تازا ترين
  • حڪومت ٻڌائي ته بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مليون؟سنڌ جي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم*سنڌ سرڪار اولڊ ايج هومز ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز جاري ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو*بزرگ شهرين کي سندن قانون جو به پتو ناهي: عدالت طرفان قانون تي عمل لاءِ جاڳرتا مهم هلائڻ ۽ شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم*
  • لاهور اسپتال تي حملي ۾ گرفتاريون: پنجاب ۾ وڪيلن جي هڙتال*پنجاب بار ڪائونسل جي سڏ تي سموري صوبي ۾ وڪيلن جي هڙتال، مظاهرا ۽ ريليون*

7 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ گڏاڻي – بوزدار تڪرار جو نبيرو

خانڳڙھ جي گوھر پيلس تي جرڳو ٿيو،ٻن ٻارن سميت7خون ثابت ٿيڻ بعد مجموعي طور سوا 84 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: مشتاق ميراڻي) خانڳڙھ ۾ گڏاڻي ۽ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ 12 سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، ٻن ٻارڙن سميت ست خون ثابت ٿيڻ تي ڌرين مٿان مجموعي طور سوا 84 لک ڏنڊ مقرر. خانپور مھر ۾ موٽر سائيڪل ڦر تان 12 سالن کان گڏاڻي ۽ بوزدار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو خانڳڙھ جي گوھر پيلس تي ٿيو، ضلعي چيئرمين حاجي خان مھر ۽ عبدالرحيم خان گبول سرپئنچي ڪئي. جنهن دوران گڏاڻي برادري جي ماڻھن تي بوزدار برادري جي ٻن ٻارڙن سميت چئن ڄڻن جا خون ۽ ٽي زخمي ثابت ٿيا، بوزدار واري ڌر مٿان گڏاڻين جا ٽي خون ۽ ٻارڙي سميت چار زخمي ثابت ٿيا. جرڳي ۾ في خون جو بھا 10 لک ۽ زخمين جو ھڪ لک کان پنجن لکن تائين ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. جنھن تحت ٻنھي ڌرين مٿان مجموعي طور تي 84 لک 25 ھزار ڏنڊ وڌو ويو، جنهن ۾ گڏاڻي برادري تي 47 لک 25 ھزار روپيا ڏنڍ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته بوزدارن تي 37 لک ڏنڊ وڌو ويو، خونن کي خونن ۾ پاڙي رهيل 10 لک 25 ھزار رپيا گڏاڻي برادري بوزدارن کي ادا ڪندي، فتوي’ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.