تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

620 رپين جو چيڪ ملڻ تي راشد محمود پاران پي ٽي وي لاءِ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر اداڪار راشد محمود 620 رپين جو چيڪ موڪلڻ تي پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) لاءِ ڪم نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نجي خابرو ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اداڪار راشد محمود چيو هو ته پاڪستان جي جنهن گهر ۾ به ٽيلي ويزن موجود آهي مان گذريل 4 ڏهاڪن کان ان گهر جو رهواسي آهيان. هن چيو ته مان ملڪ لاءِ ڪهڙيون خدمتون انجام ڏنيون، سڀ ان کان آگاهه آهن ۽ مان هڪ کليل ڪتاب جيان آهيان. راشد محمود ٻڌايو ته ٻن سالن کان پي ٽي وي تي ڪو ڪم ناهي ڪيو پر حڪومت ته سمورا ڪم بند ڪري ڇڏيا آهن ان لاءِ اسان جو ڪم به بند آهي. اداڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته محرم جي ڏينهن ۾ پي ٽي وي لاهور مون کي مرثيو پڙهڻ لاءِ گهرايو هو ۽ مان کليل نموني چوان ٿو ته مرثيو اها صنف آهي جنهن کي هر ڪو نٿو پڙهي سگهي. هن چيو ته مان مرثيو ريڪارڊ ڪرايو ۽ اهو هلي به ويو هو پر هاڻي ٻن سالن کانپوءِ ان جو چيڪ آيو ته ان ۾ منهنجي فيس 275 رپيا آهي جڏهن ته ٻي رقم ان جي پرائيڊ آف پرفارمينس سبب ڏني وئي آهي. راشد محمود چيو ته نئين پاڪستان ۾ منهنجي مدر انسٽيٽيوٽ جو رويو مذمت جوڳو آهي ۽ مون کي اهو عزت ڏيندو. هن چيو ته پي ٽي وي تي ماڻهو 15 کان 25 لک رپيا ماهوار وصول ڪري رهيا آهن کڻي انهن جو شوبز سان ڪو واسطو آهي يا نه. هن اعلان ڪيو ته مان احتجاجن اڳتي پاڪستان پاڪستان ٽيلي ويزن تي ڪمنه ڪندس. نجي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي وي تي ڪم نه ڪرڻ بابت فيصلو اٽل آهي. هن چيو ته پرائيڊ آف پرفارمينس رکندڙ اداڪار سان ڪجهه ماڻهن تضحيڪ جوڳو رويو اختيار ڪندي 620 رپين جي رقم موڪلي جڏهن ته پي ٽي وي ۾ پنهنجن پيارن کي هڪ ڏينهن ۽ پروگرام جا 8 8 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته ايتري رقم جو چيڪ ڏيڻ تي پي ٽي وي مون کان باقاعده معافي گهري آهي ۽ مان انهن کي معاف به ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي ڪڏهن به پي ٽي وي تي ڪم نه ڪندس. مان هميشه حلال رزق ڪمايو ۽ پنهنجو گهر هلايو ۽ جيستائين هٿ پير سلامت آهن پاڻ ڪمائي کائيندس.

Bookmark the permalink.