تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڳڙهي ياسين ويجهو ڇتي ڪتي 6 ٻارن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، 2 سخت زخمي ٻار شڪارپور ريفر، هڪ معصوم جو مٿو ڦاٽي پيو

ڳڙهي ياسين اسپتال ۾ ويڪسين اڻلڀ، ٻارن جي وارثن پاران ويڪسين فراهم ڪرڻ جو مطالبو

ڳڙهي ياسين(رپورٽ: عبدالوحيد ڀٽو)ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ غلام رسول جعفري ۾ ڇتي ڪتي 4 معصوم نينگرين سميت 6 ٻارڙن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، ڇتي ڪتي هڪ معصوم جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو. ڳوٺ غلام رسول جعفري ۾ ڇتي ڪتي ٻارن تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ٻار زخمي ٿي پيا، جن ۾ 5 ورهين جي مهناز ڌيءَ سلطان، 7 ورهين جي راڻي ڌيءَ عمران، آسيه ڌيءَ سليمان، زهره ڌيءَ محب علي جعفري، 12 ورهين جي ارشاد پٽ نظام الدين ۽ 10 ورهين جي مدثر پٽ عارف جعفري شامل آهن. جن کي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو ويو، جتي ويڪسين نه ملڻ سبب سخت زخمي ٻارن مدثر جعفري ۽ زهرا جعفري کي شڪارپور اسپتال نيو ويو. زخمين مان هڪ نينگر کي ڪتي ڏاڙهي سندس مٿو ڦاڙي ڇڏيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اصغر جعفري ٻڌايو ته ڳڙهي ياسين اسپتال ۾ ڪا به سهولت موجود نه آهي، جنهن سبب ڳڙهي ياسين واسين کي شڪارپور وڃڻو پوي ٿو. زخمي ٻارن جي وارثن مطالبو ڪيو ته ڪتي جي ڏاڙهيل سمورن ٻارن کي ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي سندن حياتيون بچايون وڃن.

Bookmark the permalink.