تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

اوٻاوڙو ڀرسان آبپاشي کاتي جي بنگلي کي لڳل باهه ڀرپاسي جي گاڏين کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ايڪسائيز کاتي طرفان پڪڙيل 12 گاڏيون سڙي ويون

بنگلي جي پاسي 40 کان 45 گاڏيون بيٺل: انتظاميا باهه لڳڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا

ڪشمور پوليس ٻن مبينا ڏوهارين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتاري جي دعويٰ

ٻئي جوابدار چوري ۾ ملوث آهن، سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا: پوليس

پ پ شهيد ڀٽو ۽ ف ليگ ڪارڪنن طرفان آصف زرداري جي گرفتاريءَ جي خوشي ۾ ريليون، مٺايون ورهايون ويون

مديجي، ميهڙ، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، دُهل ۽ شرنائين تي جهمريون

رانگ نمبر تي دوستي: گهوٽڪي جي 21 سالن جي نوجوان 63 ورهين جي عورت سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

اميران جي محبت ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو(گل) 4 ٻار آهن، بيواهه هئس: اميران

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ 63 سالن جي عورت 21 سالن جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي. ڳوٺ ميولغاري جي رهواسي نوجوان گل پسند ملڪ سان پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي رهواسڻ 63 سالن جي عورت اميران خاتون گهوٽڪي جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو. روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهيندي نوجوان گل پسند ملڪ ٻڌايو ته مون 4 مهينا پنهنجي مائٽ سان شادي ڪئي هئي پر اميران جي محبت ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پهرين زال کان ٻي شادي جي اجازت به ورتي، هوڏانهن پسند جي شادي ڪندڙ عورت اميران خاتون جو چوڻ هو ته هن جي اڳ ۾ شادي ٿيل آهي ۽ چار ٻار به آهن پر مڙس فوت ٿي ويو آهي. جنهن بعد موبائيل فون تي رانگ نمبر تان گل پسند سان دوستي ٿي. جيڪا اڄ شادي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. پهاڄ سان گڏ رهنديس، ننڍي ڀيڻ آهي منهنجي.

وارث ڏنو ماڇيءَ ۾ ڀيڻ ۽ ڀاڻيجيءَ سوڌو ٽن ڄڻن کي قتل ڪندڙ ٻن جوابدار ڀائرن کي عمر قيد جي سزا

عاشق ۽ اڪبر سومرو ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ، ڀاڻيجي ۽ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو هو

بهرام ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج: مُک روڊ تي ڌرڻي سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون

آبپاشي عملدار وارهه بئراج جو پاڻي بااثرن کي ڏئي رهيا آهن، اسان جا فصل نٿا ٿين: آبادگار

زال جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، اڄ هن ٻارن کي زهر ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي: ريتي واسي نوجوان جو ٻارن سوڌو زال خلاف احتجاج

سمجهائڻ جي صورت ۾ زال پاڻ کي يا اسان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي: نوجوان

جيڪب آباد ۾ ڀيڻ ۽ نوجوان کي فائرنگ ڪري مبينا قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار: ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل

جوابدار وزير خاراني ڀيڻ عقيلا ۽ شهمير خاراني کي ڪارنهن تهمت ۾ قتل ڪيو هو

پيرجوڳوٺ: 3 سال اڳ قتل ڪيل نوجوان جي خون جو جرڳو: الزام هيٺ آيل ڌر تي مجموعي طور 25 لک رپيا ڏنڊ

الزام هيٺ آيل ڌر 5 لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا، رهيل رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي

ميهڙ ڀرسان گُم ٿيل نينگر جو ٻئي ڏينهن به پتو نه پيو: وارثن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج: اعليٰ اختيارين کي ڳولا ۾ مدد جي اپيل

ظهير شيخ ڪالهه صبح جو گهران نڪري ويو ته واپس نه موٽيو: نينگر جا والدين

ٺري ميرواهه ڀرسان ڪئنال ۾ ٻُڏي ويل نينگر جو 5 ڏينهن کانپوءِ لاش هٿ: انتظاميا وارثن جي مدد نه ڪئي

اساما پيرزادو ڪئنال جي ٽٽل پُل ڪراس ڪري رهيو هو ته پاڻي ۾ ڪري پيو

امريڪا ۽ روس جا جنگي جهاز ٽڪرائجڻ کان ذري گهٽ بچي ويا، هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ لڳا

امريڪا جهاز اوچتو رخ تبديل ڪيو(روس) روس غير محفوظ قدم کنيو: امريڪا

اڳوڻي مڙس 2 ڀيرا اغوا بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو: خيرپور ۾ فنڪاره فوزيه سنڌو جو ڀيڻين سان گڏ احتجاج

اعظم ڄامڙو بااثر هجڻ ڪري پوليس سندس خلاف ڪارروائي نٿي ڪري: فوزيه سنڌو

چڪ ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ انب قادراڻي ۽ ساماڻي جي وانڍ ۾ پوليس جو آپريشن: اڌ ڪلاڪ تائين مقابلي باوجود ڏوهاري گرفتار نه ٿيا

اهلڪارن ڏوهارين جي مبينا 10 گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس نفري گهٽ ڄاڻائي واپس موٽي وئي

چڪ (ن پ ا) لکي غلام شاهه پوليس ڪچي جي علائقي ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو پر اڌ ڪلاڪ تائين مقابلو جاري رهڻ باوجود ڏوهاري گرفتار نه ٿيا، پوليس نفري گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي خالي واپس موٽي وئي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 10 گهرن کي باهيون به ڏنيون ويون. چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ساماڻي جي وانڍ ۾ پوليس ڏوهارين خلاف ٻيهر آپريشن ڪيو، جنهن دوران شڪارپور ضلعي جي پوليس جون بڪتربند گاڏيون ناڪاره هجڻ ڪري نواب شاهه ۽ نوشهروفيروز مان گهرايل بڪتربند گاڏيون استعمال ڪيون ويون. آپريشن دوران ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين مقابلو جاري رهيو، پوليس هن ڀيري به ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪام ٿي وئي ۽ وري به نفري گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي واپس موٽي وئي. پوليس ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ انب قادراڻي ۾ به چڙهائي ڪئي، جتي به ڏوهاري گرفتار نه ٿيا، پر اهلڪار 10 گهرن کي باهه ڏئي واپس موٽي ويا. دلشير شادڻجو جتوئي، حفيظ شادڻجو جتوئي، مراد جعفري، علي اڪبر جعفري، مهر جعفري ۽ ٻين ڳوٺاڻن پوليس خلاف احتجاج ڪندي چيو ته واقعي سان سندن ڪوبه واسطو ناهي، پوليس بنا جواز گهرن کي باهيون ڏئي مال ڪاهي وئي آهي. واضح رهي ته چڪ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ڪجهه عرصو اڳ آپريشن دوران ڏوهارين بڪتربند گاڏي تي فائرنگ ڪئي، گوليون بڪتربند گاڏي کي آرپار ٿي ويون ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

ڏوڪري ۾ ويڳي ڀيڻ مبينا طور ڀاءُ کي خنجر هڻي قتل ڪري ڇڏيو: چاهيندڙ جي چوڻ تي ڀاءُ کي ماريو اٿس( وارث) ناري سميت 2 ڄڻا گرفتار

مقتول جي وارثن جو لاش سوڌو ٿاڻي آڏو ڌرڻو، ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪوشش، قتل ڪيس داخل

لاڙڪاڻو/ڏوڪري (نمائندن وٽان) ڏوڪر ڀرسان ويڳي ڀيڻ مبينا طور ڀاءُ کي خنجر جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. کوکر پاڙي ۾ نوجوان سعيد احمد کوکر ننڊ سُتل هو ته مٿس خنجر جا وار ڪيا ويا، کيس چانڊڪا اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي ئي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جنهن بعد وارثن لاش رکي ڏوڪري ٿاڻي آڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن ٿاڻي اندر ڀڃ ڊاهه جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سان سندن چڪريون ٿيون، سعيد کوکر جي والد عيسيٰ کوکر ۽ ٻين ڀاتين جو چوڻ هو ته کيس ويڳي ڀيڻ تانيا قتل ڪيو آهي. هُنن ٻڌايو ته تانيا جو پاڙيسري باقر شاهه سان واسطو هو، سعيد اُن جي مخالفت ڪندو هو، نوجوان جي چوڻ تي تانيا ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ وارثن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪري ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس ويڳي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ناريءَ تانيا ۽ مک جوابدار باقر شاهه جي ڀاءُ علي تقي شاهه کي گرفتار ڪري ورتو، ڏوڪري پوليس طرفان گرفتار ڪرڻ بعد ناري کي لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مک جوابدار باقر شاهه جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڏوڪري پوليس ناري تانيه، باقر شاهه، تقي شاهه ۽ ٻن اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل ڪيس به داخل ڪري ورتو.