تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

ڳڙهي ياسين پوليس هڪ مبينا ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

ڳڙهي ياسين پوليس هڪ مبينا ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

ڳڙھي ياسين(ن پ ا) ڳڙھي ياسين پوليس مبينا ڏوهاري کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. پوليس موجب گشت دوران کجي باغ وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڏوھاري محمد حسن تيغاڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس قبضي مان پسٽل به هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جا ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. زخمي ڏوهاري کي سول اسپتال شڪارپور مان طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو.

Bookmark the permalink.