تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

82 سالن جي عورت جي بهادري، چور کي لٺيون هڻي ڀڄائي ڇڏيو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) 82 سالن جي پوڙهي عورت رڳو پنهنجي لٺ جي مدد سان چور کي ماري ماري ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انڊيپينڊنٽ جي رپورٽ موجب برطانيا سان واسطو رکندڙ 82 سالن جي پوڙهي عورت پنهنجي دڪان ۾ گهڙندڙ چور کي پنهنجي لٺ سان ڪٽڪو ڏئي کيس دڪان مان سامان ۽ پيسا چورائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. جون ٽرنر نالي هن عورت ان حوالي سان ٻڌايو ته منهنجو خيال آهي ته هو به اهو ڏسي حيران ٿي ويو ڇو ته ان کي اميد نه هئي ته مون جهڙي عورت اهڙي ريت مقابلو ڪري سگهي ٿي. عورت کي به ان وقت ڌڪ لڳا جڏهن چور کيس ڌڪو ڏئي زمين تي ڪيرائي 50 پائونڊ کڻي فرار ٿي ويو. ان حوالي سان هن وڌيڪ ٻڌايو ته چور دڪان تي آيو ۽ هن پيسا گهريا جنهن تي مان انڪار ڪيو ان کانپوءِ هن پاڻ پيسا کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي مون کي خيال آيو ته اسين پيسا محنت سان ڪمايون ٿا انهن کي ائين ئي ضايع نٿا ڪري سگهون. پيرسن عورت موجب جيڪڏهن اڳتي به اهڙو ڪجهه ٿيو ته وري به ائين ئي ڪنديس پر ان وقت ڪنهن وڌيڪ وزني شئي سان چور کي مارڻ جي ڪوشش ڪنديس. عورت جي 62 سالن جي پٽ جو چوڻ هو ته هو بهادر آهي پر مان اميد ٿو ڪريان ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو پيش نه اچي. اهڙا منظر دڪان جي سي سي ٽي وي ۾ رڪارڊ ڪيا ويا جڏهن ته وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ پوڙهي عورت جي بهادري جي واکاڻ ڪئي وئي. ٻئي پاسي پوليس چور کي گرفتار ڪري ورتو.



Bookmark the permalink.