تازا ترين
  • *خيبرپختونخواهه ۾ ٽن وزيرن کي ڪابينا مان نيڪالي ڏني وئي*
  • *ڪٿي به ناهي لکيو ته 2019ع ۾ پاڪستان اندر ڪرپشن وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو*
  • *ڪرمپور ڀرسان ڌاڙيل ڳوٺاڻي کي مبينا اغوا ڪري ويا: اوڳاهي ۽ تيغاڻي برادري جون ڌُريون مورچابند: فائرنگ: علائقي ۾ خوف*
  • *ٺٽو ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل گاڏي پوليس پڪٽ ۾ ڪاهي پئي*
  • *حيدرآباد جي گُم ڄاڻايل ناري نئون ڪوٽ ۾ پوليس کي هٿ: اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويو هو: نجمه خاصخيلي*
  • *اڳڙا ڀرسان مبينا مقابلو: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 اهلڪار زخمي*
  • *ريلوي کاتي جا جُڳاڙ: خيرپور ۾ ٽرين پٽڙيءَ تان لهي وئي: مسافرن جون دانهون*
  • *جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ملير واسين جي گاڏي سان حادثو پيش آيو، 8 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *ڳاڙهو لڳ گاڏي سِم نالي ۾ ڪري پئي: 30 کان وڌيڪ زخمي*

19 سالن جي عمر ۾ ڪيترائي ڀيرا ريپ جو نشانو بڻايو ويو: ليڊي گاگا

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي پاپ ڳائڻي 32 سالن جي ليڊي گاگا اعتراف ڪيو آهي ته رڳو 19 سالن جي عمر ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا ريپ جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب هن ذهني دٻاءُ ۽ پريشانين کي منهن ڏنو. آمريڪي فيشن ميگزين ٽين ووگ موجب ليڊي گاگا اوپرا ونفري کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ پاڻ سان پيش آيل اڻ وڻندڙ واقعن ۽ ذهني صحت جي مسئلن تي کليل نموني ڳالهائيندي اهو عزم ورجايو ته هو ذهني مسئلن جو شڪار عورتن جي مدد ڪندي رهندي. ليڊي گاگا پنهنجي نوجواني جي ڳالهه ڪندي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي ۽ هن چيو ته کيس 19 ورهين جي عمر ۾ هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا ريپ جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب هو ذهني دٻاءُ ۽ پريشاني جو شڪار به ٿي وئي. پاپ ڳائڻي موجب وري وري ريپ ڪرڻ سبب سندس ذهن تي ناڪاري ۽ خراب اثر پيا جڏهن ته سندس خوش قسمتي آهي جو هو جلد ئي مشهور ڳائڻي بڻجي وئي ۽ هن آمريڪا مان نڪري دنيا جي ٻين ملڪن جو دورو به ڪيو جنهن سبب سندس ذهني پريشاني گهٽجي وئي. ڳائڻي انٽرويو دوران اهو به چيو ته جڏهن ساڻس اڻ وڻندڙ واقعا پيش آيا ۽ هو ذهني مسئلن جو شڪار ٿي ته ڪير به سندس ڳالهه سمجهڻ يا مدد ڪرڻ لاءِ موجود نه هو ڊاڪٽرن به مسئلو سمجهڻ کان قاصر هئا. هن عزم ورجايو ته هو نه رڳو هراساني جو شڪار عورتن پر
ذهني مسئلن جو شڪار رهندڙ عورتن جي مدد لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيندي.



Bookmark the permalink.