تازا ترين
  • پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور*قرض جي رقم خصوصي بنيادن تي جاري ڪئي ويندي، 30 ڪروڙ گردشي قرضن لاءِ هوندا: ايشيائي ترقياتي بئنڪ*
  • هڪ سال ۾ رڳو پيٽروليم شين جي مد ۾ عوام کان 206 ارب 28 ڪروڙ رُپيا ٽئڪس اوڳاڙيو ويو: وفاقي سرڪار جو اعتراف*قومي اسيمبلي ۾ تيل جي اگهن بابت پيٽروليم وزارت طرفان لکت ۾ جواب جمع، اگهن ۾ 6 ڀيرا اضافو ۽ 11 ڀيرا گهٽتائي ڪرڻ جي دعويٰ*عوام کان پيٽرول تي 35 رُپيا، ڊيزل تي 45 رپيا 75 پئسا ۽ گاسليٽ تي 20 رُپيا في لٽر جي حساب سان ٽئڪس ورتو پيو وڃي: پيٽروليم وزارت*
  • تڪبندين ۽ اليڪٽورل رول ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، نيون تڪبنديون 2017ع جي آدم شماري پٽاندڙ ڪيون ويون: اليڪشن ڪميشن*سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق خلاف درخواست تي ٻڌڻي، اليڪشن ڪميشن جواب جمع ڪرايو*آبادي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ شماريات کاتي جي رڪارڊ ۾ فرق آهي، اُن بنياد تي ٿيل چونڊون ڌانڌلي سٽيل آهن: درخواستگذار*
  • ڪنڊيارو ڀرسان عورت ٻن معصوم ٻارن سوڌو شاخ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*ڪراچي واسڻ انشيلا کوسو ۽ سندس ڌيءُ فوت، لاش هٿ ڪيا ويا، مقامي ماڻهن پُٽ کي بچائي ورتو *
  • *الطاف ابراهيم قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر بڻجي ويو*
  • *ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات، موسم خوشگوار، ٿڌ ۾ واڌ*

4 مهينن کان بااثرن وٽ قيد زال ۽ ڌيءُ کي بازياب ڪرايو: گهوٽڪي واسي جي دانهن

سکر(بيورو رپورٽ) گهوٽڪي واسي نوجوان گهرواري ۽ ڌيءُ کي اغوا ڄاڻائيندي سندن بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي. علي انور گبول سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته 4 مهينا منهنجي گهرواري مسمات تسليم ۽ 5 ورهين جي نياڻي دعا کي برادري جي بااثر ماڻهن اغوا ڪيو، ڪافي ڀيرا شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس سندن بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي عمل ۾ ناهي آندي، ڇاڪاڻ ته جوابدار بااثر آهن. هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي گهرواري ۽ نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.