تازا ترين
  • *ڄامشورو ۾ نوجوان ناري جو پيءُ تي زيادتي جي ڪوشش جو الزام: پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو * ڄامشورو: پيءُ پاڻي بهاني ڪمري ۾ گهرائي لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي: ناري جو الزام * ڄامشورو: جوابدار سومر ملاح کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي: پوليس *
  • *ڪشمور پوليس پاران نوجوان عبدالرزاق کوسو کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۽ هڪ جوابدار محمد حيات سبزوئيکي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ*
  • *جهول ويجهو باهه لڳي وئي، پورهيتن جا 8 ڪکانوان گهر الهه تلهه سوڌو رک*
  • *گولاڙچي ويجهو ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، 2 ڄڻا نواز خاصخيلي ۽ عظيم خاصخيلي فوت*
  • *مانجهند: سن ويجهو وين ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو 45 سالن جو چنيسر کوسو فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي*
  • *گمبٽ ۾ هڪ عورت حاڪم زادي ڪوري ڪارو پٿر پي ڇڏيو، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر*
  • *گمبٽ ڀرسان استري ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت طيبه ڪليري فوت ٿي وئي*
  • *پيرڳوٺ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن غلام شبير ڀنگر ۽ محمد قاسم ڀنگر مان هڪ غلام شبير ڀنگر فوت ٿي ويو*
  • *سکر: گهوٽڪي ويجهو مڙس جوابدار علي مراد شيخ پاران ڪارنهن تهمت هڻي زال مسمات ظھران کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، ناري نازڪ حالت ۾ سکر ريفر * سکر: جوابدار علي مراد شيخ زال مسمات ظھران کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو * سکر: جوابدار ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي نياڻي تي حملو ڪيو: وارث*
  • *سکر: پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان ناري سِمرن ڌيءُ ڪيول مسيح درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ لاءِ وفاق کي وڌيڪ 2 نالا تجويز * ڪراچي: سنڌ سرڪار ثناءُ الله عباسي ۽ انعام غني جا نالا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏيا *
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ هوٽلن، ريسٽورنٽس، بيوٽي پارلر، هار سينگار ۽ صحت مرڪزن کي ٽئڪس ۾ رعايت: ڪابينا خدمتن تي ٽئڪس ۾ رعايت جي منظوري ڏئي ڇڏي * ڪراچي: گهريلو ملازمن جي پگهارن ۽ رجسٽريشن لاءِ رولز جي منظوري، موٽر سائيڪلز ۾ ٽريڪرز لڳائڻ لاءِ به ترميمي قانون جي منظوري ڏني وئي * ڪراچي: وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جي پگهارن وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ جي هدايت، اربن اٿارٽي جوڙڻ جي به منظوري *
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ طرفان سول سوسائٽي سان ملاقات تي اعتراض واري ڇڏيا: ڏوهه ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيڻ تي زور * ڪراچي: وزيراعظم جي ڏيهه واپسي کانپوءِ آءِ جي تبديل ٿي ويندو، ڪوبه بحران نه آهي: مرتضيٰ وهاب *
  • امتياز شيخ ايس ايس پي شڪارپور کي قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو*هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ تي رضوان شيخ معافي وٺي: صوبائي وزير طرفان هڪ ارب جي هرجاڻي جي دعويٰ*
  • آءِ جي سنڌ جي مامري ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت هڪ پيج تي آهن، جلد مسئلو حل ٿي ويندو: وڏو وزير*وفاقي سرڪار سان سنڌ کي پنهنجو حصو نه ملڻ تي اختلاف آهي، ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ اٽي جو بحران حل ٿي ويندو*اُميد ته چيف جسٽس زيادتي مامري ۾ ناري سان انصاف ڪندو: عمرڪوٽ ۾ علي مردان شاهه جي پونيئرن سان تعزيت بعد ڳالهيون*

7 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان جو لاڪ اپ مان اڳٽ سان ڦاهو لڳل لاش هٿ، وارثن پوليس تي قتل جو الزام مڙهي ڇڏيو، احتجاج

سول جج ٿاڻي تي پهچي واقعي جا تفصيل ورتا، پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪاري

نوجوان کي بنا جواز گرفتار ڪري رشوت گهري وئي، تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو: وارث

شادي پلي(ن پ ا) 7 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان جو لاڪ اپ مان ڦاهو لڳل لاش هٿ، وارثن پوليس تي قتل جو الزام مڙهيندي انصاف جي اپيل ڪئي آهي. 30 ورهين جي ڪانڀو عرف ڏاڏو شر پٽ ايوب شر جو لاڪ اپ مان اڳٺ سان ڦاهو لڳل لاش مليو. اطلاع تي سول جج پٿورو سڪندر جمالي ٿاڻي تي پهچي معلومات ورتي، پوليس صحافين کي ڪجھه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڪجھه پوليس اهلڪار چوندا رهيا ته نوجوان خودڪشي ڪئي آهي. نوجوان جا وارث ۽ شر برادري جي ماڻهن به ٿاڻي جو گهيراءُ ڪيو. فوتي نوجوان جي پيءُ ايوب شر چيو ته پوليس 7 ڏينهن اڳ بنا جواز ڪانڀو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو، مختلف هنڌن تي بنا جواز کڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته ڪانڀو تي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڪيس داخل نه هو، پوليس سندس آزادي لاءِ ڳري رشوت طلب ڪئي. غريب هاري آهيون رشوت نه ڏيڻ تي اسانجي نوجوان کي تشدد بعد قتل ڪرڻ بعد لاش ٽنگي آپگهات جو ڊرامو ڪيو پيو وڃي. پيءُ هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او شادي پلي ۽ ملوث پوليس اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وارثن پاران لاش نه کڻڻ بعد معزز ماڻهن جي مداخلت تي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پٿورو جي سرڪاري اسپتال نيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن ٻيهر احتجاج ڪندي لاش سوڌو عمرڪوٽ-ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪانڀو کي چوري جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.



Bookmark the permalink.