تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

11 قسمن جون مڇيون زمين تي به هلي سگهن ٿيون!

واشنگٽن (دلچسپ نيوز) مڇين جو زمين تي هلڻ کل جوڳي لڳي ٿو پر هڪ تحقيق ۾ ماهرن ٻڌايو آهي ته 11 قسمن جون مڇيون اهڙيون آهن جيڪي يا ته سمنڊ جي تري ۾ يا پاڻي مان نڪري خشڪي تي هلي سگهن ٿيون. ماهرن ايشيا جي مشهور هل اسٽريم لوچ فش جي ڍانچن جو تفصيلي مشاهدو ڪيو آهي. ان کانسواءِ اسان کي خبر آهي ته غارن ۾ رهندڙ اينجل فش به اهڙي صلاحيت رکي ٿي. ماهرن موجب مڇين جيمرڪزي هڏي ۽ ان جي پرن وچ ۾ لاڳاپو هوندو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هي مڇيون هلي سگهن ٿيون. ان کانسواءِ لوچ فش جا ٻيا 29 قسم به آهن جن جو جائزو ورتو ويو. ان مان پتو پيو ته تقريبن 10 يا 11 مڇيون اهڙيون آهن جيڪي اهڙا خواص رکن ٿيون ۽ زمين تي هلي سگهن ٿيون.

Bookmark the permalink.