تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي سبطين سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج، تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاريون ويون

لڳي ٿو پوليس قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، اعتماد کڄي ويو آهي: وارث

سنڌ سرڪار آغا سراج دُراني لاءِ سنڌ اسيمبلي جي چئمبر کي سب جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو: اسپيڪر رات جو ئي سب جيل منتقل

گهرو کاتي طرفان ڊپٽي اسپيڪر جي سفارش تي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

سنڌ - پنجاب سرحدي دنگ تي سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي: ناري ۽ 4 ٻارڙا ٻُڏي ويا: ٻن ٻارن جا لاش ڪڍيا ويا

ٻيڙي ۾ 16 ڄڻا سوار هئا، 11 ڄڻن کي بچايو ويو، ناري ۽ ٻن ٻارن جي ڳولا جاري

چڪ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ، پوليس تي راڪيٽ لانچر جا 5 گولا فائر ڪيا ويا: ذريعا

مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل منير مصراڻي جي مارجڻ واري پوليس جي دعويٰ جي تصديق نه ٿي

صحت کاتي جو ڪارنامو: هيپاٽائيٽس جي روڪٿام لاءِ لکين رُپين جون وئڪسينز ايڪسپاير ٿيڻ واريون: ٻارن کي نه مليون

لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ وئڪسينز گهرايون ويون، ڪمشنر گُم ۽ صحت کاتو خاموش

دادو جي عدالت راڌڻ ۽ رُڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

راڌڻ ۽ رُڪڻ ٿاڻي جي پوليس ٽن جوابدارن کي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف مظاهرا: ٽائرن کي باهيون

لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، نوشهروفيروز، ٺل، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ جيالا رستن تي نڪري آيا

سنڌ سرڪار طرفان روڊز جي تعمير لاءِ 22 ارب رُپيا رکيا ويا: توانائي جي شعبي لاءِ 24 ارب مخصوص: 570 ڳوٺن تائين بجلي پهچائڻ جو اعلان

سکر بئراج جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم ورلڊ بئنڪ سان گڏ شروع ڪيو ويندو: وڏو وزير

بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 22 ارب رُپيا مخصوص

ٺارو شاهه ۾ گهٽيءَ جي معاملي تان چاچا ڀائيٽيا وڙهي پيا: لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو: 6 ڄڻا زخمي3 گرفتار

وارڊ نمبر 8 ۾ سولنگي برادري سان واسطو رکندڙ ڌُرين ۾ گهٽيءَ ۾ بيهڻ تان جهيڙو ٿيو

سول اسپتال مٺي ۾ بيمارين ۽ گرمي وگهي 7 ٻارڙا فوت: تيل ئي ناهي ته جنريٽر ڪيئن هلايون: اسپتال انتظاميا

اسپتال ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ لوڊشيڊنگ دوران جنريٽر نٿو هلايو وڃي: مريض

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ ڪارڪنن طرفان آصف زرداري جي گرفتاري خلاف مظاهرا: جهُڏو ۾ هڙتال

کاهي، هالاڻي، ميرپور خاص، مديجي ۽ ٻين شهرن ۾ جيالن پارٽي جو جهندو کڻي احتجاج ڪيو

اوٻاوڙو ڀرسان آبپاشي کاتي جي بنگلي کي لڳل باهه ڀرپاسي جي گاڏين کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، ايڪسائيز کاتي طرفان پڪڙيل 12 گاڏيون سڙي ويون

بنگلي جي پاسي 40 کان 45 گاڏيون بيٺل: انتظاميا باهه لڳڻ جا ڪارڻ نه ٻڌايا

ڪشمور پوليس ٻن مبينا ڏوهارين کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتاري جي دعويٰ

ٻئي جوابدار چوري ۾ ملوث آهن، سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا: پوليس

پ پ شهيد ڀٽو ۽ ف ليگ ڪارڪنن طرفان آصف زرداري جي گرفتاريءَ جي خوشي ۾ ريليون، مٺايون ورهايون ويون

مديجي، ميهڙ، قمبر ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، دُهل ۽ شرنائين تي جهمريون

رانگ نمبر تي دوستي: گهوٽڪي جي 21 سالن جي نوجوان 63 ورهين جي عورت سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

اميران جي محبت ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪيو(گل) 4 ٻار آهن، بيواهه هئس: اميران

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ 63 سالن جي عورت 21 سالن جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي. ڳوٺ ميولغاري جي رهواسي نوجوان گل پسند ملڪ سان پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي رهواسڻ 63 سالن جي عورت اميران خاتون گهوٽڪي جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو. روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهيندي نوجوان گل پسند ملڪ ٻڌايو ته مون 4 مهينا پنهنجي مائٽ سان شادي ڪئي هئي پر اميران جي محبت ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پهرين زال کان ٻي شادي جي اجازت به ورتي، هوڏانهن پسند جي شادي ڪندڙ عورت اميران خاتون جو چوڻ هو ته هن جي اڳ ۾ شادي ٿيل آهي ۽ چار ٻار به آهن پر مڙس فوت ٿي ويو آهي. جنهن بعد موبائيل فون تي رانگ نمبر تان گل پسند سان دوستي ٿي. جيڪا اڄ شادي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. پهاڄ سان گڏ رهنديس، ننڍي ڀيڻ آهي منهنجي.

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ 63 سالن جي عورت 21 سالن جي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي. ڳوٺ ميولغاري جي رهواسي نوجوان گل پسند ملڪ سان پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي رهواسڻ 63 سالن جي عورت اميران خاتون گهوٽڪي جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو. روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهيندي نوجوان گل پسند ملڪ ٻڌايو ته مون 4 مهينا پنهنجي مائٽ سان شادي ڪئي هئي پر اميران جي محبت ٻي شادي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پهرين زال کان ٻي شادي جي اجازت به ورتي، هوڏانهن پسند جي شادي ڪندڙ عورت اميران خاتون جو چوڻ هو ته هن جي اڳ ۾ شادي ٿيل آهي ۽ چار ٻار به آهن پر مڙس فوت ٿي ويو آهي. جنهن بعد موبائيل فون تي رانگ نمبر تان گل پسند سان دوستي ٿي. جيڪا اڄ شادي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. پهاڄ سان گڏ رهنديس، ننڍي ڀيڻ آهي منهنجي.