تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڳڙهي ياسين ويجهو معمولي ڳالهه تان ٽن شاگردن جي تذليل، جوابدارن ڪبوتر چورائڻ تان شاگردن جا وار ڪتريا

شاگردن جا وار ڪتري کين تذليل جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي

ٻڌايو پيو وڃي ته شاگردن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد وارثن کان ڏنڊ به وصول ڪيو ويو

ڳڙهي ياسين(ن پ ا)ڳڙھي ياسين ويجهو ڪبوتر چورائڻ جي الزام ۾ ٽن شاگردن جي تذليل، جوابدارن پاران شاگردن جا وار ڪترڻ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي. ميمڻ پاڙي جي رھواسي ٻن بااثر ڀائرن شڪيل احمد ۽ سندس وڏي ڀاءُ رفيق ميمڻ ٽن شاگردن بالو،مير ۽ احسان ميمڻ کي پنهنجي فارم هائوس تي يرغمال بڻايو ۽ سندن وار ڪتري کين تذليل جو نشانو بڻايو، اهڙي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدارن ڪبوتر چوري ڪرڻ جي الزام ۾ شاگردن کي تذليل کانپوءِ تشدد جو نشانو به بڻايو ۽ سندن وارثن کان 20 هزار رپيا ڏنڊ به وصول ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.