تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

117 سالن جي جاپاني عورت سڀ کان ڊگهي ڄمار ماڻڻ جو رڪارڊ ٺاهي ورتو

ڪراچي (دلچسپ نيوز) جاپان سان واسطو رکندڙ پيرسن عورت سڀ کان وڌيڪ سالگرهه ملهائڻ جو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري ورتو. نجي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪين ٽاناڪا نالي عورت پنهنجي 117هين سالگرهه جاپان جي ڏاکڻي علائقي فوڪيوڪا ۾ ملهائي جنهن کانپوءِ کيس دنيا ۾ ڊگهي وقت تائين جيئري رهڻ جو اعزاز حاصل ٿي ويو. ٽاناڪا آچر ڏينهن پنهنجي نرسنگ هوم ۾ دوستن ۽ استاف سان سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو جنهن کي سرڪاري ٽي وي تي به لائيو نشر ڪيو يو. رپورٽ موجب ٽاناڪا جي پيدائش 2 جنوري تي ٿي پر هن پنهنجي دوستن ۽ اسٽاف سان پنج جنوري تي سالگرهه ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ان موقعي تي هن ڪيڪ کائي ان خواهش جو اظهار ڪيو ته مان وڌيڪ مرڪڻ چاهيان ٿي. عالمي رڪارڊ سهيڙيندڙ اداري گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي ٽيم گذريل سال مارچ ۾ ئي ٽاناڪا کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ جيئري رهندڙ عورت جو لقب ڏنو هو. ان وقت سندس عمر 116 سال ۽ 66 ڏينهن هئي پر کيس بقاعده گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جو سرٽيفڪيٽ سندس سالگرهه ملهائڻ کانپوءِ ڏنو ويو. ياد رهي ته جاپان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جتان جا ماڻهو ڊگهي عمر ماڻين ٿا. ٽاناڪا جي پيدائش 1903ع ۾ ٿي جنهن کانپوءِ هن 1922ع ۾ شادي ڪئي ۽ پوءِ وٽس چئن ٻارن جي پيدائش ٿي جڏهن ته پنجين کي هن هنج ورتو هو.

Bookmark the permalink.