تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

4 جريبن تي واقع ڳڙهي تيغو 3 صوبن جي ڌاڙيلن لاءِ محفوظ پناهگاهه: اغوائن جو مرڪز

ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ واقع ڳوٺ تيغو سردار جي نالي پويان قائم، ڳڙهي تيغو کي سردارن جو ڳوٺ به سڏيو وڃي ٿو

ڌاڙيلن لاءِ جنت سمجهيو ويندڙ ڳڙهي تيغي ۾ قائم 10-12 دڪانن ۽ هوٽلن تي ڏوهاري ٽولا سرعام ويهن ٿا، پوليس لاءِ پهچڻ چئلنج بڻيل

ڪنڌڪوٽ/چڪ(رپورٽ: عمران کوسو+ آزاد انور مهر) ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعي جي ڪچي وارو علائقو ڳڙهي تيغو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو تيغو سردار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ڳڙهي تيغي کي سردارن جو ڳوٺ به سڏيو ويندو آهي. 4 جريبن تي مشتمل ان ڳوٺ ۾ 10 کان 12 دڪان آهن، ڪجهه هوٽلون به آهن جتي تيغاڻي برادري جا ماڻهو صبح کان شام تائين هوٽلن تي ويهي شام جو واپس ويندا آهن، جڏهن ته انهن هوٽلن تي ڏوهاري قسم جا ماڻهو به اچي ويهندا آهن پر پوليس لاءِ ان علائقي ۾ پهچڻ ڏکيو ۽ وڏو چيلينج آهي. جيتوڻيڪ، ڪشمور ۾ ايندڙ مختلف ايس ايس پيز جي دور ۾ ڳڙهي تيغي واري علائقي ۾ آپريشن به ڪيا ويا پوليس ڏوهارين جو وار به ونگو نه ٿيو، پوليس کي وڏو نقصان ڏسڻ ۾ آيو. مليل ڄاڻ مطابق جتي ڳڙهي تيغي جا ڌاڙيل محفوظ پناهه گاهه ٺاهي ويٺل آهن اهو علائقو ڪچو ٻيٽ سڏيو ويندو آهي، جيڪو درياءَ جي پيٽ ۾ لڳ ڀڳ هڪ جريب تي مشتمل ٻيٽ آهي. دهشت جي علامت بڻيل ڌاڙيل ٻيلو تيغاڻي ۽ جهنگل تيغاڻي اتي رهن ٿا، جيڪي پوري سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن. هنن ٻنهي ڌاڙيلن وٽ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا ڏوهاري ڏوهي وارداتون ڪري اچي پناهه وٺندا آهن. ڏوهاري هن علائقي ۾ پناهه وٺندا آهن. جڏهن ته ڪشمور- ڪنڌڪوٽ کانسواءِ خيرپور، سکر، شڪارپور، رحيم يار خان، راجنپور، ڪراچي، صحبتپور، ڪوئيٽا، پنوعاقل سميت ٻين شهرن مان اغوا ڪيل ماڻهن کي به ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ پهچايو ويندو آهي ۽ اتان ڌاڙيل مغوين جي وارثن سان ڊيل ڪري ڀنگ وٺندا آهن، تيغاڻي ڌاڙيلن کي ڏهارين کي پناهه ڏيڻ توڙي مغوي رکڻ تي حصو پتي ملندو آهي. مليل ڄاڻ مطابق ڳڙهي تيغو ۾ رهندڙ ڌاڙيلن جو نيٽ ورڪ ايترو ته مضبوط آهي جو پوليس جڏهن به ڳڙهي تيغي واري علائقي ۾ آپريشن ڪندي آهي ته مختلف هنڌن تان ڌاڙيلن جا ٽولا سندن مدد لاءِ پهچي ويندا آهن.
ڌاڙيل من پسند آفيسر به رکرائين ٿا، ڊيل رڳو ڪشمور پوليس سان ڪن ٿا
ڪنڌڪوٽ: ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور ضلعن جي پوليس تي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ موجود ڌاڙيلن جي هميشه دهشت رهي آهي، جيڪو ايس ايس پي ڌاڙيلن جي ڳالهه نه مڃيندو آهي ته ڌاڙيل ضلعي جو امن خراب ڪندا آهن. ڌاڙيل ايس ايچ اوز ۽ وڏا منشي به منپسند ماڻهن کي رکرائيندا آهن. جنهن سبب هاڻ ڪشمور- ڪنڌڪوٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ هڪ سهڪار واري رشتو قائم آهي، جيڪو به ماڻهو اغوا ٿيندو آهي، پوليس ڌاڙيل سان ڊيل ڪري بازياب ڪرائيندي آهي، مغوي ڪٿان به اغوا ٿيل هجي پر ڌاڙيل ڳالهيون ڪشمور پوليس ذريعي کي ڪندا آهن، جنهن جو مثال شڪارپور مان جگر جلال جو اغوا آهي. ڪشمور پوليس ۾ ڌاڙيلن سان ڊيلنگ وارن معاملن تي پوليس عملدار گل محمد مهر کي خاص مهارت حاصل آهي.
فضيلا سرڪي به 12 سالن کان ڳڙهي تيغي ۾ قيد
ٺل (رپورٽ: مير ڀٽي) ٺل واسڻ نينگري فضيلا سرڪي 12 سالن کان ڳڙهي تيغو جي علائقي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد هئڻ جا اطلاع آهن.فضيلا سرڪي 2007ع ۾ ٺل جي ننڍڙي ڳوٺ علي حسن سرڪي مان پنهنجي گهر ڀرسان ننڍڙي دڪان ويندي اغوا ٿي ويئي، جيڪا 12 سال گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهي آهي، سندس پيءُ عبدالرزاق سرڪي ۽ ماءُ سڪينا سرڪي جو چوڻ آهي ته فضيلا ڳڙهي تيغو ۾ قيد ڪيل آهي، جتي پوليس وڃڻ لاءِ تيار ناهي. عبدالرزاق ۽ سڪينا سرڪي ٺل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان پوليس عملدارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جي بنگلن جا چڪر هڻي ٿڪجي پيا آهيون. پر ڪٿان به اميد پيدا ناهي ٿي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڊيل تحت جگر جلال بازياب ٿي سگهي ٿو ته فضيلا سرڪي بازياب ڇو نه ٿي سگهي؟ هنن گهر ڪئي ته جيئن جگر جلال کي ڊيل تحت بازياب ڪرايو ويو آھي ته اھڙي طرح فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو وڃي.
جتي ڌاڙيلن رکيو هو، اتي چوطرف پاڻي هو: جگر جلال
چڪ: تازو اغوا بعد بازياب ڪرايل مشهور فنڪار جگر جلال “پنهنجي اخبار” سان تفصيل ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مونکي سج لٿي جو ڪرمپور لاڙي کان چوهي شاخ ڀرسان 2 پوليس چوڪين وٽان اغوا ڪيو ويو، جنهن جاءِ تي اسان کي رکيائون، اتي چئوطرف پاڻي ئي پاڻي هو ۽ علائقو ويران هو. اتي اسان کي وڏا زنجير وجهي ٻڌي رکيو ويو، صرف ماني ڏيڻ وقت زنجير کوليندا هئا. ڌاڙيلن ڪڏهن به ڳالهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، وٽن جديد ترين هٿيار هئا. اسان مٿان ڪڏهن به تشدد نه ڪيائون. هن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيلن جي ٻولي سنڌي هئي پر چهرن مهانڊن مان الڳ الڳ ٿي لڳا. اسان جي بازيابي ڊيل تحت نه پر ڊي ايس پي جي شهادت بعد پوليس پريشر جي نتيجي ۾ ٿي. ڌاڙيل مونکي ان شروعات ۾ هڪ ڪروڙ جي گهر ڪندي چيو ته جگر تنهنجو ملهه هڪ ڪروڙ لڳو آهي. مون کين واضح طور چيو ته مان فقير ماڻهو آهيان مسڪين فنڪار آهيان مون وٽ ڪروڙ ڪٿان آيو. واپسي مهل اکيون ٻڌي ٻيڙي تي چاڙهي هڪ ويران جاءِ تي ڇڏي ڪري ويا، جتان اسان کي نامعلوم ماڻهن کڻي ايس ايس پي ڪشمور وٽ پهچايو.
سرڪار معافي ڏئي ته پيش پوڻ لاءِ تيارآهيان: ٻيلو تيغاڻي
چڪ: ٻيلو تيغاڻي چيو ته قبيلائي تڪرار ۽ ڪوڙن ڪيسن کان تنگ ٿي ڏوهن جي دنيا ۾ آيس، هاڻي جتي به واقعو ٿئي ٿو، ڪيس مون تي داخل ڪيو وڃي ٿو. هن وقت به ايترا ڪيس آهن انگ اکر به ياد ناهن. هن چيو ته بجاراڻين سان جهيڙو آهي جن منهنجو بيگناهه ڀائيٽو قابل تيغاڻي ماريو، اڄ به خير ڪرڻ چاهيان ٿو. بجاراڻي سردار محبوب بجاراڻي کانسواءِ مزاري، سندراڻي يا جتوئي سردارن وٽ فيصلي لاءِ راضي آهيان. هن ٻڌايو ته 2001 ۾ ايس پي نادر کوسي گرفتار ڪيو، ڪيترائي سال بيگناهه جيل ڪاٽي 2010 ۾ آزاد ٿيس. هن چيو ته ڏوهن جي دنيا کان تنگ ٿي چڪو آهيان جيڪڏهن سرڪار عام معافي ڏئي ته پيش پوڻ لاءِ تيار آهيان. هن ٻڌايو ته ڊي ايس پي رائو شفيع الله کي مون يا منهنجي ڪنهن به ماڻهو نه ماريو آهي. عورتاڻي آواز تي اغوائن جا واقعا سڄي ملڪ ۾ ٿين ٿا، نشانو رڳو ڳڙهي تيغي کي بڻايو ٿو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته آئون ڪنهن جو نالو نه کڻدس باقي پوليس آفيسر مدد لاءِ ايندا آهن ۽ وس آهر انهن جي مدد ڪندو آهيان.
ٻيلو تيغاڻي منير مصراڻي کان وڌيڪ هاڪ ڄمائڻ لاءِ جگر جلال کي اغوا ڪيو
چڪ: ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلي وارا ڌاڙيل هڪ ٻئي کان وڌيڪ هاڪ ڄمائڻ لاءِ عجيب وارداتون ڪندا رهن ٿا. مليل ڄاڻ مطابق ڌاڙيل منير مصراڻي خلاف چڪ آپريشن ۾ ايس ايچ او سميت 5 اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ ڏوهاري حلقن ۾ منير مصراڻي جي مشهوري ٿي وئي، جنهن بعد ٻيلو تيغاڻي پنهنجي هاڪ ڄمائڻ لاءِ جگر جلال کي اغوا ڪرايو. ڇاڪاڻ ته ڌاڙيلن کي به خبر هئي ته فنڪار کان ڪجهه به نه ملندو سواءِ مشهوري جي. ڌاڙيلن سان ويجهڙائي رکندڙ پوليس عملدار به مڃين ٿا ته منير مصراڻي جي مشهوري بعد تيغاڻي ڌاڙيل جگر جلال جهڙي ڪنهن هاءِ پروفائيل اغوا جي تاڙ ۾ هئا.
هلندڙ سال سنڌ پوليس 27 انعام رکيل ۽ اشتهاري ڏوهارين جو “بليڪ بڪ“ جاري ڪيو
چڪ: 8 جولاءِ 2019 تي سنڌ پوليس پهريون ڀيرو انعام رکيل 27 خطرناڪ ڏوهارين جو “بليڪ بڪ” تيار ڪيو، جنهن ۾ شڪارپور، ڪشمور، لاڙڪاڻي، قمبر، جيڪب آباد، سکر، خيرپور، گھوٽڪي، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، دادو، مٽياري، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سانگھڙ ۽ نوشهروفيروز جي انعام رکيل ۽ اشتهاري ڏوهارين جون تصويرون به ڏنيون ويون. ان لسٽ ۾ 2 کان 40 لکن تائين انعام رکيل ڏوهارين جا نالا به شامل ڪيا ويا هئا. جڏهن ته شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعي جي بدنام ۽ انعام رکيل ڏوهارين ڪرم سندراڻي، منير مصراڻي، زمان سندراڻي، لڌو تيغاڻي، ميرو جاگيراڻي، الاهي بخش سبزوئي، ارشو شر، جھانگيل تيغاڻي، قابل تيغاڻي، حاڪم تيغاڻي، شاهه بخش تيغاڻي، قمبر ضلعي جي آدم جاگيراڻي، 40 لک انعام رکيل وڇون چانڊيو، 20 لک انعام رکيل عثمان لالو بروهي، علي جان مارفاڻي، سرتاج چانڊيو ۽ لاڙڪاڻي جي سومار ناريجو سميت مصطو ناريجو، راهمو ڦلپوٽو، اصغر ناريجو، فضلو ناريجو، بروهي عرف شمو ناريجو، باجو ناريجو ۽ جا نالا به شامل آهن. ڪتاب ۾ ڏوهارين خلاف داخل ايف آءِ آرز ۽ سندن رهائشي پتن جا تفصيل ڏيڻ سان گڏ تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن.
رڳو 9مهينن ۾49 ماڻهو ڀنگ لاءِ اغوا ٿي چڪا
چڪ: ڳڙهي تيغي وارو علائقو عورتاڻي آواز تي نوجوانن سان ڳالهائي کين پيار جو دوکو ڏيئي گهرائي ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ جي انڊسٽري طور مشهور بڻيل آهي. ذريعن وٽان مليل معلومات موجب جنوري کان سيپٽمبر تائين مختلف موقعن تي 9 مهينن دوران 49 ماڻهو اغوا ٿي چڪا، جن مان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل جو تعداد 30 جي لڳ ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن موجب هن وقت شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ عورتاڻو آواز ڪڍي ماڻهو هرکائي اغوا ڪندڙن جا گروهه سرگرم آهن، جن مان وڏي اڪثريت شڪارپور جي ڳڙهي تيغي جي آهي جتي 4 ٽولا سرگرم آهن، جڏهن ڪنڌڪوٽ 2 ۽ گهوٽڪي ضلعي هڪ ٽولو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب عورتاڻو آواز ڪڍڻ جي مهارت رکندڙن ۾ سهراب تيغاڻي، معشوق ميراڻي، شاهن ڀنگوار، ديدار جتوئي ۽ اقبال ميراڻي شامل آهن.
ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلو جي87 هزار ايڪڙ زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي ڌاڙيلن جو قبضو
ڪنڌڪوٽ/چڪ: ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلو اتر سنڌ جا 2 جاڙا ٻيلا سمجهيا ويندا آهن جن جون سرحدون نه صرف شڪارپور پر ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، سکر ۽ گهوٽڪي سان لڳن ٿيون. ٻنهي ٻيلن ۾ ڌاڙيلن جا وڏا ٽولا سرگرم آهن جن ڳڙهي تيغو کان شاهه ٻيلي تائين گڏيل طور 87 هزار ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن، ڌاڙيلن نه رڳو هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪيا پر اتي قدرتي وسيلن تي پڻ انهن جو قبضو آهي، جن ۾ ڪاٺ، مڇي، ڪانا، ڪانهن، تر، ماکي، قدرتي شڪار شامل آهن. جڏهن ته زمينن ۾ ساريون، ڪڻڪ، مٽر، چڻا، ٽماٽا، بصر ۽ ٻيون فصل پوکيا ويندا آهن. ذريعن موجب اهي فصل مارڪيٽ تائين پهچائڻ ۾ پوليس ۾ موجود ماڻهو ئي انهن جي مدد ڪندا آهن ۽ رستو ڏيندا آهن، جنهن مان پوليس جي ماڻهن کي به حصو ملندو آهي.
منظور سخيراڻي، نسرين ناز ۽ ڊاڪٽر سنتوش ۽ ٻين شخصيتن کي اغوا ڪري ڳڙهي تيغي ۾ رکيو ويو
چڪ: ماضي ۾ سريلي فنڪار منظور سخيراڻي ۽ سنڌي ڊرامن جڳ مشهور اداڪاره نسرين ناز سوڌو اڪثر وڏن ۽ ناليوارن ماڻهن کي پڻ ڳڙهي تيغي ۽ آسپاس جي ڪچي ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي. 2007 لاڙڪاڻي جو مشهور ڊاڪٽر سنتوش ڪمار به اغوا ڪري ڳڙهي تيغو ۾ قيد رکيو ويو ۽ پوءِ شاهه ٻيلي تائين پهچايو ويو، اهو ڪيس پروفائيل بڻيو، جنهن جو سپريم ڪورٽ 2 ڀيرا سوموٽو ايڪشن ورتو هو،

Bookmark the permalink.