تازا ترين
  • *ٺٽو: مڪلي باءِ پاس تي خوفناڪ حادثو، نينگر سميت ڪراچي واسي 3 ڄڻا فوت، 4 زخمي*
  • *سکر پوليس پاران همايون مان اغوا ڪيل نينگر شيراز چنا کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، جوابدار مشتاق شاهه گرفتار*
  • *عمرڪوٽ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگرياڻين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل * عمرڪوٽ: شهرين جي شڪايت تي جوابدار احد پٺاڻ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: پوليس * عمرڪوٽ: شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تنگ ڪيو ويندو آهي، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو *
  • *مورو ڀرسان گهر اندر پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب 13 سالن جي نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري مارجي وئي، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * مورو: نينگري نظيران ڌيءُ محمد بخش لاشاري کي قتل ڪيو ويو آهي: چئوٻول *
  • *گمبٽ ۽ ٽنڊو مستي ويجهو روڊ حادثا: نينگري بيبي خيريت بلوچ ۽ زوهيب پٽ خان محمد سومرو فوت، 4 ڄڻا احسان علي بلوچ، بيبي مناحل، بيبي هادي ۽ ثمينه زخمي*
  • *لنڊن: ڪمپيوٽر ۾ ڪٽ، پيسٽ، فائينڊ ۽ ري پليس ايجاد ڪندڙ سائنسدان لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *گهوسٽ اسڪولن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکي اُتان جي چونڊيل نمائندن کي ڳوليو: فاطمه ڀٽو 12 سالن کان بند پيل سر شاهنواز اسڪول جي تصوير شيئر ڪري ڇڏي * سجاول جي سرڪاري بوائز اسڪول تي منهنجي ڏاڏي جو نالو آهي، جيڪو 12 سالن کان بند آهي، اها آهي عملي ڪرپشن: فاطمه ڀٽو * جنهن علائقي ۾ اسڪول بند آهي، اُتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي ڳوليو، اڃا ڪيترا نسلن ائين يرغمال بڻيل رهندا: سوشل ميڊيا تي اپيل *
  • *باڊهه ۾ پ پ ايم پي اي جي سرپئنچيءَ ۾ جرڳو: پسند جي پرڻي تان ٻٽي قتل جو هڪ جوابدار تي 20 لک ڏنڊ: متاثرن جو 4 جوابدارن سان ٺاهه کان انڪار * باڊهه: مقتول نوجوان فياض ۽ غازي ٻرڙو جي وارثن طرفان عدالت ۾ ڪيس تان هٿ کڻڻ بعد ڏنڊ جا 15 لک رُپيا ڏنا ويندا: جرڳي ۾ فتويٰ * باڊهه: فتويٰ موجب جوابدار سليم ڏيرو ڏنڊ جي رقم ڀريندو، ناري مريم ڏيرو ۽ فياض ٻرڙو طرفان پسند جي شاديءَ بعد ڌُرين ۾ تڪرار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: آءِ جي موٽرويز اي ڊي خواجه نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جو سيڪريٽري مقرر*
  • *ڪراچي/حيدرآباد: پٽ جي شادي تي ايڏو خرچ؟ ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس * ڪراچي/حيدرآباد: ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد ولي الله دل دعوت کائڻ بعد ڊي ايس پي ٽنڊوآدم محمد ايوب بروهي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جي وارننگ *
  • توهان جي اقرباپروري تباهي مچائي ڇڏي آهي، پنهنجي مقرريءَ تي جواب ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سيڪريٽري فوڊ تي ڪاوڙ جو اظهار*خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد جي مقرري ئي غيرقانوني آهي، توهان ته سيڪشن آفيسر آهيو: چيف جسٽس احمد علي شيخ*فلور ملز مالڪن کي رهتون ۽ مارڪ اپ جي رقم فوري جمع ڪرائڻ جو حڪم: جوابدار رحمت الله شيخ جي ضمانت درخواست تي فيصلو محفوظ*

ڄامشورو پوليس جي 3 رُڪني ڪميٽي لمس جي شاگرد عاطف آرائين جي پُراسرار موت واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، هاسٽل انتظاميا جاچ ۾ شامل

ايس ايس پي ڄامشورو به هاسٽل جو دورو ڪيو، ڪيس اڃا داخل نه ٿيو

جاچ ڪميٽي لمس ۾ شاگرد جي هاسٽل روم اندر موجود شين جو معائنو ڪيو

ڪوٽڙي (ن پ ا) لمس جي شاگرد عاطف آرائين جي پُراسرار موت جي جاچ لاءِ جُڙيل 3 رڪني ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر ڊيشڪ، انسپيڪٽر انويسٽيگيشن يونس رودناڻي ۽ ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق تي ٻڌل 3 رُڪني ڪميٽي شاگرد عاطف جي هاسٽل واري ڪمري جو دورو ڪيو، جتان گذريل ڏينهن سندس هٿ ۾ پسٽل رکيل لاش هٿ آيو هو. جاچ ڪميٽي هاسٽل روم ۾ سامان جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ سمورو سامان ڪمري کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. 3 رُڪني جاچ ڪميٽي ۾ شامل ايس ايڇ او ڄامشورو چيو ته شاگرد جي موبائيل ميسيجز جو جائزو وٺڻ بعد اندازو ٿيو ته کيس ڪنهن به قسم جي ڌمڪي نه ملي هئي، هيل تائين اهڙي قسم جون پختيون شاهديون نه مليون آهن، جن مان اشارو ملي ته شاگرد کي قتل ڪيو ويو هجي، اُن هوندي به قتل جي خدشي واري پهلو جي جاچ جاري رکي ويندي. هاسٽل جي پرووسٽ ۽ وارڊن سوڌو سيڪيورٽي گارڊز کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. کانئن بيان ورتا ويندا. اُن کان اڳ ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم به لمس يونيورسٽي پهتو ۽ شاگرد جي هاسٽل واري ڪمري جو جائزو وٺڻ بعد واپس هليو ويو. ٻئي پاسي ڄامشورو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود داخل نه ٿي سگهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شاگرد عاطف جي وارثن طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو ته اُن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

چيف جسٽس ثاقب نثار جيان ڪم ڪندس، ڊئمن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ گهران ٿو: نامزد جسٽس آصف کوسا

سوموٽو وارو اختيار گهٽ استعمال ڪندس، اهو اختيار اتي استعمال ڪبو جتي ٻيو حل نه هجي

ضياءُ الحسن لنجار جي فرنٽ مين جي اڪائونٽس ۾ رقم ڪيئن منتقل ٿي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي جاچ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

عدالت طرفان ضياءُ الحسن لنجار جي ضمانت ۾ 11 فيبروري تائين واڌ

ٿريسامي بچي وئي! برطانوي پارليامينٽ پاران وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رد

برطانوي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي حق ۾ 306 ۽ مخالفت ۾ 325 ووٽ پيا

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ضروري آهي: قانون وارو وزير فروغ نسيم

فوجي عدالتن بابت عوام کي مڪمل آگاهي هئڻ گهرجي: اسلام آباد ۾ ڳالهيون

ٽي ايم اوز سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ٽي ايم اي فيض گنج ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس

ٽي ايم او رڳو گاڏين ۾ نه ويهن، ڏسن ته شهرن جي ڪهڙي حالت آهي: عدالت

نيو سعيد آباد جي عدالت طرفان چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار عورتون جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

پوليس رضيا، ڪرشما ۽ خانزادي کي عدالت ۾ پيش ڪيو، نينگر پيءُ حوالي

پوليس گذريل ڏينهن ٽنهي عورتن وٽان 28 ڪلو چرس هٿ ڪيو هو

”پگهارون ڏيو“: بدين ضلعي جي 97 فلٽر پلانٽن کي تالا لڳي ويا: ملازمن جي ھڙتال: پاڻي فراھمي بند

اڄ بھ پلانٽ بند رھندا، پريس ڪلب اڳيان سمورا ملازم مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندا: يونين اڳواڻ

پاڻي ڪميشن جي سربراھ جي پگهارون جاري ڪرڻ جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ کان پوءِ ملازمن هڙتال ڪئي

بدين )رپورٽ: حميد سومرو) بدين ۾ فلٽر پلانٽن تي ڪم ڪدڙملازمن پگهارون نه ملڻ سبب سمورا فلٽر پلانٽ بند ڪري هڙتال ڪري ڇڏي پاڻي ڪميشن جي سربراھ جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ کان پوء ملازمن بدين ضلعي جي 5 ئي تعلقن بدين تلهار ماتلي گولاڙچي ۽ ٽنڊي باگي تعلقي جي سمورن شھرن ۾ پاڪ اوسس ڪمپني پاران لڳل 97 آر او پلانٽ بند ڪري ڇڏيا آھن اڄ رات 8 وڳي کان ملازمن هڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي جڏهن ته بدين ضلعي ۾ اڳي ئي پاڻي جي سخت کوٽ آھي فلٽر پلانٽ بند ٿيڻ بعد پاڻي جي کوٽ ويتر وڌي ويندي بدين شھر ۾ 2 ڊسمبر تي پاڻي ڪميشن جي سربراھ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم کي شھرين ضلعي جي سمورن شھرن ۾ فلٽر پلانٽ بند هجڻ بابت شڪايتون ڪيون هيون ۽ ملازمن پاران کين پگهارون نه ملڻ جي شڪايت جو سخت نوٽيس وٺندي پاڪ اوسس ڪمپني جي انچارج کي 4 ڏينهن ۾ فلٽر پلانٽ ھلائڻ ۽ ملازمن کي فوري طور پگهارون ڏيڻ جو حڪم ڪيو هو پر ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود ملازم کي پگهارون نه ملڻ بعد ضلعي جي سمورن ملازمن رات 8 وڳي کان سمورا فلٽر بند ڪري هڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي ملازمن اعلان ڪيوآھي ته صبح جو بدين پريس ڪلب اڳيان سمورا ملازم احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻندا ان سلسلي ۾ فلٽر پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ملازم الهڏنو راهمون ” پنهنجي اخبار “ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي 5 مهينن کان پگهارون نه مليون آھن اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهياآھن مجبور ٿي اڄ کان هڙتال شروع ڪئي آھي ۽ صبح جو پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻنداسين ۽ اسان جو احتجاج پگهارون ملڻ تائين جاري رهندو .

”اوهان ڪم نه ٿا ڪري سگهو“ سُپريم ڪورٽ طرفان گاج ڊئم ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران اسد عمر تي ڪاوڙ جو اظهار

لڳي ٿو ته حڪومت نئن گاج ڊيم ٺاهڻ ۾ سنجيده ناهي: چيف جسٽس جا ريمارڪس

جيڪب آباد ۾ سرڪاري زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار وارو اسڪينڊل: 3 مختيارڪارن، سپروائيزر ۽ تپيدار جي ضمانت منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي 2 رڪني بينچ 5-5 لک عيوض ضمانت منظور ڪئي

نيب سکر جي عدالت طرفان جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ڏني وئي هئي

ڪوٽڙي پُل جو افتتاح ٿيڻ بعد ريلوي ڦاٽڪ عام ٽرئفڪ لاءِ اوچتو بند ٿي ويو

پُل تان گاڏين جي اچ وڃ شروع ڪرائڻ لاءِ ڦاٽڪ بند ڪيو ويو آهي: انتظاميا

امير هاني جو مدو اڄ ختم: واٽر ڪميشن جي مستقبل جوفيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي

ڪميشن جي سربراهه جي مختلف ضلعن ۽ علائقن جا 267 دورا ڪيا ۽ 117ڏينهن ٻڌڻي ڪئي

واٽر ڪميشن 2016 ۾ قائم ڪئي وئي، پهريون سربراهه جسٽس (ر) اقبال ڪلهوڙو هو

گيم ريزرو وائر جي زمين تي ڪنهن جو قبضو؟ ناصر شاهه نالو کڻڻ کان لنوائي ويو

خواجه اظهار کي اداري جو نالو ٻڌائيندس، پوءِ هو پاڻ به سوال نه پڇندو: ناصر حسين شاهه

سنڌ اسيمبلي ۾ خواجه اظهار جي سوال تي ناصر شاهه جواب چيمبر ۾ ڏيڻ جو چئي ٽاري ڇڏيو

سُپريم ڪورٽ اُم رُباب جي پيءُ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل وارو ڪيس ٻيهر ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو

عدالت طرفان آءِ جي ۽ اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري، ڌُريون سڀاڻي عدالت طلب

بلاول جي نوٽيس وٺڻ شرط لاڙڪاڻو انتظاميا ٿرٿلي۾:4ڪلاڪن ۾ گٽرن جو پاڻي گم

لاڙڪاڻو ميونسپل وٽ 470 ملازم ھئا، جيڪي واٽر ڪميشن جي چوڻ تي فارغ ڪيا اٿئون

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) ساھ سيباڻي لاڙڪاڻي ۾ گٽر اٿلي پوڻ جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران نوٽيس وٺڻ ۽ انتظاميا کي 24 ڪلاڪن ۾ صفائي جا انتظام ڪرڻ جي ڏنل حڪم کانپوءِ لاڙڪاڻو ميونسپل جون اختياريون توڙي ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي ويا، چئن ڪلاڪن اندر ڪوثر محلي ۾ بيٺل گندي پاڻي نيڪال ڪيو ويو، جڏھن تھ ٻين محلن ۾ صفائي جو عمل شروع ڪيو ويو ھو، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ميئر انور علي لھر ”پنھنجي اخبار“ سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان وٽ 470 ملازم ڏھاڙي تي رکيل ھئا، جن کي واٽر ڪميشن جي سربراھ جي لاڙڪاڻي جي دوري بعد ھٽايو ويو آھي، ھن وقت يوسي 10 ۾ رڳو 3 خاڪروب موجود آھن، جنھن ڪري صفائي جا مسئلا ٿين ٿا، ٻئي طرف لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس جي صدر عبدالغفارشيخ جو چوڻ ھو تھ ماضي ۾ پيرس بڻيل لاڙڪاڻي ۾ ھن وقت گندگي جا انبار لڳل آھن، صورتحال ان نقطي تي وڃي پھتي آھي جو بلاول ڀٽو کي صفائي معاملي جو بھ نوٽيس وٺڻو پيو آھي، واضح رھي تھ ڪوثر محلي جي رھواسي نوجوان پنھنجي پاڙي جي صورتحال بابت وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي ھئي، جنھن جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاڻ نوٽيس ورتو.