تازا ترين
  • *ملير ويجهو ناردرن باءِ پاس ويجهو همدرد يونيورسٽي وٽان گوليون لڳل لاش هٿ *لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *مدئجي پوليس جي شرن جي وانڍ تي چڙهائي،گهر گهر تلاشي بعد 2 ڄڻا گرفتار *جوابدار مهراب شر جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي،ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي:پوليس * پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺافوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو *24ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 807 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو*

16 ڊسمبر 2014ع تي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ 141 ڄڻا شهيد ٿيا هئا

اسلام آباد: پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن 16 ڊسمبر 2014ع تي حملو ڪري 132 ٻارن سميت 141 ڄڻن کي شهيد ڪيو هو.انڪوائري ڪميشن اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2014ع ۾ ٿيل واقعي جي شهيد ٿيل شاگردن ۽ وارثن جي درخواست تي 2018ع ۾ قائم ڪئي هئي. ڪميشن پاران ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن ۽ شهيد ٿيندڙ ٻارن جي والدين سميت 132 ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا جن ۾ 101 عام شهري ۽ 31 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ آفيسر شامل هئا. ڪميشن جي سربراهه محمد ابراهيم خان پاران جوڙيل رپورٽ 525 صفحن ۽ 4 حصن تي مشتمل آهي.

Bookmark the permalink.