تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

4 سال ڊاڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندڙ همراهه پنجين فيل ٺڳ نڪتو!

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ چار سال ڊاڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندڙ همراهه پنجين فيل نڪتو، 23 ورهين جو ڊاڪٽر ويراگنڌم ڪڏهن به ميڊيڪل جي تعليم حاصل نه ڪئي هئي پر هو پاڻ کي ڊاڪٽر ڄاڻائي 16 مختلف نجي اسپتالن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. همراهه مقامي انتظاميا ۽ بنگلورو پوليس سان گڏ ڪورونا ميڊيڪل ڪيمپس ۾ به ڪم ڪيو پر ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته هي همراهه پنجين فيل آهي. همراهه جو ڦاٽ ان وقت ڦاٽو جڏهن سندس زال هن خلاف ذهني دٻاءُ وجهڻ جي شڪايت داخل ڪرائي. همراهه خلاف جڏهن جاچ ڪئي وئي ته پوليس کي همراهه جا سڀ ڪوڙا دستاويز هٿ آيا جن جي زور تي ڊاڪٽر بڻجي ماڻهن کي ٺڳي رهيو هو.

Bookmark the permalink.