تازا ترين
  • ٻوڏ صورتحال ۾ ڪاڇي واسين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: وڏو وزير*وڏي وزير جي دوري دوران متاثرن لاءِکاڌي پيتي جي شين سوڌو امدادي سامان انتظاميه کڻي وئي*
  • نئن گاج جَي پاڻي ڪاڇي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، يوسيز ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا*ڏورانهن علائقن ۾ ڪيترائي خاندان نئن جي پاڻيءَ ۾ پڻ ڦاٿل، محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيا*ڪيترن شهرن جا رابطا ڪٽيل، پاڪ فوج سميت ضلعي انتظاميه پاران امدادي ڪارروايون جاري*

22 ڪلاڪ گيم کيڏندڙ نوجوان جي ٻانهن سڪي وئي

بيجنگ (دلچسپ نيوز) چين ۾ روزانو 22 ڪلاڪ گيم کيڏندڙ نوجوان جي ٻانهن سڪي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي صوبي گوانگسي ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون دوران روزانو 22 ڪلاڪ ڪمپيوٽر گيم کيڏندڙ 15 سالن جي نوجوان جي ٻانهن مفلوج ٿي وئي. ڄاڻايول نوجوان جي ماءُ جو چوڻ آهي ته ڪورونا لاڪ ڊائون دوران اسڪول بند هئا ۽ زيائو بن پنهنجي ڪمري ۾ روزانو تقريبن 22 ڪلاڪ گيم کيڏڻ ۾ رڌل رهندو هو. رپورٽ موجب زيئاوبن نائين ڪلاس جو شاگرد آهي لاڳيتو گيم کيڏڻ سبب سندس ٻانهن متاثر ٿي آهي جنهن سبب هو هٿ چورڻ کان قاصر آهي.

Bookmark the permalink.