تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

سنڌ يونيورسٽي ۾ آرٽ ٿيسز شو جي پڄاڻي، انعام تقسيم

ڪوڙو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي معطل ٿيل ڊاڪٽرياڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر

نندي ۾ الٽرا فلٽر پلانٽ بند،ڳوٺاڻن ڍور ٻڌي ڇڏيا

سنڌالاجي پاران 8 ادبي ڪتابن لاءِ ايوارڊن جو اعلان

عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي سرن جا بٺا قائم، ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌ، رهواسي بيمارين ۾ مبتلا

علائقن ۾ ڪيترائي سرن جا غيرقانوني بٺا قائم، ٻارڻ لاءِ پراڻين جتين ۽ گند ڪچري جو استعمال

ماحولياتي گدلاڻ تيزي سان ڦهلجڻ لڳي، خارش ۽ چمڙي جون بيماريون عام ٿي ويون

چانڊڪا اسپتال انتظامي ۽ مالي بحران جو شڪار، مستقل ايم ايس مقرر نه ٿيو: دوائون اڻلڀ

اترسنڌجي سڀ کان وڏي اسپتال۾انچارج ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ مقررٿيل،ڊي ڊي اوپاوربه نه مليا

ڪروڙين رپين جون مشينون خراب، مرمت ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ٿي، مريض سخت پريشان

عوامي تنقيد: حڪومت گيس اگهن ۾ واڌ روڪي ڇڏي

“رٺل ميمبرن کي پرچايو” وزيراعظم جي عثمان بوزدار کي هدايت

18 هين ترميم بعد نالا مٽائي قائم ڪيل وزارتون ختم ڪرڻ جي سفارش

پي آءِ اي ۾ 466 ملازمن جون ڊگريون جعلي: 47 پائلٽس پوڙها آهن: حڪومت

سنڌ جا ماڻهو دوزخ جي زندگي گذارن پيا، پنجاب جا ٺٺ آهن: عثمان ڪاڪڙ

بدين جي تعليمي ادارن جو عمارتون زبون، صاف پاڻي جو وڏو مسئلو آهي:رپورٽ

اسلام آباد: پٺتي پيل علائقن بابت ڪاميٽي جي چيئرمين عثمان خان ڪاڪڙ پيش ڪيل رپورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو 5. سيڪڙو علائقو ليس ڊولپمينٽ آهي، 8 ضلعا پٺتي پيل آهن، سنڌ ملڪي پيداور ۾ 63 سيڪڙو گيس پيداوار ۽ روينيو وصولين ۾ 60 سيڪرو حصو ڏئي ٿي پر سنڌ جا ماڻهو دوزخ جهڙي زندگي گذارن ٿا، جڏهن ته لاهور ۽ اسلام آباد جا ٺٺ آهن. هن چيو ته بدين ضلعي ۾ 5 گيس ۽ تيل جون ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، پر اتان جي عوام کي 20 سيڪڙو به روزگار نه ڏنو ويو آهي، بدين ۾ سائيڪلون سبب لکين ماڻهن متاثر ٿيا، 95 سيڪڙو گهر گيس کان محروم آهن، 50 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، 60 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقي پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن، بدين ضلعي ۾جيڪا انگريزن ان ريلوي لائين هئي ان کي به ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي جي آبادي 16 لک آهي، اتي مسلسل قحط سالي اچڻ سبب آبادي تباهه ٿي وئي آهي، هن چيو ته اين ڊي ايم اي ٿرپارڪر ۾ 10 رپين جو به ڪم نه ڪيو آهي، ٿرپارڪر جي 100 سيڪڙو آبادي کي بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ ۽ صحت ڪارڊ ڏنو وڃي، اتي ميڊيڪل ڪاليج به قائم ڪئي وڃي، تعمير ٿيندڙ ڊيم سبب ماحول تي خراب اثر ٿيا آهن، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي مان بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين 10 ملازمتون به مقامي ماڻهن کي نه ڏنيون آهن، 15 عورتن کي ڊرائيور بڻايو ويو آهي، اتي عورتن جي خراڪ ۽ ٻارن وچ ۾ وقفي جو مسئلو به آهي، سنڌ حڪومت کي ٿرپارڪر ۾ بهترين اسپتال ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ بهتر آر او پلانٽ لڳائڻ تي داد ڏيان ٿو، هن چيو ته ٿرپارڪ ۾ بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون اسورٽس ڪامپليڪس، ليبارٽريون، ووڪيشنل سينٽر قائم ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، سنڌ کي هر سال حصي کان گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، ارسا انصاف تي ٻڌل پاڻي تقسيم نه ٿي ڪري، سنڌ 60 سيڪڙو ملڪي آمدني ۾ حصو ڏئي ٿي پر ان کي هر حڪمران گهٽ فنڊ فراهم ڪري سنڌ سان ظلم ڪندو رهيو آهي. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي مشاهد حسين سيد چيو ته قدرتي وسيلن تي پهريون حق تسليم ٿيل آهي، جنهن تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد: رپورٽ ۾ سنڌ جي بدين ضلعي جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته بدين ضلعي ۾ 4 گيس ۽ تيل ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، رپورٽ ۾ ڪاميٽي پاران بدين ضلعي جي دوري بابت شامل ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بدين ضلعي ۾ 2886 پرائمري، 92 مڊل، 15 ايليمينٽري، 62 سيڪنڊري، 9 هائير سيڪنڊري اسڪول، 5 ڪاليجون، 7 ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ۽ هڪ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس قائم ٿيل آهي، تعليمي ادارن جون اڪثر بلڊنگون ٻيهر مرمت جوڳيون آهن، اڪثر تعليمي ادارا بنيادي سهولتن کان وانجهيل، خطرناڪ هجڻ سان گڏ ڪجهه اسڪول بلڊنگن کان سواءِ به آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بدين ۾ آبپاشي لاءِ پاڻي ۽ معياري ٻجن جي عدم موجودگي سبب سورج مکي، ٽماٽر، چانور ۽ ڪاٽن جهڙن فصلن جا حدف حاصل نه ٿي رهيا آهن، بدين ۾ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ 118 آر او پلانٽ لڳل آهن، جن مان 86 فنڪشنل، 20 خراب ٿيل آهن، واٽر سپلاءِ جي 150 اسڪيمن مان 35 ناڪارا، جڏهن ته 29 ڊرينيج اسڪيمن مان 14 ناڪاره ٿيل آهن، ٿرپارڪر ضلعي جي دوري بابت ڪاميٽي ٻڌايو آهي ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ 3494 پرائمري اسڪولن مان 2989 اسڪول فنڪشنل، جڏهن ته 417 اسڪولن کي بلڊنگ ناهي، هڪ لک 44 هزار 487 شاگردن لاءِ رڳو 3607 استاد موجود آهن، 275 هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 54 تعليمي ادارا بلڊنگن کانسواءِ آهن، 29.78 سيڪڙو خواندگي جي شرح آهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ رڳو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙن جو تعداد 62 هزار 42 آهي، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 9 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڪوئلي جا ذخيرا آهن، جن ۾ 175.506 ارب ميٽرڪ ٽن ڪوئلو آهي، ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ جي ميگا منصوبن جو بنيادي حقن تي اثر، انهن سبب ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ، ماحولياتي خرابي ۽ زمين حاصل ڪرڻ وارا جينين مسئلا آهن، جيڪي مسئلا خصوصي ڌيان چاهين ٿا، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته گورانو ڊيم ماحولياتي اثرن جي مناسب اسسمينٽ کانسواءِ ٺاهيو پيو وڃي، ان جي چوڌاري 12 کان وڌيڪ ڳوٺ جن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ چوپايو مال آهي.

امير سنڌ جا 10 ضلعا غربت جو شڪار: ٿر، بدين، قمبر، دادو، جيڪب آباد، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ پٺتي پيل قرار

سينيٽ ۾ پٺتي پيل علائقن بابت ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي

، بلوچستان جا 29، ڪي پي ڪي جا 11 ۽ پنجاب جا 4 ضلعا به ترقي ۾ پوئتي قرار

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) امير سنڌ جا 8 ضلعا غربت جو شڪار: دادو، جيڪب آباد، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين پٺتي پيل قرار، بدين جي 95 سيڪڙو آبادي گيس کان محروم، 70 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ پٺتي پيل ضلعن لاءِ رکڻ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ سميت مختلف سفارشون سينيٽ ۾ پيش ڪيون ويون. سينيٽ جو اجلاس صادق سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پٺتي پيل علائقن بابت سينيٽ ڪاميٽي جي چيئرمين عثمان ڪاڪڙ پٺتي پيل علائقن توڙي بدين، ٿرپارڪر ضلعي جي دورن بابت رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، 40 صفحن تي ٻڌل ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ پنجاب جي 4، سنڌ جي 8، ڪي پي ڪي جي 11 ۽ بلوچستان جي 29 ضلعن ۾ کي پٺتي پيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سمورن ضلعن کي ڪاميٽي رپورٽ ۾ پٺتي پيل ضلعا قرار ڏنو ويو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويوآهي ته پاڪستان ڪل 7 لک 96 هزار 96 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي، جنهن مان 65.4 سيڪڙو يعني 6 لک 51 هزار 38 اسڪوائر ڪلوميٽر پٺتي پيل جي ذمري ۾ اچن ٿا، سنڌ ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب 14سيڪڙو، ڪي پي ڪي 61 سيڪڙو، بلوچستان 99 سيڪڙو، فاٽا. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا علائقا 100 سيڪڙو ليس ڊولپمينٽ جي ذمري ۾ اچن ٿا، رپورٽ ۾ سنڌ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ دادو، جيڪب آباد، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، قمبر- شهدادڪوٽ، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ بدين کي ڄاڻايو آهي، جڏهن ته پنجاب جي ضلعن ۾ ليه، لوڌران، مظفر ڳڙهه ۽ راجنپور شامل آهن، ڪاميٽي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سالياني بجيٽ مان 70 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ رکي وڃي، رپورٽ ۾ هي به چيو ويو آهي ته بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب 70 سيڪڙو ملڪ جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، جنهن ڪري غريب وڌيڪ غريب ۽ امير وڌيڪ امير ٿي رهيا آهن، هڪ ملڪ ۾ ٻه ملڪ قائم ٿيل نظر اچن ٿا، جن ۾ هڪ اليٽ ڪلاس ترقي يافته علائقن ۾ رهي ٿو ۽ غريب ڪلاس ليس ڊولپمينٽ ايريا ۾ رهي رهيو آهي، ڪاميٽي سانگهڙ، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، قمبر- شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، دادو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ زرعي ريسرچ ۽ پيداوار کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ، ڄاڻايل ضلعن جي پٺتي پيل علائقن لاءِ صوبائي ۽ وفاقي سطح تي ملازمتن ۾ڪوٽا مقرر ڪرڻ، ڄاڻايل ضلعن جي عورتن لاءِ نيون اسڪيمون ۽ پروگرام شروع ڪري کين بنا وياج جي قرض فراهم ڪرڻ، انهن ضلعن ۾ تعلقي سطح تي يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪرڻ ۽ بند ٿيل اسٽورن کي بحال ڪرڻ جي سفارش سان گڏ ڄاڻايل ضلعن ۾ مناسب پريشر سان گڏ گيس فراهم ڪرڻ ، گريس پيدا ڪندڙ ۽ گيس جا ذخيرا رکندڙ علائقن جي 5 ڪلوميٽر ايراضي ۾ قائم گهرن کي گيس جا مخصوص يونٽ مفت ۾ ڏيڻ، جڏهن ته گيس پيدا ڪندڙ ضلعن سان تعلق رکندڙ شهرين کي رعايتي اگهه تي گهرن ۾ گيس فراهم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي، ڪاميٽي مٿي ڄاڻايل پٺتي پيل سنڌ جي ضلعن جي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ سمورن شهرين کي بجلي فراهم ڪرڻ ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ سمورين عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مالي امداد جا ڪارڊ فراهم ڪرڻ، ۽ ان حوالي سان جلد کان جلد سروي ڪرڻ جي سفارش ڪندي وزيراعظم جا صحت ڪارڊ به مٿي ڄاڻايل ضلعن جي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ شهرين کي ڏيڻ جي سفارش ڪندي گيس فيلڊن ۾ انتظامي عهدن تي مقامي ماڻهن کي رکڻ جي به سفارش ڪئي آهي، ڪاميٽي بدين ضلعي ۾ گيس ۽ تيل پيداوار ڪندڙ ڪمپنين کي علائقي جي ترقي لاءِڪردار ادا ڪرڻ جي سفارش ڪندي چيو آهي ته بدين ڊسٽرڪٽ ۽ ان جي ڳوٺن مان ڪل 3 کان 5 سيڪڙو گهراڻن ۽ آبادين کي گيس ملي رهي آهي، ڪاميٽي سفارش ڪري ٿي ته بدين ضلعي جي هر هڪ گهر ۽ ڳوٺ کي گيس فراهم ڪيو وڃي، بدين ضلعي جي تمام گهڻي تعداد ۾ ڳوٺن کي بجلي کان محروم رکيو ويو آهي، هر گهر کي تڪڙن بنيادن تي بجلي فراهم ڪئي وڃي، بدين جي مختلف شهرن کان ماضي ۾ هلندڙ ڪراچي تائين ٽرين سروس کي بحال ڪيو وڃي، بدين ضلعي ۾ ٽي بي، مليريا، هيپاٽائيٽس بابت سروي ڪئي وڃي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب پاليسي جوڙي وڃي، ڪاميٽي بدين جي دوري دوران محسوس ڪيو آهي ته بدين ڪينالن کي پاڻي پنهنجي مناسب حصي تحت نه ٿو ملي، جنهن ڪري فصل متاثر ٿيا آهن، ان حوالي سان هنگامي بنيادن تي قدم کڻي ڪينالن کي پنهنجي مناسب حصي جيترو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته بدين ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ 200 ڪلوميٽر تي ٻڌل زمين سمنڊ جي پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، حڪومت ان تباهي کي ڏسي ۽ زمين کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو وڃي، دادو جي نئين گاج ڊيم کي به مڪمل ڪيو وڃي، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ کي بند ڪيو وڃي، برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِٿر ۾ ننڍا ڊيم قائم ڪيا وڃن، ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي رائلي ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن کي ڏئي انهن جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي اسڪيمن تي لڳائي وڃي، انڊر گرائونڊ گيسيفڪيشن منصوبي تي لڳل رقم واپس ڪرائي ٿر تي لڳائي وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ڪل ايراضي مان 53 سيڪڙو علائقا ليس ڊولپمينٽ آهن، انهن جي ترقي لاءِ وڌ ۾ وڌ بجيٽ رکي وڃي، ڪاميٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي محسوس ڪري ٿي ته سنڌ جا مختلف ضلعا گهڻ رخي غربت کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن مان عمرڪوٽ ضلعي جي ڪل آبادي مان 50.4 سيڪڙو آبادي، ٿرپارڪر ضلعي جي 48.1 سيڪڙو، ٽنڊو محمد خان 45.5 سيڪڙو، سجاول 44.7 سيڪڙو، ٺٽو 43.7 سيڪڙو بدين 43.7 سيڪڙو، ڪشمور 43.1 سيڪڙو، ميرپور خاص 40 سيڪڙو، جيڪب آباد 39.1 سيڪڙو، قمبر- شهدادڪوٽ 38.6 سيڪڙو، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ 38.3 سيڪڙو آبادي گهڻ رخي غربت کي منهن ڏئي رهي آهي.

ڊاڪٽر رضوان جون سيڪريٽ رپورٽس وزيرن لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويون: امتياز شيخ ۽ سعيد غني جي نااهلي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

عدالت کي صوبائي وزيرن خلاف رپورٽس بابت جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا

رپورٽ کانپوءِ ٻئي صوبائي وزير صادق ۽ امين نه رهيا آهن: درخواستگذار

گهوٽڪي ۾ عورت جي قاتل کي 10 سالن کانپوءِ ڦاهيءَ جي سزا

قمبر ۾ نوجوان مبينا پوليس تشدد ۾ فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو