تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

مدئجي ويجهو 10 ٻارڙن جي ماءُ معصوم پٽ سميت مبينا طور اغوا

اربيلو شيخ ساٿين سان گڏ گهر ۾ گهڙي منهنجي زال ۽ پٽ کي اغوا ڪري ويو آهي:وزير شيخ

سنڌ ۾ ڪورونا جي مقامي منتقلي جاري، حيدرآباد سول اسپتال ۾ ڪوٽڙي واسي پيرسن فوت، ميرپورخاص ۾ 50 نوان ڪيس ظاهر

ڪشمور ۾ وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، ڄامشورو ۾ 17 ڄڻن کي وائرس جي تصديق

قانون جي عملداري لاءِ قائم پوليس پاڻ ئي قانون جا بَخيا اڊيڙي ڇڏيا، وڳڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ سندس ساٿي ماءُ پٽ جَي خون مان جرڳي ذريعي پاڻ کي آجو ڪرائي ويا

ايس ايڇ او اسلام چانڊيو ۽ سندس ساٿين مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 75 لک رُپيا ڏنڊ وڌو ويو

گهوٽڪي ويجهو نينگر کي قتل ڪندڙ جوابدا گرفتار، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي: پوليس

قتل ڪيل نينگر عثمان ملڪ کي قتل ڪندڙ جوابدار عثمان انڍڙ کي گرفتار ڪيو ويو

ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو لڳل لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو 7 ڪلاڪن بعد ختم، لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ تي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جي روانگي بحال ٿي وئي

ميرپورماٿيلو ۾ 2 ناريون تحفظ ٿاڻي تي پهچي ويون، والدين اسان جي مرضي خلاف شادي ڪرائڻ چاهين ٿا: فرحا/گلشن شيخ

ڪوثر ڪالوني واسڻ فرحا آرائين ۽ صادق آباد واسڻ گلشن شيخ تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پهتيون

سنڌ جا ڪيترائي علائقا جديد دور ۾ به پٿر جَي زمانَي جو ڏيک ڏيڻ لڳي،تنگواڻي لڳ پل نه هجڻ سبب فوتي عورت جو لاش پاڻي مان گذاري قبرستان نيو ويو

شاخ تي پل نه هجڻ ڪري ڏکي سکي وقت ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي:ڳوٺاڻا

جيڪب آباد ۾ نوجوان اسلم شاهه جي قتل خلاف سيد برادري جو ڌرڻو، پوليس مظاهرين تي ڪڙڪي پئي، ڪيترائي کنڀجي ويا

مظاهرين کي گرفتار ناهي ڪيو، ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي:پوليس

ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيل جهنگل تيغاڻي جو پوليس سان رابطن وارو وڊيو وائرل،گولا،گوليون راڪيٽ لانچر پوليس پھچائيندي آهي:ڏوهاري

ايس ايڇ اوقربان ککراڻي،امتيازکوسو۽چوڪي انچارج الاھي بخش گجراڻي دوست آھن:جهنگل تيغاڻي

ميھڙ ويجهو کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ نوجوان قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

ڳوٺ سائينداد گوگاڻي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ دلبر کوسو مارجي ويو

بينظير آباد ڊويزن جي ڪمشنر پاران نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهروفيروز جي ننڍن وڏن واهن ۾ وهنجڻ تي 90 ڏينهن لاءِ پابندي لڳائي ڇڏي

ايس ايڇ اوز کي پابندي جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا

ممتاز مولائي نياڻيون کسي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي: لاڙڪاڻي ۾ فنڪار خلاف سندس ٻي زال جو احتجاج

دربدري واري زندگي گذاريان پئي، انصاف نه مليو ته پاڻ ساڙينديس:زرينه بلوچ

گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ ڪورونا جو شڪي مريض فوت، سکر ۾ 19 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

سنجهورو ۾ ٽن ليڊي هيلٿ ورڪرز سميت وڌيڪ 10 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا

ٽنڊو ڄام ۾ پ پ اڳواڻ ۽ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا ڪورونا ۾ وٺجي ويا

ڪوٽڙي: وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار، پڇا ڳاڇا بعد وڌيڪ گرفتاريون به ڪيون وينديون: پوليس

غلام قادر گرفتار جوابدارن سان رابطي ۾ رهندو هيو: پوليس

نندو ڀرسان پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو حملي ۾ زخمي، زندگي کي خطرو آهي:اقراء

ناري اقرا ۽ اياز عدالت وڃي رهيا هئا ته مٿن حملو ڪري زخمي ڪيو ويو

1 2 3 80