تازا ترين
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني

ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين: صوبائي وزير

منهنجي نظر ۾لسانيت ۽ نفرت جي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شخص الطاف حسين آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) 28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ سرڪار پري پرائمري، پرائمري ۽ مڊل اسڪولز 28 سيپٽمبر کان کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تعليمي ادارن لاءِ ايس او پيز ۾ سختي ڪئي وئي آهي، نجي اسڪولز جي تنظيمن سان سڀاڻي ملاقات ڪري ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ زور ڀريو ويندو، سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز ۾ ٽيمن ذريعي ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته ٻارن جي سماجي وٿي برقرار رکڻ لاءِ تعليمي ادارن کي اختيار ڏنو آهي ته شفٽن ۾ ڪلاسز هلايا وڃن، اسان اسڪول کولڻ يا ٻارن کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڪوبه زور نه ڀري رهيا آهيون، والدين سمجهن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ٻارن کي اسڪول نٿو موڪلي سگهجي ته اُهي ڀلي پنهنجي ٻارن کي نه موڪلين، تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي ٽرانسپورٽ لاءِ به ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن، والدين ڪوشش ڪن ته ٻارن کي پاڻ اسڪول ڇڏي اچن ۽ واپس وٺي وڃن. تعليم واري صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾شرڪت نه ڪري سندن سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندس نظر ۾ نفرت جي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شخص الطاف حسين آهي، سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊون ويجهو ايندي ئي متحد وارا لسانيت جي سياست شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

Bookmark the permalink.