تازا ترين
  • *سنڌڙي: ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون، 15دڪان سيل *اي سي سنڌڙي پاران ٻارهون ميل، هنڱورنو ۽ ڦلھڏيون ۾ دڪانن تي ڇاپا هنيا ويا *
  • *ڪراچي: ڪميشن پاس نرسز جون انتظاميا سان ڳالهيون ڪامياب، 5ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم *انتظاميا 2382 نرسز مان 1436 ميل ۽ في ميل نرسز کي پڪو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي: نرسز اڳواڻ *700 نرسز کي جعلي ڊوميسائيل هجڻ جي الزام تحت پڪو نه ڪيو ويندو: نرسز اڳواڻ *
  • *قاضي احمد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر *ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن: فوڪل پرسن *ڪورونا متاثرن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: فوڪل پرسن *
  • *لکي غلام شاهه ۾ ٽائون ڪميٽي جا 11 ملازم ڪورونا جو شڪار ٿي ويا *ٽائون ڪميٽي جي 50 ملازمن مان 11 جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *چوھڙجمالي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 10 ٿي ويو *عورت ۽ پوليس اهلڪار سميت 3ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *وارھه ۾ گهر جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *سول ڪورٽ ڀرسان بجلي ٺاھيندي نوجوان زاھد چانڊيو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *حيدرآباد: گرڊ اسٽيشن ۾ لڳل بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ فني خرابي سبب4 فيڊرز کي بجلي جي فراهمي بند *اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي گرڊ اسٽيشن ۾ فني خرابي بابت آگاهه ڪيو آهي: حيسڪو ترجمان *
  • *خانپور: ڊرينيج جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف رهواسين جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون *
  • *پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 4 هزار 762 ماڻهو فوت ٿي چڪا *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو *سنڌ صوبي ۾ 94 هزار 528 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا *
  • *سانگهڙ ضلعي ۾ برساتن سبب سرڪاري گدامن ٻاهران رکيل ڪڻڪ خراب ٿيڻ جو خدشو *سانگهڙ جي مختلف گدامن ٻاهران 4لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ رکيل آهن*
  • *ڪراچي: احتساب عدالت ۾ غيرقانوني ڀرتين بابت ريفرنس جي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت شاهد خاقان عباسي کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي *شاهد خاقان عباسي ۽ ارشد مرزا پاران عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل *عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 5آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *سنڌ روشن پروگرام اسڪينڊل: مراد علي شاهه اڄ نيب آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي *نيب راولپنڊي وڏي وزير کي 8 جولاءِ تي ٻيهر طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس جاري: ذريعا *
  • *سکر ۾ ماءُ ڌيءَ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو مينارا روڊ تي لاش رکي ڌرڻو *جوابدار شڪيل سيال ٻٽو قتل ڪرڻ بعد پنھنجي ڀيڻ شاهينه کي وٺي فرار ٿي ويو آهي:مظاهرين *
  • *نوشهروفيروز ۾وڌيڪ 3ڪورونا ڪيس رپورٽ، انگ 349 ٿي ويو *ضلعي ۾ڪورونا جا 176 مريض گهرن ۾آئيسوليٽ ٿيل آهن: ڊي ايڇ او *ضلعي ۾170 مريض صحتياب ٿي ويا آهن: ڊي ايڇ او *

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات: مواصلاتي نظام درهم برهم، ننڍن توڙي وڏن نالن جي صفائي نه ٿي، رستن تي پاڻي بيهجي ويو

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جاري، لوڪل گورنمينٽ کاتي جي پت وائکي ٿي وئي

ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ نالن جي صفائي نه ڪئي وئي آهي، شديد پريشان آهيون: شهرين جون دانهون

دريا خان مري ۾ سيپڪو جي نااهلي، 8 ڏينهن کان 3 ٽرانسفارمر سڙيل، رهواسي گرميءَ ۾ بي حال

وارڊ نمبر 2 اسٽيشن محلي، وارڊ نمبر 3 علي خان مري محلي ۽ راجپوت محلي جاٽرانسفارمر ھفتو اڳ سڙي ويا

شھرين پاران شڪايتون ڪرڻ باوجود ھن مھل تائين ٽرانسفارمر نه ٺھي سگهيا

ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل کي ڏوهارين پاران ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش، ڪم ڪندڙ عملي جي واپسي جو صوبائي وزير شبير بجاراڻي جو نوٽيس

شبير بجاراڻي پاران ڪم بند ٿيڻ تي انتظاميا ۽ پوليس کي ڇنڊ عملي کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت

ڪم بند ڪري واپس وڃڻ تي انتظاميا روڪيو، تحفظ نه مليو ته سڀاڻي واپس وينداسين: عملو

سنڌ ۾ گرميءَ ۽ ٻوسٽ دوران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار نه گهٽيو، نه ڏينهن جو سُک ۽ نه رات جو آرام، شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏيڻ لڳا

ڪراچي ۾ ملير، لانڍي، قائد آباد، گرين سٽي، ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ 7 کان 10 ڪلاڪن تائين ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري

حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ

سيوهڻ ميونسپل ڪميٽي جو ملازم رميز چنا ڪورونا وگهي فوت، سکر ۾ 31 نوان ڪيس ظاهر، ميهڙ 13 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا

مٽياري ۾ ڪورونا جا 32 نوان ڪيس ظاهر، متاثرن ۾ ڊاڪٽرز سوڌو 22 ملازم شامل

ميرپور خاص ۾ وڌيڪ 8 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا، سنجهورو ۾ ڪورونا جا 8 نوان ڪيس ظاهر

پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ ٽرين مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي، 18 سِک ياترين سوڌو 19 مسافر فوت، 6 ڄڻا زخمي

فيصل آباد کان ڪراچي ويندڙ شاهه حسن ايڪسپريس ڦاٽڪ ڪراس ڪندڙ مسافر ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي: ڊي پي او شيخوپوره

18 سک ياترين سميت 19 مسافر فوت ٿي ويا، ڪوسٽر ۾ 25 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا: وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار

سنڌ ۾ ڪورونا جي مقامي منتقلي جاري، حيدرآباد سول اسپتال ۾ ٽنڊوالهيار ۽ ميرپور ماٿيلو واسي ٻه مريض فوت

مورو ۾ ٻن ڊاڪٽرن سميت 10 ڄڻن کي وائرس جي تصديق، ڄامشورو ۾ 11 ڪيس ظاهر

سيوهڻ ۾ ٽي نوان ڪيس ظاهر، چيلهار ۾ وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق

نوابشاهه پمز يونيورسٽي جي وي سي ۽ استاد تنظيم جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ تيز، ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر معشوق خواجا پاران پاڻ ساڙڻ جو اعلان

رسڪ الائونس لاءِ احتجاج جو سڏ ڏيڻ تي وِي سي اغوا جِي ڌمڪي ڏني آهي: ڊاڪٽر معشوق

ڊاڪٽر معشوق کي ڌمڪيون ناهن ڏنيون، مونکي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي: وي سي

کنڊ ڪميشن جي رپورٽ تحت شگر ملز مالڪن خلاف ڪارروائي کان روڪڻ وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ايندڙ ٻڌڻيءَ تائين برقرار

هاڻي ممڪن نه آهي ته ڪجهه جوابدارن خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي جاري رهي: سپريم ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي خاطري ۾ نه رکيو آهي: چيف جسٽس جا اريمارڪس

ٻولي اختياري سال ۾ رڳو 2 سيمينار ڪرايا۽ هڪ ڪتاب ڇپرايو: 5 ڪروڙ خرچ، پوڻا 2 ڪروڙ ليپس

مالي سال 20-2019 ۾ ٻولي اختياري ملازمن جي پگهارن، ٽي اي ڊي اي، گاڏين جي تيل ۽ مرمت تي 5 ڪروڙ 62 لک خرچ ڪيا

سنڌي سکيا جي ڪلاسن، ميڊيا جي مانيٽرنگ، سنڌي سافٽ ويئر سميت ٻولي جي واڌ ويجهه واري ڪم تي رپيو به خرچ نه ٿي سگهيو

موسميات کاتي طرفان سنڌ جي سامونڊي پٽي تي برسات جي اڳڪٿي: ڊائريڪٽر ڪاليجز امڪاني برساتن سبب ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

ڪاليجز جي عمارتن جي مرمت سان گڏ گٽر نالا صاف ڪرايا وڃن: ڊائريڪٽر ڪاليجز

شهر جي سمورين ڪاليجن جي عمارتن ۽ ڇتين جي صفائي ڪرائي وڃي: موڪليل خط

سپريم ڪورٽ طرفان ميهڙ جي 3 ڀاتين جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار

3 رڪني بينچ جو 29 مئي تي محفوظ ڪيل فيصلو جسٽس مشير عالم پڙهي ٻڌايو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو

مراد سعيد جي تقرير تي اپوزيشن ڀڄي ڇو ويندي آهي؟ اپوزيشن ڪجهه به ڪري عمران خان ڪڏهن به استعفيٰ نه ڏيندو: شاهه محمود قريشي

عمران خان جا ٽائيگرز ويٺا آهن، قوم ٻڌي ته عمران خان هڪ مقصد لاءِ آيو آهي:پرڏيهي وزير

توهان ملڪ لُٽيو، ڪرپشن ڪيو ۽ مني لانڊرنگ ڪيو، ڇا اسان نوٽيس وٺڻ بند ڪيون

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر طرفان شهرن ۽ هاءِ ويز تي ڏوهي ڪارروائيون روڪڻ توڙي اشتهاري ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون تيز ڪرڻ جي هدايت

پوليس کي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ حڪومتي ايس او پيز تي به عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي

ڏوهاري ٽولن ۽ سندن سرپرستن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پوليس جي پهرين ذميواري آهي:مشتاق مهر

عوام کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان پيٽرول پيدا نٿو ڪري، جڏهن تيل سستو ٿيندو آهي، تڏهن ته واويلا ناهي ڪئي ويندي: پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي ايم پيز

تيل ذخيرو ٿيڻ جي خوف سبب پهرين تاريخ کان اڳ پيٽرول مهانگو ڪيو ويو آهي: حسنين مرزا

اُميد آهي ته وفاقي حڪومت طرفان هاڻي پيٽرول 50 رُپيا سستو ڪيو ويندو: دعا ڀٽو
1 2 3 74