تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

چڪ ويجهو گذريل ڏينهن قتل ٿيل نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، سوين شهرين جو ڌرڻو، پوليس مک جوابدار جي پيرسن پيءُ کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

نوجوان منظور ميراڻي جو قتل ڪيس ٽن ڀائرن ۽ ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل

دادو جي ماڊل ڪورٽ قتل جي ٻن ڌار ڌار ڪيسز ۾ چئن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

جوابدار نذير، محرم، عبدالعزيز ۽ علي رضا سيال کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزائون ڏنيون ويون

جاويد ڀلي مون سان شادي نه ڪري، رڳو خوش هجي: عمرڪوٽ جي ناري آپگهات واري ڌمڪي تان هٿ کڻي وئي

بينظير جتوئي نوجوان طرفان شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ خودڪشي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي

عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي ناري نوجوان طرفان شادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ آپگهات واري ڌمڪي تان هٿ کڻي وئي. عمرڪوٽ پوليس 2 ڏينهن اڳ ٿاڻي تي پهتل ناري بينظير جتوئيءَ کي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ناري جي بيان بعد عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻاهران ڳالهائيندي ناري چيو ته آئون جاويد آريسر کي مصيبت ۾ وجهڻ نٿي گهران، ساڻس بي انتها پيار ڪريان ٿي، تنهن ڪري نٿي چاهيان ته منهنجي ڪري کيس ڪا تڪليف پهچي. هاڻ سندس مرضي آهي ته شادي ڪري يا نه. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ ناري ٿاڻي تي پهچڻ بعد چيو هو ته جاويد آريسر ساڻس شادي نٿو ڪري، جنهن سان هو محبت ڪري ٿي، جيڪڏهن نوجوان ساڻس شادي نه ڪئي ته آپگهات ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري عدالت ۾ پيشي دوران خودڪشي واري ڌمڪي تان هٿ کڻي وئي، جنهن کانپوءِ عدالت کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

ناري بينظير جتوئي ۽ جاويد آريسر

گهوٽڪي ۾ چوريءَ جي الزام هيٺ گرفتار نينگرن جي ضمانت منظور: ڇوٽو گينگ چورين ۾ مشهور آهي: پوليس

پوليس چئني نينگرن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جسماني رمانڊ لاءِ داخل درخواست رد

مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي کان ملازم جي پگهار ۾ ڪٽوتيءَ تي وضاحت طلب: ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي وڃي؟: سنڌ هاءِ ڪورٽ

رياض شيخ جي پگهار مان 50 هزار ڪٽوتي ڪري عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي: عدالت

ڪڻڪ ۽ بارداڻي جي خريداري جي مد ۾ خردبرد جون شڪايتون: باقراڻي تعلقي جا 6 ڄڻا نيب وٽ طلب

هڪ کي 30 ۽ 5 ڄڻن کي 29 مئي تي نيب سکر آڏو پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو

فواد چوڌري کي بس جي بتي پويان لڳائي ڇڏيو، منهنجي ڀاءُ کي هٽائي اڻ چونڊيل وزير لڳايو ويو: خواجه آصف جي جُملن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا

فواد چوڌري کي سامونڊي لهرون ڳڻڻ تي لڳايو ته اُتي به ڪم ڏيکاريندو: قومي اسيمبلي ۾ خطاب

عمرڪوٽ ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي: هڪ ڄڻو فوت: عورتن سوڌو 30 کان وڌيڪ مسافر زخمي: اسپتال ۾ عملو گُم

رستي تي بجري هجڻ سبب ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي، زخمي اسپتال ۾ تڙپندا رهيا

ڪوٽڙي: مڙس هٿان تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻايل ناري تي مبينا طور ٻيهر تشدد، 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، 3 لاڪ اپ

جوابدارن ڪريمان تي ٻيهر تشدد ڪيو ۽ ڪيس تان هٿ ڪڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون: ايف آءِ آر

ڀريا روڊ جي قبرستان مان ٻڪرين جون منڍيون ۽ تعويز هٿ: شهرين طرفان جعلي عامل کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

عامل قبرستان ۾ کڏ کوٽي رهيو هو ته پيرسن رڙيون ڪيون، ماڻهن جي پهچڻ کان اڳ عامل فرار

انقلابي شاعر حليم باغي، جمن دربدر ۽ ٻين خلاف 10 ڪروڙ هرجاڻي جو ڪيس ختم

فنڪشنل ليگ اڳواڻ سليم مهر پاران داخل ڪرايل 10 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي واري ڪيس ۾ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪروڙين مسلمان اڄ شام مسجدن توڙي گهرن ۾ اعتڪاف ۾ ويهندا، خصوصي انتظام، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي ۾ اعتڪاف جو سڀ کان وڏو اجتماع فيضان مدينه پراڻي سبزي منڊي ۾ ٿيندو

”مونا عدالت ۾ ڇو وئي“: نوجوان منوج جي والد به نُنهن کي ٻيهر گڏ رهائڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو: ناري جا وارث واپس

عمرڪوٽ جي عدالت ۾ طلاق لاءِ درخواست تي ٻڌڻي، ناري مونا ڪُماري پيش نه ٿي

شاگردياڻي انيلا آپگهات ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار اشوڪ ميگهواڙ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

بدين جي مقامي عدالت جوابدار جي وڌيڪ ضمانت جي حوالي سان ڪارروائي هلائيندي

ڪنڌڪوٽ: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل جيڪب آباد واسي نوجوان بازياب ٿي ويو، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

نوجوان اياز ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيو هو، مقابلي دوران ڌاڙيل کيس ڇڏي فرار ٿي ويا: پوليس

ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل جيڪب آباد واسي نوجوان کي مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي جي گهوڙا گهٽ واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران مقابلي بعد ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ٿيل نوجوان اياز علي پٽ محمد حارث پهوڙ جيڪب آباد جو رهواسي آهي، جيڪو ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته مقابلي جي دعويٰ ڪوڙي آهي، پوليس بااثر ماڻهن جي مدد سان مغوي کي بازياب ڪرايو آهي.

بازياب ٿيل جيڪب آباد واسي نوجوان