تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 2 هزار 525 ماڻهو فوت، هڪ لک 21 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 602 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 240 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ملتان ۾ پسند جي شادي ڪيل جوڙي تي ناري جي وارثن طرفان عدالت ٻاهران تشدد، جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

جوڙو عدالت ۾ بيان رڪارڊ ٻاهر نڪتو ته ناريءَ جي وارثن مٿن تشدد ڪيو

ناري جي مائٽن جوڙي جي گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، مُڪن ۽ لتن جو وسڪارو

شهدادپور ڀرسان ٻن زميندارن جي نجي جيلن تي ڇاپا: عورتن ۽ ٻارن سوڌو ناحق باندي بڻايل 11 هاري بازياب

زميندار علي مراد ڏاهري ۽ الهبچايو شاهي غريب هارين کي ناحق باندي بڻايو هو

پاڪستان ۾ ھلندڙ سال تمام گھڻي گرمي ۽ ٻوڏ جو امڪان

15 سالن کان سڀ کان وڌيڪ گرمي ٿيندي: فلڊ ڪنٽرول چيئرمين

برفباري ٿي آھي، گرمي وڌڻ سبب جبلن تي ڄميل برف پگھرجي ويندي