تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

30 يونين ڪائونسلز ماهوار 5 لک رپيا ملڻ باوجود ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو

چئن سالن جي شروعاتي ٻن سالن تائين 2 لک رپيا ۽ آخري 2 سالن دوران 5 لک رپيا ماهوار مليا

ڄامشورو: ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلز ۾پنج لک رپيا في ڪائونسل جي حساب سان سنڌ حڪومت پاران او زيڊ ٽي شيئر مان ماهوار ڏيڍ ڪروڙ رپيا ملڻ باوجود ظاهري طور ڪو به ڪم ٿي نه سگهيو آهي، يوسيز جي اڳوڻن چيئرمينن موجب چئن سالن جي شروعاتي ٻن سالن تائين 2 لک روپيا ۽ آخري 2 سالن دوران 5 لک رپيا ماهوار ملندڙ فنڊز منجهان ڳچ حصو ملازمن جي پگهارن ۾ هليو ويو، هر يونين ڪائونسل اندر، سيڪريٽري، ڪلارڪ، ڪمپيوٽر آپريٽر، نائب قاصد ۽ چوڪيدار جون پنج پوسٽون آهن، سندن چوڻ آهي ته باقي بچيل پئسن مان صفائي سٿرائي ۽ هلندڙ واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي مينٽنينس تي خرچ ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته ڪيترين ئي يوسيز ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت يارنهن نمائندن جا هر مهيني غير قانوني وظيفا پڻ مقرر ٿيل هئا جن کي پئسا ڏيڻ لاءِ صفائي سٿرائي جي مد ۾ ٿيندڙ ڪوٽيشز ذريعي بل پاس ڪرايا ويندا هئا.

Bookmark the permalink.