تازا ترين
  • *ميرپورخاص: محمود آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 27 ورھين جو فوت *ڄام ڏاتار واسي سرور شاھ ساهرن جي جي گھر گهمڻ آيو هو، موبائيل فون چارج ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳو *
  • *پني عاقل ۾ پ پ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، شهر جو گشت *فتاح سميجو پاران ڄام اڪرام ۽ سيف الله ڌاريجو خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ جي مذمت ڪريون ٿا: جيالا*
  • *حيدرآباد: تلڪ چاڙهي واري علائقي ۾ ناري عائشه آرائين کي مبينا طور مڙس پاران باهه ڏئي ساڙڻ وارو معاملو *نياڻي عائشه کي مڙس رضوان آرائين ۽ ڏير جاويد باهه ڏئي قتل ڪيو: پيءُ يوسف آرائين *عائشه جو مڙس بااثر آهي، خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي: ماءُ صفيه بيگم *مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس عائشه جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري، انصاف ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ 5 ڄڻا بيهوشي واري حالت ۾ منتقل *بيهوش ٿيلن غريب آباد چوڪ تان حلوه پڙي وٺي واپرائي هئي: ذريعا *بيهوش ٿيلن ۾ رضوان آرائين، مبشر، نينگر لاريب ۽ ناري نمره شامل آهن: اسپتال انتظاميا*
  • *رائونتي ۾ ڏوهارين خلاف بند ڪيل آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ پوليس تياريون مڪمل ڪري ورتيون *ايس ايس پي گهوٽڪي پوليس اٽالن سان ڪچي واري بند جي پوليس چوڪين جو جو دورو ڪيو *آپريشن لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل پاران ٻين ضلعن کان به نفري طلب ڪري ورتي: ذريعا *رائونتي واري ڪچي ۾ ٻه مهينا اڳ ڌاڙيلن خلاف ڳوٺ عمر شر آپريشن ڪيو ويو هو *آپريشن دوران هڪ پوليس اهڪار شهيد ۽ 7 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا *
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*

ڪنڊيارو ڀرسان ٽرالر ۽ گاڏي ۾ خوفناڪ ٽڪر: عورت سوڌو پنجاب واسي 4 ڄڻا فوت: 2 زخمي ٿي پيا

پوليس ٽرالر تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، فوتين جو واسطو فيصل آباد سان آهي: پوليس

ڄامشورو ڀرسان ڪراچي واهه ۾ 2 ڀائر ٻُڏي فوت: ٽوٻن ۽ مقامي ماڻهن ٻئي نينگر جو به لاش 5 ڏينهن کانپوءِ هٿ ڪري ورتو

5 ڏينهن اڳ ڪاشف گرگيز ۽ شوڪت گرگيز واهه ۾ وهنجندي ٻُڏي فوت ٿي ويا هئا

علي واهه ۽ شير واهه لارج ۾ پاڻي نه پهتو: نندي ۾ پاڻي ڪميٽي جي سڏ تي شٽربند هڙتال: رستن تان ٽرئفڪ به غائب

آبادگان طرفان مختلف علائقن ۾ ريلي ڪڍڻ بعد احتجاج، زمينون خُشڪ ڪيون ويون آهن: آبادگار

”ڌيءُ نه، پٽ کپي“ سول اسپتال سکر ۾ ويم لاءِ داخل زال تي مبينا طور مڙس جو تشدد، سس کي به گهٽا ڏنا

پيٽ ۾ نياڻي هجڻ ڪري مڙس چيڪ اپ به نه ڪرائيندو هو، بابا اسپتال وٺي آيو: ماريه

ننڍي چونڊ جي موقعي تي گهوٽڪي جو دورو ڇو ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن طرفان وزيراعظم عمران خان کي شوڪاز نوٽيس جاري

دورو اليڪشن ضابطن جي ڀڃڪڙي قرار: وزيراعظم کان هفتي اندر جواب طلب

سکر ۾ معمولي ڳالهه تان وڏي ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي مبينا طور ننڍي ڀاءُ کي چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو: جوابدار فرار

نوجوان انيل کي موٽر سائيڪل جي ڳالهه تان وڏي ڀاءُ قتل ڪيو، وارث معاملو لڪائين پيا: پوليس

سامارو ڀرسان حد دخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون، اي ايس آءِ سميت 4 ڄڻا زخمي

ڳري مشينري ذريعي 50 کان وڌيڪ دڪان ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون

نيب جو ٽائون آفيس ڏوڪري تي ڇاپو، ڇنڊڇاڻ بعد چئن سالن جو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو، رهيل رڪارڊ سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪا به گرفتاري ناهي ٿي، رهيل رڪارڊ سومر تي نيب کي ڏينداسين: ٽائون آفيسر

سانگهڙ ڀرسان سِرن جي بٺي تي عورتن ۽ ٻارن سوڌو ناحق باندي بڻايل 34 پورهيت بازياب: مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي اجازت

ٽنڊو آدم پوليس منگل خان ۽ بارات خان جي بٺي تان بازياب ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪيو

نيب اومني گروپ جي کوسڪي شگر ملز جي ٻن آفيسرز کي گرفتار ڪري ورتو: ڪمند جي آباگارن جا پئسا ڦٻائڻ جو الزام

فيصل پٺاڻ ۽ امان الله شر کي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي گرفتار ڪيو ويو

ڀارت سان مئچ کان اڳ ريسٽورنٽ تي وڃڻ واري تڪراري وڊيو: پي سي بي رانديگرن جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو

وڊيو مئچ کان 2 ڏينهن اڳ جي آهي، رانديگر انتظاميا کان اجازت وٺي ويا هئا: وضاحتي بيان

پيپلز پارٽي حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا: بلاول ڀٽو اڄ فضل الرحمان ۽ شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو

ملاقاتن ۾ اي پي سي جي تاريخ ۽ دڳ طئه ڪرڻ لاءِ به صلاح مشورا ڪيا ويندا: ذريعا

ڀارت هٿان شڪست: قومي ٽيم جو ورلڊ ڪپ ۾ رهڻ مشڪل

ڀارت هٿان شڪست بعد سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ جي لاءِ اگر مگر جي راند شروع

اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي سبطين سومرو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج، تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاريون ويون

لڳي ٿو پوليس قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي، اعتماد کڄي ويو آهي: وارث

سنڌ سرڪار آغا سراج دُراني لاءِ سنڌ اسيمبلي جي چئمبر کي سب جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو: اسپيڪر رات جو ئي سب جيل منتقل

گهرو کاتي طرفان ڊپٽي اسپيڪر جي سفارش تي سب جيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري