تازا ترين
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*
  • صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن جي اختيارن وارو ڪيس: اي جي سنڌ کي نوٽيسز جاري*
  • ناري سان جنسي زيادتي مامرو:معطل ٿيل جج مٿان ڪيس داخل*ناري سلميٰ بروهي جي تازي بيان بعد معطل ٿيل سول جج امتياز ڀٽو مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو*

ميهڙ ويجهو نينگري کان سندس معصوم ڀاءُ کسڻ جي ڪوشش، الزام هيٺ هڪ نينگر سوگهو، مارڪٽ بعد پوليس حوالي

نينگري روبينا تيوڻو کان سندس هنج مان معصوم ڀاءُ کي کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

نينگري مزاحمت ڪري هڪ گهر ۾ پناهه ورتي، شهرين جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو

ناڻي کاتي پاران تعليم کاتي جي تعلقي، ضلعي ۽ ريجن سطح جي نئين جوڙجڪ تي اعتراض

ضلعي۽تعلقي وارين انتظامي پوسٽن جي نئين جوڙجڪ لاءِوزيراعليٰ کي سمري اماڻي

ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر وارا ريجن جڙندا: ميرپورخاص حيدرآباد، لاڙڪاڻو وري سکر ۾ ضم ٿيندا

سنڌ جي اسپتالن ۾ دوائن جو بحران برقرار: صحت کاتو 7 مهينن کان دوائن جي فراهمي ۾ ناڪام

مختلف اسپتالن جا مريض خانگي اسٽورن تان دوائون خريدڻ تي مجبور

مالي سال 2019-20ع جا 7 مهينا گذرڻ باوجود صحت کاتي دوائن جي خريداري مڪمل ناهي ڪئي

سنڌ بئراج ٻيو ڪالاباغ ڊيم آهي، ڪڏهن به حمايت نه ڪنداسين: رياض شاهه شيرازي

ٻيلاتباهه آهن:فطرت سان هٿ چراندجي ڪري ماحولياتي خطراوڌياآهن،حفاظتي اپاءُناهن:ڊاڪٽرفتح

موسمي تبديلين سبب بک،بدحالي۽بيروزگاري وڌي رهي آهي:رفيق ميمڻ،مختيارمهر،سرمداقبال۽ٻيا

ٿر ۾ معصوم ٻارن جي ڌڙا ڌڙ فوت ٿيڻ جو سلسلو نيٺ ڪڏهن بند ٿيندو؟ وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا

سول اسپتال مٺي ۾ 10 مهينن جي زاهد پٽ لياقت ۽ عليم لوهار جي تازو ڄاول پٽ دم ڏنو

هلندڙ مهيني دوران رڳو 7 ڏينهن اندر 12 معصوم ٻار زندگي جي جنگ هارائي ويا

سنڌ جي رورل هيلٿ سينٽرن جون 30 کان وڌيڪ ايمبولنسون ناڪاره، مريض ڏکيائين جو شڪار

142 مان 100 کان وڌيڪ ايمبولنسون فنڪشنل ۽ 30 فنڪشنل ناهن اينٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز

پارٽنرشپ جي معاهدي تحت سندن ادارو آءِ ايڇ ايس ڪا نئين گاڏي خريد نٿو ڪري سگهي

گھوٽڪي صحت کاتي ۾ 2010 کان 2015ع تائين ڀرتين جي جاچ شروع، رڪارڊ طلب

نيب سکر گھوٽڪي، خانڳڙهه، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي جي ميڊيڪل آفيسرن کي به طلب ڪري ورتو

نيب پاران ليٽر جاري، پنج سالن دوران مقرر ڪيل ايم ايسز، ڪلارڪن ۽ ٻين ملازمن جا تفصيل گھريا ويا

ڪوٽڙي: ايس بي سي اي پاران وڪرو ڪيل 12 هائوسنگ اسڪيمون هلائڻ جي اجازت

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن سان معاملا طئه ڪري بلڊرن کي اسڪيمن جي اجازت ملي: ذريعا

ايڪڙ تي ڏيڍ لک رپيا رشوت ۽ پنجويھه ھزار بينڪ چالان جا ورتا ويا آھن: اسڪيم مالڪ جي دعويٰ

سجاول: عورت سان زيادتي جي تصديق نه ٿي، ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪرڻ جو الزام

مهينو اڳ سڪينا لونٺيو 4 جوابدارن خلاف اجتماعي زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو

زيادتي جي تصديق نه ٿي سگھي، رپورٽ تبديل ڪئي وئي آهي: سومار لونٺيو

جاتي ۾ معصوم ٻار سان هٿ پير ٻڌي بدفعلي، بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل

ٻارڻ آبادٿاڻي جي حد۾جوابدارٻئي ڪلاس جي شاگردارجن باگڙي کي حوس جونشانو بڻائي فرارٿي ويو

معصوم ارجن کي وارث بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال کڻائي پهتا، ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو وڃي: والد

محرابپور ۾ گذريل ڏينهن گهر ۾ باهه سبب ٽن ٻارن ۽ گهرواري سوڌو سڙي زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت

وارڊ 11 ۾ گهر اندر هيٽر مان گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڪمري ۾ باهه لڳي وئي هئي

هڪ معصوم ٻار ۽ سندس ماءُ جو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي

لاڙڪاڻو: سون چوري ۾ ملوث گينگ جي نشاندهي: 4 ٽيمون پنجاب لٿل: 20 گرفتار

15ماڻهن تي مشتمل گينگ ۾ وهاڙي، جهنگ، ڊيرا غازي خان، رحيم يار خان ۽ ڪراچي جا چور شامل

گينگ لاهور ۾ 25 چورين سميت ملڪ ۾ 50 ڪامياب وارداتون ڪرڻ باوجود پڪڙ ۾ نه اچي سگهي

ٿر ۾ معصوم ٻارن جي فوتگين جو سلسلو ڪڏهن بند ٿيندو؟ اڄ وڌيڪ 3 معصومڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا

سول اسپتال مٺي ۾ ٽن ٻارن دم ڌڻي حوالي ڪيو، اڃا 110 ٻار داخل

ضلعي جي اسپتالن ۾ طبي سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارن جا واث ڳڻتين ۾ ورتل

لاڙڪاڻو سون چوري ۾ بين الصوبائي گروهه ملوث، ايس پي پنجاب ترسيل، گرفتاريون

لاڙڪاڻي جي دل ريشم گلي مان ٿيل تاريخ جي وڏي چوري واري ڪيس ۾ هفتي بعد پوليس کي اڳڀرائي

بين الصوبائي گينگ جي چورن لاهور،ڪراچي۽ٻين شهرن کانپوءِپهريون ڀيرولاڙڪاڻي۾واردات ڪئي

سنڌ ۾ سال اندر255 عورتن سان زيادتي، 156 گهريلو تشدد جو شڪار ٿيون

ٻارن سان زيادتي جا 1450 واقعا پيش آيا، 729 ڇوڪريون ۽ 575 ڇوڪرا شامل آهن

گذريل هفتي 10 قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو، هراسمينٽ جا 432 واقعا رڪارڊ