد

پيپلزپارٽي سنڌ مان استعيفائون نه ڏيندي،نواز شريف عظيم ادارن خلاف ڳالهايو،غلطي ٿي جو نواز شريف پرڏيهه ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو: وفاقي وزير

پٽڙين سان گڏ عمارتون ٺاهيون ويون آهن، ريل گاڏيون ڪيئن هلنديون؟ سموريون حددخليون ختم ڪرايون وڃن: سپريم ڪورٽ

سرڪاري زمين جي اوهان کي پرواهه ڪونهي، ٽريڪٽر ڪاهي وڃو ۽ سموريون حددخليون ختم ڪرايو: چيف جسٽس

ٽن مهينن ۾ 10 انڊر پاسز ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو (چيف جسٽس) ايف ڊبليو او تمام پاسز جي سروي مڪمل ڪئي آهي:سنڌ سرڪار

آرمي چيف گلگت بلتستان ۾ شفاف چونڊن جِي خواهش رکي ٿو: عمران خان پنهنجو ڪم نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي: پ پ چيئرمين

عسڪري قيادت سان ملاقات ۾گلگت بلتستان ۽ قومي سلامتي بابت بريفنگ ملي:بلاول جو گلگت ۾ چونڊن لاءِ پارٽي اميدوارن جو اعلان

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شيخ رشيد جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هو ڪنهن جو به ترجمان آهي، اهو کيس چوي ته هاڻي خاموش ٿي وڃي

اسلام آباد:احتساب عدالت طرفان مني لانڊرنگ، پارڪ لين ۽ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنسز تي فيصلو، آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم

احتساب عدالت طرفان آصف زرداري جون ٽن ڪرپشن ڪيسز ۾ درخواستون خارج ، ٽنهي ريفرنسز تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو

جوابدار کي جعلي اڪائونٽس ڪيسز ۾ بري نه ٿو ڪري سگهجي (احتساب عدالت) آصف زرداري سوڌو سمورا جوابدار 28 سيپٽمبر تي طلب

گرفتاري وارنٽ لنڊن ۾ نواز شريف جي گهر پهچايا ويا، سزا مليل شخص کي پرڏيهه موڪلڻ وقت عدالت کي آگاهه ئي نه ڪيو ويو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

گرفتاري وارنٽ نواز شريف جي پٽ حسن نواز وصول ڪيا، وفاقي سرڪار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو هو،هاڻي اُن کي به نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي:عدالت

آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات:ڪنهن به سياسي عمل سان فوج جو سڌي يا اڻسڌي ريت واسطو ناهي:عسڪري قيادت

عسڪري قيادت جي پارلياماني اڳواڻن سان گذريل هفتي ملاقات ٿي. وفاقي وزير شيخ رشيد ملاقات جي تصديق ڪئي هئي

چونڊ سڌارن، نيب ۽ سياسي مامرن ۾ فوج جو ڪوبه عمل دخل نه آهي: ضرورت پوڻ تي فوج سول انتظاميا جي مدد ڪندي: قيادت

وزيراعظم کي خبر هجڻ گهرجي ته عام ماڻهو ڪيئن متاثر ٿين پيا،اسلام آباد ۾ هر پاسي مفادن جي ٽڪراءُ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي:هاءِ ڪورٽ

مفادن جو ٽڪراءُ انتهائي سنجيده مامرو آهي، گهرو کاتو پاڻ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي: چيف جسٽس اطهر من الله

شهزاد اڪبر صاحب! سڄو نظرم ڪرپٽ ٿي ويو آهي،عدالت اڳيان اها ڳالهه آئي ته رياست جي رٽ ڪٿي به نه آهي:ريمارڪس

مخالف ڌر پاران وزيراعظم کان استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو: ايندڙ سال جنوري ۾ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان

ملڪگير احتجاجي تحريڪ هلائڻ لاءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جنوري 2021 ۾ اسلام آباد ڏانهن فيصلائتو لانگ مارچ جو اعلان

سليڪٽيڊ حڪومت جَي خاتمي لاءِ گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سمورا سياسي ۽ آئيني آپشن استعمال ڪندي: جاري ڪيل پڌرنامو

وفاقي سرڪار اي پي سي کي جوابدارن جو ميڙاڪو قرار ڏئي ڇڏيو:بيماري جو بهانو ڪري پرڏيهه ڀڄي ويندڙ اي پي سي کي خطاب ڪندو:شبلي

اپوزيشن اي پي سي ۾ طئي ڪندي ته ڪيئن بدامني پکيڙِجي: انهن جي نااميدي پکيڙڻ سان ملڪ ۾ سنجيده مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو:وفاقي وزيرَ

قانون آڏو پيش ٿيڻ جِي ڳالهه ٿئي ٿي ته نواز شريف بيمار آهي:وفاقي وزير شبلي فراز ۽ شهزاد اڪبر جي پريس ڪانفرنس دوران نواز شريف تي تنقيد

سنڌ حڪومت کي آپگهات جي وڌندڙ رجحان جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۽ خودڪشي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ڪميشن جي جوڙجڪ جو نوٽيفڪيشن هفتي اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪميشن ۾ نفسيات جي ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي, جتي آپگهات جو رجحان وڌيڪ آهي اُتي دورا ڪيا وڃن: عدالت

سنڌ حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪري ڇڏيو، ڇهين کان اٺين جماعت جا ڪلاسز 21 سيپٽمبر تي نه کلندا: سعيد غني

ڄاڻايل ڪلاسز 28 سيٽمبر تي کوليا ويندا، صورتحال بهتر نه ٿي ته تاريخ اڳتي وڌائينداسين

تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿي، سنڌ حڪومت ٻارن جي صحت تي سوديبازي نه ڪندي
1 2 3 64