تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

83ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کان انتظامي ۽ مالي اختيار کسجي ويا

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ حڪومت صوبائي مينيجمينٽ سروس (پي ايم ايس )ڪيڊر جي 83 ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (اي ڊي سي) ون ۽ ٽو توڙي تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کان فنانشل، جوڊيشل ۽ ايڊمنسٽريٽو اختيار واپس وٺي ڇڏيا، چيف سيڪريٽري پاران ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت نامو جاري ڪرڻ بعد مختيارڪار مان ترقي ماڻي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ۽ ٽو طور ترقيون ماڻيندڙ صوبائي مينيجمينٽ سروس جي ڪامورن کان اختيارين پاور واپس وٺي ڇڏيا، ساڳئي ريت تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کان به مالي، انتظامي ۽ جوڊيشل اختيار کسيا ويا. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھ پاران صوبائي مينيجمينٽ سروس (پي ايم ايس) ڪيڊر جي 83 جي لڳ ڀڳ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون، ٽو ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر طور مقرر ٿيل آفيسرن کان مالي، انتظامي ۽ جوڊيشل اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب ته مختيارڪار مان ترقي ماڻيندڙ 38 ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ۽ ٽو مختلف ضلعن ۾ مقرر ٿيل هئا، جڏهن ته 45 پي ايم ايس آفيسر تعليم کاتي ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيا هئا، ان حوالي سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن جي سيڪريٽري ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين ڏانهن خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته پي ايم ايس ڪيڊر جي آفيسرن کان ڄاڻايل اختيار واپس ورتا وڃن. ذريعن موجب مختيارڪار کان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ۽ ٽو طور ترقي ماڻيندڙن لاءِ سروس رولز 2018ع تحت ترقين لاءِ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ ۽ امتحان ڏيڻ جو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي، ذريعم موجب کين نومبر ۾ ٽريننگ ڏني ويندي، واضح رهي ته 1964ع جي رولز تحت اڳوڻن ايڪس پي سي ايس آفيسرن لاءِ رڳو ٽريننگ وارا شرط لاڳو ٿيل هئا. سنڌ حڪومت پاران نئين ٺاهيل صوبائي مينيجمينٽ ڪيڊر (پي ايم ايس) جا آفيسر مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسر، تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ۽ ٽو مقرر ٿيل آهن.

Bookmark the permalink.