تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

2014ع ۾ ڄامشوري ڀرسان هٿياربندن سماجي اڳواڻ کي بيرحميءَ سان قتل ڪيو هو

2014ع ۾ ڄامشوري ڀرسان هٿياربندن سماجي اڳواڻ کي بيرحميءَ سان قتل ڪيو هو

ماڊل ڪورٽ سماجي اڳواڻ بخت جمال سومرو قتل ڪيس جي جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڄامشورو جي ماڊل ڪورٽ جوهي واسي سماجي اڳواڻ بخت جمال سومرو قتل ڪيس جي جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڄام شورو جي ماڊل ڪورٽ سماجي اڳواڻ بخت جمال سومرو جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدار محبت مغيري کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته هڪ ٻئي جوابدار ايوب مغيري کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. 2014ع ۾ جوهي واسي سماجي اڳواڻ بخت جمال سومرو جي برحماڻي قتل خلاف سندس ڀاءُ خادم سومرو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس جو 4 سالن کانپوءِ فيصلو ٿيو ۽ جوابدارن کي سزا ملي وئي آهي.

Bookmark the permalink.