تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

4 ڏينهن اڳ ڊفينس مان اغوا ٿيل شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ تين تلوار تي سماج سڌارڪن جو ڌرڻو، ٽريفڪ جام

پوليس غير سنجيده نظر ٿي اچي، دعا کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي: ليلان/اعجاز منگي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي مان اغوا ٿي ويل شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ تين تلوار تي سماج سڌارڪن جو ڌرڻو ، سنڌو نواز، شيرين اسد ۽ ٻين سماجي اڳواڻن جي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي، ان موقعي تي دعا منگي جي ڀيڻ ليلان ۽ مامي اعجاز منگي پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اطميناني ظاهر ڪندي چيو ته واقعي کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي شهر جي پوش علائقي مان دعا منگي جو اغوا واقعو مڪمل ڏوهي ڪارروائي آهي. هنن چيو ته پوليس مان کين ڪا به اميد ناهي، ڇاڪاڻ ته هيل تائين پوليس جي سنجيدگي نظر نه ٿي اچي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي دعا منگي کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي ۽ سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفرِ ڪردار تائين پهچايو وڃي.

Bookmark the permalink.