تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

پ پ چيئرمين سان مناظري لاءِ تيار آهيان، بلاول جي سنڌ ۾ ايمبولينسز نه آهي، مريض۽لاش چنگچي،موٽرسائيڪل۽گڏهه گاڏن تي نياپياوڃن:حليم

لاڙڪاڻو لاءِ 2 ڪروڙ رُپيا بجيٽ رکڻ باوجود حالت اها آهي جو سرڪاري دوائون قبرستان مان ملي رهيون آهن: حليم عادل شيخ

رتوديرو ۾ ٽئنڪيون ته لڳايون ويون، پر اتي نه پاڻي اچي ٿو ۽ نه ئي وڃي ٿو: پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ

ڏهرڪي جي ڪچي ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت بعد ٻئي ڏينهن آپريشن جون تياريون مڪمل، 4 اي پي سي چين مشينون گهرايون ويون

مبينا مقابلي دوران پوليس اهلڪار خان محمد جي شهادت ۽ 7 اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جو ڪيس داخل

گذريل ڏينهن ڏوهارين خلاف آپريشن دوران پوليس اهلڪار خان محمد شهيد ٿي ويو هو

پيرونمل، ڪنڊياري-ٽنڊو مٺا خان روڊ مرمت نه ٿيڻ سبب کنڊر، منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ ٿيڻ لڳو

روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا هئڻ سبب روڊ حادثا معمول بڻيل، چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ستل

معاملي جو نوٽيس وٺي روڊ جي جلد کان جلد مرمت ڪرائي وڃي : علائقي واسي

اينٽي ڪرپشن ۾ 40 سيڪڙو ڪوٽا ٻين کاتن لاءِ رکيل، سينئر آفيسر ڊائريڪٽر ٿيڻ کان اڳ ئي رٽائرڊ

کاتي جي 19هين گريڊ واري اسٽلپيمنٽ، انڪوائريز ۽ ليگل ڊائريڪٽر وارن عهدن تائين کاتي جو ڪو به ڪامورو پهچي نه سگھيو

پهرين 50- 50 سيڪڙو مقرري واري ڪوٽا مقرر ٿيل هئي بعد ۾ قانون ۾ تبديلي ڪري 60 سيڪڙو ڪوٽا کاتي کي ڏني وئي

وفاق پنهنجي ٽيڪس پاڻ گڏ ڪري: سنڌ جي ايڪسائيز کاتي جو اڄ کان گاڏين جي رجسٽريشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس نه وٺڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار ود هولڊنگ ٽئڪس جي مد ۾ وفاق کي هر سال 2 کان اڍائي ارب رپيا ڏيندي آهي

خراب معاشي صورتحال باوجود ايڪسائيز کاتي سنڌ جي ڪارڪردگي بهتر رهي، لاڪ ڊائون سبب ٽيڪس جي وصولي متاثر ٿي:مڪيش چاولا

چڪ ۾ سرڪاري گرائونڊز ملڻ جو خواب ساڀيان نه ٿيو: نوجوان مايوس

34 سال اڳ اسٽيڊيم لاءِ تحريڪ هلي، حڪمرانن واعدا به ڪيا، پر مسئلو حل نه ٿي سگهيو

ماضي جا رانديگر زاهد شاهه، رفيق سومرو، منظور سيٺار، رحيم ميئو ۽ ٻيا مايوس ٿي ڪرڪيٽ ڇڏي ويا

آمريڪا ۾ ڏيڍ سال جو نينگر 10 فوٽ ڊگهي نانگ، 56 ڪتن ۽ 521 ڪوئن سان گڏ واڙيل

ٽينيسي رياست جي هنري ڪائونٽي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻارڙي کي بازياب ڪرائي ٻاهر آندو

پوليس 17 بندوقون، ڀنگ جا 127 ٻوٽا به هٿ ڪري ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

دنيا ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار 425 ماڻهو فوت، هڪ لک 72 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 98 لک 76 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو

ميڪسيڪو ۾ڪورونا وائرس 736 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ 25 هزار 60 ٿي ويو

آمريڪا ۾ڪورونا وڌيڪ 569 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ هڪ لک 27 هزار کان وڌي ويو

دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 4هزار 940ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، هڪ لک 63 هزار نوان ڪيس ظاهر

برازيل ۾ هڪ ڏينهن اندر هڪ هزار 97 ماڻهو فوت ٿي ويا، 35 هزار 640 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا

ميڪسيڪو ۾ 947 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت، متاثرن جو انگ هڪ لک 96 هزار 9 سئو ٿي ويو

جڙتو مقابلي ۾ مارجي ويل علي حيدر رونجهو جو ڪيس داخل نه ڪرڻ لاءِ پوليس جا مختلف بهانا، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي آءِ جي نوابشاهه پيش نه ٿيا

ايس ايس پي سانگهڙ ڪورونا جو شڪار، ڊي آءِ جي بينظير آباد مصروف هجڻ ڪري پيش نه ٿيو:پوليس

مقامي عدالت ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي آءِ جي بينظيرآباد کي سڀاڻي تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شڪارپور جا 700 ڳوٺ پاڻي، گيس، صحت، بجلي، تعليم جي سهولت کان محروم، ڊرينيج سسٽم تباهه، روڊ، رستا ۽ پلون زبون

ڳوٺ قاضي پٽي، ڳوٺ ماڙي شريف، قادر بخش، ھادي بخش جوڳي ۽ ٻين علائقن جا رهواسي پٿر واري دور جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور

ڳوٺن ۾ هڪ به وڏي اسپتال قائم ناهي، ڊسپينسرين ۾ مقرر ڊاڪٽر شهرن ۾ پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائڻ ۾ مصروف بڻيل

هٿ آيل پٿر سون جا نه، پر مقناطيسي ڌات وارا پٿر لڳن ٿا: حيدرآباد جي گنجي ٽڪر واري علائقي ڀرسان معدني پٿر هٿ اچڻ واري معاملي جي جاچ مڪمل

ڊائريڪٽر معدنيات رپورٽ معدني وسيلن واري کاتي جي سيڪريٽري ڏانهن اُماڻي ڇڏي

جاچ ٽيم پنهور ڳوٺ جي سروي ڪرڻ سوڌو ڳوٺاڻن جا بيان رڪارڊ ڪيا: رپورٽ

آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي رحمان ملڪ خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

سنٿيارچي پنهنجي وڪيل عمران فيروز ملڪ ذريعي جسٽس آف پيس ۾ درخواست داخل ڪرائي

رحمان ملڪ مان زندگي کي خطرو آهي: آمريڪي بلاگر سنٿيارچي

همايون شريف ڀرسان چاچڙ ۽ قمبراڻي تڪرار جو جرڳو، قمبراڻي ڌر تي 2 قتل ثابت ٿيڻ تي 40 لک رپيا ڏنڊ

ايم اين اي عابد ڀيو، سردار شفقت، مير چنگيز ۽ محمد بخش چاچڙ جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو

قمبراڻي ڌر مٿان 40 لک رپيا ڏنڊ، ڏوهي قرار ڏنل ڌر پاران ٻه لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا

دنيا ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 3 هزار 123 ماڻهو فوت، هڪ لک 16 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر، فوتين جو انگ 4 لک 69 هزار 386 ٿي ويو

آمريڪا ۾ڪورونا وائرس وڌيڪ 247 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ڀارت ۾ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 426 ماڻهو فوت ٿي ويا